ڏهس جو بادشاهه شاعر: محمد طالب لوهار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڏهس جو بادشاهه شاعر: محمد طالب لوهار

    تحرير: غلام شبير لغاري

    اڊوڙيجو ڳوٺ ٽنڊي باگي کان 14 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. ڪڏهن اڊوڙي کان اولهه طرف نار وهندي هئي. اڊوڙي جي سامهون چنڙي جو پتڻ به هو، جيڪو پڪن رستن کان اڳي نصير واهه جو اهم پتڻ ليکيو ويندو هو ۽ هاڻي نصير واهه جي اڊوڙي ريگيوليٽر مان ٽي واهه احسان، لنڊو ۽ ماڻڪ واهه نڪرن ٿا ۽ سنڌو مان ايندڙ لڙاٽيل پاڻي سان هتي جون ٻنيون ريج ٿين ٿيون. ان اڊوڙي جي پٽ تي ئي هارين جي حقن لاءِ وڙهندڙ پٺائي انڙ جو رت ڪريو هو. ۽ ان ئي اڊوڙي ۾ علامه مشرقي جي نعري هيٺ خاڪسار تحريڪ جون ٻه جون ڪئمپون پڻ لڳيون هيون. جن ۾ ڪيئي ڪتاب جو ليکڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي به خاڪسار طور شريڪ ٿيو هو. اڊوڙي جي تاريخي سڃاڻپ سانهن پٽ جو پنهنجو حُسن به آهي. اڄ به اڊوڙي بس اسٽاپ تي سُريل ۽ نمن جي وڏن وڻن جي ٿڌي ڇانءَ ۾ چاچي چوڌري لاکي جي ٻاڪڙا هوٽل جي چانهه جي لذت ٿڪ لاهيو ڇڏي. ان ئي اڊوڙي جي تاريخي ڳوٺ ۾ ڏهس جي شهنشاهه شاعر محمد طالب لوهار 15 ڊسمبر 1912ع تي جنم ورتو. سندس والد محمد سومار لوهارڪي ڪم ڪرڻ سان گڏ سگهڙ ۽ ڀٽائي جو پارکو هو. اڊوڙي جي ڳوٺ جي ٻهراڙي واري ماحول ۾ محمد طالب بانبڙا پائيندي هلڻ سکيو. هي جڏهن اسڪول وڃڻ جي عمر ۾ پهتو ته سندس پيءُ محمد سومار کيس اڊوڙي جي ويجهو ڳوٺ ٿوهي ۾ هلندڙ مڪتب ۾ ويهاريو، ۽ پنهنجي ڀاءُ محمد سليمان سان گڏ هي به پڙهڻ ۾ لڳي ويو. ان لغارين جي ڳوٺ ٿوهي جي به تاريخي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي. هي ذهين هو ۽ اسڪول ۾ سندس استاد محمد حسن لغاري عرف ميانجي ڏتل به بهترين استاد هو، جنهن وٽ چار درجا پڙهيو ۽ انهي دوران قرآن پاڪ پڻ پڙهي پورو ڪيائين. فارسي جا ڪتاب يک وايو، دو وايو، سر وايو ۽ ڪريما گلستان پڻ اتي پڙهيو. جنهن بعد سنڌي پنجون ۽ انگريزي پڙهڻ لاءِ ٽنڊي باگي جي لارينس مدرسي ۾ داخلا ورتائين. ۽ بورڊنگ هائوس ۾ رهڻ لڳو. علم جي هن مسافر کي اوچتو پيءُ طرفان اهو حڪم مليو ته پڙهائي ڇڏي لوهارڪي ڪم ۾ هٿ ونڊاءِ ۽ مال جو گاهه پٺو اچي ڪر، جنهن سبب لارينس مدرسي کي ڇڏي انهي ڪم ۾ لڳي ويو پر سندس علم سان عشق ۽ پڙهڻ سان لڳاءُ سبب ترت مائٽن کان لڪي اچي ٽنڊي باگي جي لارينس مدرسي ۾ اچي پهتو. بورڊنگ هائوس ۾ کيس کٽ ته ملي وئي پر بسترو نه آڻڻ سبب سيءُ کيس سٽيندو رهيو. سرديون سر تي سٺائين پر پڙهڻ واري جستجو ساڳي رهيس. اوچتو وڇوڙي جو واءُ وريو، سندس ڀاءُ سليمان جيڪو کيس تمام پيارو هو، گردن ٽوڙ بخار وگهي وفات ڪري ويو ته هن جو جيءُ جهري پيو. هجر فراق سندس اندر ۾ اهڙو ته واسو ڪيو، جو هي ڀاءُ جي ياد ۾ بي حال بڻجي ويو، انهي ڪيفيت ۾ هن اڇن پنن تي تخليقي ادب جا ليڪا پائڻ شروع ڪيا، تڏهن هن درد جي ماريل جي اندر مان جيڪي اڌما اٿيا، سي هي “سليمان” تخلص ذريعي ڪورن ڪاڳرن تي اوتيندو ويو؛

    پنهل پنهنجو سڀ ساٿ ساري هليو ويو
    اٺن کي ته البت اُڪاري هليو ويو

    وقت جا ڪانٽا ڦرندا رهيا ۽ 1934ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ ٽنڊي باگي ۾ ناڪي منشي جي نوڪري ڪري پيٽ گذر ڪرڻ لڳو. پر جڏهن علامه مشرقي خاڪسار تحريڪ شروع ڪئي ته ان ۾ پنهنجي ئي ڳوٺائي سالار مير نور حسين سان ويجهڙائپ سبب هي به ان ۾ شامل ٿي ويو. ٽنڊي باگي جي اڊوڙي ڳوٺ ۾ خاڪسار تحريڪ جي ڪئمپ لڳي ته ان ۾ هن وڌي جڙي ڪم ڪيو ۽ پنهنجي علائقي مان پنهنجا ڪيترائي هم خيال ساٿي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ڪيائين ۽ خاڪي ويس پائي جانباز بڻجي پيو. ان سلسلي ۾ هي ساٿين سميت لکنو جي ريلوي اسٽيشن تي انگريز فوج هٿان زخمي ٿيڻ بعد گرفتار ٿيو ۽ کيس جيل موڪليو ويو.
    جيل مان آزاد ٿيڻ بعد واپس ڳوٺ وريو ته سندس زندگي ۾ ڪيئي موڙ آيا. هن کي پوليس واري نوڪري ملي وئي پر ترت اها به ڇڏي ڏنائين ۽ ڳوٺ اڊوڙي جي اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو. ان جا کيس مير نورحسين ٽالپر 100 رپيا ماهوار پگهار ڏيندو هو. زندگي جي پنڌ ۾ سردين گرمين کي سر تي سهڻ واري محمد طالب ڪنهن ڳالهه تان انهي اسڪول ۽ ڳوٺ اڊوڙي کي الوداع چئي ٽپڙ کڻي اچي ٽنڊي باگي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس شادي لارينس مدرسي ۾ پڙهڻ دوران ٿي هئي، ان مان کيس هڪ نياڻي جو اولاد هو، جن کي ساڻ ڪري اچي غريباڻو اجهو اڏي ويهي رهيو. مالي حالت بهتر نه هئڻ ڪري سندس گذارو مشڪل بڻجي ويو ته ڪراچي جو رخ ڪيائين. جتي به سورن سندس ساٿ نه ڇڏيو، جيون جي ڪٺن گهڙين ۾ حالتن سان جنگ وڙهندي کيس سائل ڪلاسيفڪشن جي آفيس ۾ سپروائيزر جي نوڪري ملي. جڏهن اهو کاتو بند ٿيو ته کيس روينيو کاتي ۾ نوڪري جو آرڊر مليو ۽ حيدرآباد ۾ ڪليڪٽر جي آفيس ۾ رڪارڊ ڪلرڪ طور ڪم ڪرڻ لڳو. جتي هڪ غير قانوني ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيڻ تي کيس اٽڪل سان ڦاسائي 10 رپيا رشوت وٺڻ جي الزام ۾ اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار ڪرايو، ۽ کيس هڪ سال جي سزا ٻڌائي جيل جي سلاخن پويان اماڻيو ويو. سندس زندگي ۾ آيل اذيتناڪ لمحن ۽ ڏکن ڏولاون جي باري ۾ ڪل پوي ٿي ته هي اهو مڙس مٿير هو جنهن ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو، زندگي جون ڏکيون گهڙيون وڏي بهادري سان گذاريائين. جيل مان آزاد ٿي ٽنڊي باگي آيو ته انجنيئر نبي بخش ڀرڳڙي پنهنجي ٺيڪيداري ڪم جي سنڀال لاءِ کيس حيدرآباد ۾ گهرائي ورتو. تڪليفن ۽ زماني جي اوڇي روش سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هي جوڌو پيٽ گذران لاءِ هٿ پير هڻندو رهيو ته علم ۽ ادب سان به سندس لڳاءُ قائم رهيو. شاعري سندس سورن جي اظهار جو ذريعو بڻيل رهي. پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائي سبب جنهن جي ساڻس ڪچهري ٿيندي هئي، اهو سندس مداح بڻجي ويندو هو. هي ڪچهرين جو مور ماڻهو لوڪ ادب جو وڏو ڄاڻو هو. 1965ع صحافت جي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ هلال پاڪستان اخبار جو گشتي نمائندو بڻجي، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي خبرون هٿ ڪري لکندو هو. نمائندگي ڇڏڻ بعد وري هلال پاڪستان جي اخبار جي آفيس ۾ ڪم کي لڳي ويو. ڪجهه مسئلن سبب اخبار جي اها نوڪري ڇڏي واپس ٽنڊي باگي وري آيو ۽ اچي اسٽامپ وينڊري جو دڪان کوليائين پر ان مان گذر سفر نه هلي سگهيو. وقت جو چرغو ڦرندو رهيو، سندس زندگي ۾ اهي به ڏينهن به آيا، جڏهن کيس بدين ۾ احمد خان ڀرڳڙي جي پلاٽ تي دڪان ۽ گهر ٺهرائڻ لاءِ 600 رپيا ماهوار پگهار تي ڪم ڪرڻو پيو. پر اتي ڪم ڪندي کيس سندس هڪ دوست ڏسي ورتو، جنهن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ ان ڪوشش ڪري عبدالقدوس راڄڙ کي چئي کيس حيدرآباد ۾ نوڪري وٺي ڏني. جيڪا هن مستقل طور تي ڪئي. ۽ پيٽ گذران لاءِ ڌڪا کائڻ وارو سلسلو ختم ٿيو. محمد طالب لوهار جي شخصيت جا گهڻا پاسا آهن. سندس زندگي جي ڪٺن سفر جي ڪهاڻي نرالي به آهي ته دردناڪ به. سندس علمي ادبي خدمتون ته تمام وڏيون آهن. هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ لوڪ ادب کي سهيڙڻ واري ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي لغت آفيس ۾ پڻ ڪم ڪيائين. سنڌ جي ڏاهي ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان سندس گهري دوستي وارو ناتو هو. لوڪ ادب اسڪيم ۾ ڇپايل ڪتابن ۾ محمد طالب لوهار لوهار جا حوالا پڻ ڏنل آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٽنڊي باگي ۾ به هن وٽ ڀيرا ڀڃندو رهندو هو. محمد طالب لوهار کي هڪ ڌيءُ کان سواءِ جيڪو به اولاد ٿيو اهو ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو. سندس شاعري سهيڙي سندس خاندان جي نوجوان ۽ نئين ٽهي جي ڀلوڙ شاعر نور احمد سمون ۽ طالب لوهار جي ڌيءُ آپا زيب النساءِ 2010ع ۾ سندس شاعري جو ڪتاب “پيرون چونڊيم پاند ۾” پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڇپايو. جنهن ۾ 16 شعر، 11 غزل، 34 ڪافيون، 1 بيت، 54 ڏهس، 9 هنر، لارينس مدرسي جي باني خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر کي ڀيٽا طور لکيل شاعري شامل آهي. جڏهن ته ڪتاب جو مهاڳ مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جي حافظ ۽ نامياري اديب محمد صديق “مرهم” ملاح لکيو آهي. جڏهن ته پيش لفظ سنڌ جي ڏاهي ۽ محقق مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو لکيل آهي. بيڪ ٽائيٽل تي ڊي ايم لوهاڻي سٽون لکيون آهن، اندرئين پيج تي ناليواري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ سندس باري ۾ پنهنجا تاثر ڏنا آهن. جڏهن ته ڪتاب ۾ آپا زيب النساءِ پنهنجي والد جي سوانح عمري لکي آهي. جنهن ۾ محمد طالب لوهار جي زندگي ۾ آيل بهارن ۽ ڏکن جي پهاڙن سميت ڪافي ڳالهيون سندس باري ۾ لکيون آهن. طالب لوهار کي ڏهس جو بادشاهه شاعر سڏيو وڃي ٿو، هڪ شيءَ جي ڏهن نالن تي شعر چوڻ کي ڏهس چئبو آهي. سنڌي شعر جي پراڻي صنف ڏهس جا جلال کٽي ۽ جمن چارڻ موجد آهن. هن ڏهس ڪئين لکيا ان بابت طالب لوهار لکيو آهي ته هڪ ڀيرو کيس عطا الله شاهه موسوي چيو ته ڪو ڏهس ياد هجي ته ٻڌاءِ، پر کيس ڪو ڏهس ياد نه هو ۽ ان بابت کيس خبر نه هئي، پر سنڌ جي مشهور سگهڙ حاجي سرماڻ خان بلوچ سان ڪچهري ٿي ته هن ڪيترائي ڏهس ٻڌايا جن کيس متاثر ڪيو ۽ هن ڏهس لکڻ شروع ڪيا. ۽ اهڙا ته شاهڪار لکيا جو کيس ڏهس جي شهنشاهه جو چيو وڃي ٿو. سندس سر مارئي ۾ وار تي لکيل ڏهس آهي ته:

    چوٽي؛ چوٽي ۾ چوڙيليءَ جي پيو چيڙهه چڪي
    ڇتا؛ ڇتا ڇوٽ ڇڙي پيا سا ڇرڪيو پي ڇرڪي
    جادا؛ جنهن جادن ۾ جادون هنيا، سا جهڻڪن ۾ جهڻڪي
    مينڍا؛ مينڍن محلين مرپيو، سا مارئي ڪئين مرڪي
    وار؛ وار وسوڙل ويچاري، نه ويڙهي ڏي ورڪي
    جهنڊ؛ جهنڊن سان جهارجا وجهان پيرن تي پڙڪي
    ڳت؛ ڳت ڳتائي ڳوٺ ۾ وڃي، جهوپن ۾ جهرڪي
    ڄنڊا؛ ڄنڊا ڄاريليءَ جا ٿيا، تيل بنان ترڪي
    ڪيس؛ ڪامڻ ڪيس ڪلهن تان کڻن ڪاريهر ڪرڪي
    چڳ؛ چڳ وڍيل چهڪي، من لاهي لوهه لوهار چئي.

    ڪتاب ۾ 54 ڏهس شامل آهن جيڪي اُٺ، شينهن، جبل، گهوڙي جي رنگن، مڙس، زال، ٽنگ، باهه، کنوڻ، سور، گهر، ڪڙيي، نينگري، وار، چروڙي، مڇي، واٽ، دودي، مارئي، مينهن، ڳوٺ، سمجهه، پنيار، موتي، بهادر، اڪنڊ ۽ اڪير، پنهون، کڙکٻيتي، روشنائي، رات، پٽڪي، تير، جنگ، لشڪر، بادشاهه، چاڪ چير، جتي، ٻيڙي، باز، بادل، شراب، ڊاڪٽر، محصول، بيوه، چنڊ، مهرباني، غلام، دڙي، ساک ۽ ٻين تي لکيل آهن. محمد طالب لوهار کي نالي ڪمائڻ جو ڪو شوق نه هو، بس وقت جي گاڏي کي ڌڪڻو هو، جنهن ڪري سندس هڪ ڪتاب جيترو مواد باقي وڃي رهيو ۽ اهو به جيڪڏهن ڪتاب نه ڇپجي ها ته ضايع ٿي وڃي ها ۽ هن جا لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ حوالا ئي باقي وڃي رهن ها. محمد طالب جي باري ۾ اديب ۽ محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته “ هو اسان جي دور جو تمام وڏو سگهڙ هو، هن جي شاعري پختي ۽ مواد ۽ خيال سان بي مثال هئي، مرحوم جيڪڏهن پاڻ ڦرائڻ وارو سخي سگهڙ نه هجي ها ته سندس شاعري جو رسالو هن دور جي بهترين رسالن ۾ شمار ٿئي ها. کيس سستي شهرت ۽ نيڪ نامي جي پرواهه نه هوندي هئي.”

    سندس شاعري ۾ تجنيس حرفي جي جهلڪ به پسجي ٿي :

    چرغو چوريم ڪُين چُري ٿو، اڄ پڻ تولئي چڪيم چاڪ
    ماندي مفت مري پيئي تولئي، تون ڏي دارون درد فراق

    هن هُنر لکيا آهن انهن جو پڻ جواب ناهي، سر نوري ڄام تماچي ۾ لفظ “ڇٽ” ڪم آندو اٿس:

    آيو چڙهي چاهه مان ڇاهل مٿي ڇٽ
    ڇڄن، کارين ککين مان اچي ڇلر ڇٽ
    ات ڄام تماچي آئيو ڇڳيرن جو ڇٽ
    تون ماڻڪ موتي ڇت، لالون لک لوهار چئي.

    زندگي جي خاردار رستن تي سفر ڪندي غربت جي راڪاس سان ويڙهون ڪندي، محمد طالب لوهار دل شڪستو نه ٿيو، مايوس ٿي ويهڻ بدران حالتن سان جنگ وڙهندو رهيو ۽ پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائي سان علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. آخر اهڙو وڇوڙي جو وقت آيو ۽ سادگي، سچائي جو علمبردار محمد طالب لوهار 2 جون 1989ع تي گڙدن جي تڪليف سبب هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ٽنڊي باگي جي اهل علم ماڻهن طالب لوهار ادبي اڪيڊمي پڻ ٺاهي وئي پر الئه ڇو هاڻي اڪيڊمي جي ڪا سرگرمي نظر نٿي اچي. ان ڪميٽي ۾ سڀ پڙهيل ۽ سرياند ميمبر هجڻ باوجود غفلت جي ننڊ ستل آهن ۽ محمد طالب لوهار کي سندس سالگره ۽ ورسي واري ڏينهن ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪو پروگرام به نٿو وڃي. اها ميار ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي.؟

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو