سنڌ جا سور ۽ نظام بدلائڻ لاءِ وک وڌائڻ جي ضرورت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جا سور ۽ نظام بدلائڻ لاءِ وک وڌائڻ جي ضرورت!​


    مير محمد پرهياڙ

    [​IMG]
    لطيف سائين جي ڪلام ُسر حسيني جي بيت جي پهرين سٽ آهي، ”سورن سانڍيياس پـُـورن پاليِ آهيان.“ ڪلياڻ آڏواڻي اُنهيءَ بيت جي تشريح هن ريت ڪئي آهي ته، ”مان سورن جي سانڍيل ۽ پورن (فڪرن) جي پاليل آهيان. سـُـک مـُـنهنجي تقدير ۾ ئي لکيا نه ويا. ڄڻ ته مان ڏکن جي ول جي ڳري (ڳڙي) هيس.“ شاهه سائين جو هي بيت اُن وقت جي حالتن جي ترجماني ڪري ٿو. اڄ کان ٽي سئو سال اڳ ۾ سنڌ جي عام ماڻهن جي زندگي اهڙي ئي ڏکائيندڙ هئي. هو بکن، ڏکن، بيوسي ۽ بي حسي جو شڪار هئا. اُن وقت دُنيا ۾ جاگيرداري دور هو، پر يورپ جي رهواسين محسوس ڪيو ته جيستائين هو جاگيرداري نظام مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪندا، تيستائين ترقي ڪري نه سگهندا. اُنهن جيئن ئي جاگيرداري دور مان صنعتي دور ۾ قدم رکيو ته هو ترقي جون منزلون ماڻيندا، دُنيا جي ايتري ته وڏن علائقن تي قابض ٿي ويا، جو عام چواڻي ٿي ويئي ته ”انگريزن جي راڄ ۾ سج لهي ڪونه ٿو.“ ساڳي ريت فرانس، اسپين، پورچوگيز ۽ ڊچ به دنيا ۾ پکڙجي ويا ۽ هنن به وت آهر گهٽايو ڪونه ۽ آفريڪا، ڏکڻ (لاطيني) آمريڪا، مڊل ايسٽ ۽ اوڀر ۾ انڊونيشيا وڃي پهتا.

    انگريز هوئن ته برصغير ۾ ٻه سئو سال رهيا، پر سنڌ ۾ به هـُـنن لڳ ڀڳ سئو سال حڪمراني ڪئي. انهن ڪجهه چڱا ڪم به ڪيا، جهڙوڪ سنڌي ٻولي جي صورتخطي وغيره تيار ڪرائي، آبپاشي جو بهترين نظام ڏنو ۽ ريلوي لائين جو ڄار وڇايو. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهو سڀ ڪجهه هنن انتظام کي هلائڻ ۽ واپار جي سهوليت ڪارڻ ڪيو. انهي ۾ هنن جا مفاد هئا پر جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ان وقت نه ٿئي ها ته ڇا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اهو ممڪن هو؟ خير اهو الڳ بحث آهي.

    ڳالهه جي شروعات ٿي هئي سورن ۽ ڏکن سان جنهن ۾ اسان جو سنڌي ماڻهو ان وقت به وڪوڙيل هو ۽ هاڻي وارين حالتن ۾ ڪو به خاص سڌارو نه آيو آهي. انگريز ته هئا ڌاريا، جن پنهنجي مفادن خاطر اُنهن ماڻهن کي زمينون انعام طور ڏنيون، جن هـُـنن پاران عام سنڌي ماڻهو تي ڏاڍ ڪيو، انهن کي معاشي طور بدحال ۽ سياسي طور غلام رکيو.

    پاڪستان ٺهيو ۽ ٻه ٽڪرا ٿيو، ون يونٽ جو دور آيو ۽ ويو، زرعي سڌارا هڪ دفعو نه، پر ٽي دفعا آيا ۽ عوامي حڪومتون آيون ۽ ويون ۽ وري آيون، پر سنڌي عام ماڻهن جي حالت بد کان بدترين ٿيندي پئي وڃي.

    ڪجهه ڏينهن اڳ سوئيڊن جي هڪ اداري ۽ اقوامِ متحده جي اداري فوڊ ۽ ايگريڪلچرل (F.A.O) جون رپورٽون اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن، جن مطابق پاڪستان جي تقريبن اڌ آبادي غربت جي سهپ واري لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي. مهانگائي، بيروزگاري يا گهٽ اُجورو ملڻ ڪري غريب طبقي جي خريد ڪرڻ جي قوت به گهٽجي ويئي آهي. ٻيو ته خير، پر پيٽ پالڻ لاءِ اٽو وٺڻ به اُنهن لاءِ محال ٿي ويو آهي. تن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو وٺڻ ته انهن گهڻو اڳ ڇڏي ڏنو آهي.

    وري جيڪڏهن تعليم ڏانهن نظر ڦيرائجي ٿي ته لڳي ائين ٿو ته ڪنهن گهري سازش تحت سنڌ جي عام ماڻهو کي تعليم جي زيور کان محروم رکيو پيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪي خوشقسمت پڙهي پيو ۽ معياري تعليم حاصل ڪيائين ته نوڪري لاءِ هنن کي در در جا ڌڪا کائڻا پون ٿا. هتي هڪ واقعي جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته گذريل حڪومت جي دور ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ جنهن طريقي سان لکت جي رزلٽ کي بدلائي ڪجهه ميمبرن پنهنجي ۽ من پسند دوستن ۽ ڪامورن جي اولاد، رشتيدارن ۽ سرڪار جي سفارشين کي نوڪريون ڏياريون ۽ ميرٽ تي پاس ٿيل اميدوارن کي رزلٽ ۾ هيرا ڦيري ڪري ناپاس ڪيو ويو، اُن جو مثال نه ملندو. مون کي چڱي طرح ياد آهي جو اهڙي هڪ پاس ٿيل اميدوار جي والد مايوس ٿي سندس پٽ کي چيو هو ته ”ابا سنڌ ۾ هاڻي نوڪريون صرف سفارشين يا ڪامورن جي اولاد کي ملنديون، اوهان اجايو ٿا پڙهو.“

    تعليم جو غير معياري هئڻ يا استادن جو تعليمي ادارن ۾ نه اچڻ ۽ جيڪڏهن حاضر هجن ٿا ته پڙهائڻ ۾ دلچسپي نه وٺڻ هڪ طرف، پر والدين يا شاگرد خود اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ دلچسپي نه وٺڻ جو سبب هي به آهي ته اسان وٽ ميرٽ جو تصور ختم ٿي ويو آهي. ڀلا جيڪڏهن ڪنهن کي سفارش يا پئسن تي نوڪري ملي وڃي ته پوءِ ڪهڙي ضرورت آهي جو مائٽ پڙهائي جا خرچ ڀرين يا شاگرد سڄا سارا اٺ ڪلاڪ روم ۾ ويّهي وقت ضايع ڪري!؟

    ڏسڻو آهي ته انهن حالتن جو ذميوار ڪير آهي؟ منهنجي سمجهه موجب انهيءَ جو بنيادي سبب آهي جاگيرداري نظام، جيڪو اسان کي ورثي ۾ مليو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وقت جا حڪمران يا ته انهيءَ جاگيردار طبقي سان تعلق رکن پيا، يا وري اهڙن ماڻهن جي پٺڀرائي ڪئي ويئي، جن استحصالي طبقي جي حڪومت مضبوط ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو جنرل ضياءَ جي دور ۾ شريعت ڪورٽ کان فيصلو ورتو ويو ته اسلام ۾ زرعي زمين جي مالڪي تي ڪا به حد نٿي لڳائي سگهجي. مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ فيصلي خلاف فوجي يا عوامي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ۾ نه ويئي آهي. ٻئي پاسي هندستان جي ليڊرشپ ورهاڱي کان ترت پوءِ زمين جي رکڻ جي حد مقرر ڪري ڇڏي. نه صرف اهو، پر اهو به شرط رکيو ويو ته زمين صرف اهو رکندو، جيڪو خود کيتي ڪندو ۽ وڪڻندو به صرف انهيءَ کي جيڪو پاڻ ڪاشتڪار هوندو. اهو ئي سبب آهي جو هندستان ۾ وڏي زمينداري آهستي آهستي ختم ٿي ويئي، ۽ هيٺين طبقي جي سياسي ليڊر شپ اڳتي اچي ويئي آهي.

    اسان جي ملڪ جي صورتحال ڪجهه مختلف آهي، پختونخوا صوبي ۾ جابلو علائقو گهڻو آهي ۽ زرعي زمين گهٽ آهي. پنجاب ۾ به سرائيڪي علائقي کان سواءِ وڏيون زمينداريون ختم ٿي رهيون آهن. بلوچستان ۾ آهن ئي جبل سواءِ ڪجهه علائقن، جهڙوڪ نصيرآباد، جعفرآباد ۽ ڊيره بگٽي جي، جتي سردارن ۽ نوابن جو ڪنٽرول آهي. رهي سنڌ ته هتي نظام ئي نرالو آهي. منهنجي کوجنا موجب سنڌ دنيا جو واحد خطو آهي، جتي گهڙيال جون سيون اُلٽيون هلي رهيون آهن، ڇو ته دنيا ۾ يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا ڇڏي جتي زرعي زمين رکڻ جي ڪا به حد مقرر ٿيل نه آهي، ۽ اُن جا سبب به آهن، پر زمين گهڻي رکڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي، ٿو ڇو ته انهن ملڪن ۾ انڊسٽريل سوسائٽي جو ڪلچر سياست تي حاوي آهي. بهرحال يورپ ۽ آمريڪا کي ڇڏي باقي دنيا جي ملڪن ۾ وڏيون زمينداريون يا ختم ٿي چڪيون آهن يا وري گهٽجن پيون، پر منهنجي سنڌ دنيا جو واحد خطو آهي، جتي زميندار خاندانن جي زرعي زمين ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. ايئن کڻي چئجي ته غلط نه ٿيندو ته نوان جاگيردار ميدان ۾ اچي رهيا آهن. ڪچي جي ٻيلن تي ته قبضو ٿي ويو، پر جيڪڏهن ڪچي ۾ رهندڙ غريبن وٽ بچيل ٽڪري هئي اها به وٺندا پيا وڃن. ساڳئي طرح ناري ڪينال جي ڀرسان يا وري گهوٽڪي ضلعي جي ريگستاني علائقن ۾ زمينون هٿ ڪري شاخون ڪڍي آباد ڪن پيا. ضروري نه آهي ته زمينون سندن يا اولاد جي نانءَ تي هجن، سگهارن ماڻهن کي ڪمدار، ڪاراوا يا نوڪر چاڪر ته تمام گهڻا آهن، ڪنهن نه ڪنهن جو نالو فٽ ٿيو اچي ۽ مالڪ پاڻ ٿيو ويٺا آهن. منهنجي انهيءَ کوجنا تي ڪنهن کي اعتراض به ٿي سگهي ٿو ۽ اُن کي حق آهي ته منهنجي درستگي ڪري.

    پاڻي جي غير منصفانه ورهاست جو وڏو سبب به اهو آهي، جو جيستائين سگهاريون ڌريون، پوءِ اُهي کڻي اقتدار ۾ هجن يا نه، اُنهن جون ڍنڍون ڍرارا نٿا ڀرجن ۽ سندن زمينون پوري طرح آباد نٿيون ٿين، تيستائين ننڍا آبادگار پاڻي جي حق کان محروم آهن.

    جنهن خطي ۾ اها صورتحال هجي ته پوءِ عام ماڻهو جي خوشحالي، ترقي ۽ سماجي انصاف لاءِ سوچڻ اجايو آهي، پر مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته قدرت جو قانون آهي ته حالتون هميشه لاءِ ساڳيون نه رهنديون آهن. هي فرسوده نظام پنهنجي پڄاڻي جي آخري ڏاڪي تي پهچي ويو آهي ۽ ترت موٽ کائيندو، پر زندهه قومون اُنهيءَ پڄاڻي جو انتظار نه ڪنديون آهيون ۽ هو نظام کي بدلائڻ لاءِ جدوجهد ڪنديون آهن. اُن جو موجوده تاريخ ۾ مثال چين آهي، جنهن جي آفيمچي عوام جڏهن مائوزي تنگ جي لانگ مارچ کي موٽ ڏني ته حالتن ايترو جلدي ڦيرو کاڌو جو ڪجهه سالن ۾ استحصالي نظام عوامي راڄ ۾ بدلجي ويو. چيني قوم جي مسلسل جدوجهد اڄ اُن ملڪ کي اقتصادي طور ايترو ته طاقتور ڪيو آهي، جو آمريڪا به چين کان اربين ڊالرن جا قرض وٺي پيو، پر انهيءَ لاءِ چيني قوم لکن ماڻهن جون قربانيون ڏنيون ۽ ڏک ڏٺا. شاهه چيو آهي ته ”ڏکن پٺيان سک گهوريان ڏک سکن ري.“ جيڪڏهن گهرائي سان ڏسجي ته سنڌي عوام ڏک ئي ڏک ڏٺا. سک ۾ ته هو ڪڏهين سنڀريو ئي ڪونه، پوءِ الائي ڇو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به اسان سستي نه ڇڏي آهي. ايئن نه ٿئي ته اسان جو نالو نشان ئي مٽجي وڃي. اهڙي قوم لاءِ شاهه لطيف 3 سئو سال اڳ چئي ويو آهي ته:

    غافل غفلت ڇوڙ تون ڪيئن اڻاسي اوجهري؟

    چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ،
    نيڻن ننڊ اکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين!

    سر ڪوهياري جي هن بيت جي تشريح ڪلياڻ آڏواڻي صاحب هيئن ڪئي آهي ته ”اي غافل غفلت ڇڏ، اي اڻاسي! تو ڪيئن ٿي خمار ۾ آجهرين؟ هو ميٺ ماٺ ۾ ڇپر تي چڙهي ويا ۽ وڃي منزل تي رسيا. اکين مان ننڊ ڪڍي ڇڏ، متان ڏونگرن جي ڏکين لڪن ۾ رڙيون ڪرڻيون پون ئي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو