لوڪ قصو: صالو ۽ بچي سامڻ جي عشق جي ڪٿا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لوڪ قصو:
    صالو ۽ بچي سامڻ جي عشق جي ڪٿا
    تحرير: عثمان راهوڪڙو


    اُها عشق جي الائجي ته ڪهڙي گھڙي هئي. جنهن گھڙي ۾، نار ندي جي ڪناري تي کوسڪي ڀرسان بندکو ۾ رهندڙ صالو جا نيڻ در در صدا هڻي، دان گھرندڙ خانه بدوش سامي قبيلي جي ذات جي لڏ لاٿل ٽولي جي هڪ ڦوهه جواني کي پهتل ناري بچي جي نيڻن جو قيدي بڻجي ويو. جڏهن ڪجهه وقت پڄاڻا در در پنڻ وارا سامي پنهنجون مڙهيون کڻي ٻي علائقي ڏانهن راهي ٿيا ته صالو به مجنون وانگي عشق جي ڇڪ سبب سندن پويان روانو ٿيو. سامين وڃي پنهنجا ٽپڙ لاٿا ۽ ڍاٻو ڪيو ته صالو به سندن پيڇو ڪندو وڃي بچي سامڻ جي خيمي سامهون ويهي رهيو. کيس بچي سامڻ جي نينهن ديوانو ڪري ڇڏيو هو. سندس اهڙي حالت ۽ ڪيفيت ڏسي، سامين مٿس سخت ڪاوڙ ڪئي ۽ کيس سمجهيائون ته سندن پيڇو ڇڏي ڏي، ٻي صورت ۾ هن لاءِ سٺو نه ٿيندو. پر صالو کين پنهنجي بي پناهه محبت ۽ مجبوري جي وارتا ٻڌائي، سامين جي اڳواڻ کي منٿ ڪئي ته هو بچي کان سواءِ رهي نٿو سگھي. صالو بچي جي سڱ جي گھر ڪئي ته هو ساڻس شادي ڪرڻ چاهي ٿو. سامين جي اڳواڻ گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ صالو کي چيو ته بچي جي سڱ لاءِ توکي اسان سان گڏ رهڻو پوندو، در در پنڻو پوندو، گيڙو ويس ڪري نانگ نچائڻا پوندا ۽ پنهنجي ذات به ظاهر نه ڪندين ۽ سامي سڏائيندين، ته توکي بچي جو سنڱ ڏياريندس. صالو تي نينهن جو نشو چڙهيل هو، هي بچي جي نيڻن جو قيدي بڻيل هو، کيس بچي کان سواءِ ڪائنات جا سمورا رنگ بي رنگ پي لڳا. سو صالو سامين جي چڱي مڙس پاران ٻڌايل شرط بنا دير جي قبول ڪري ورتا. ۽ پوءِ کيس سامين پنهنجي رسمن موجب بچي سامين کيس بچي پرڻائي ڏني. زندگي جا اهي لمحا صالو جي جوڀن رُت جا يادگار لمحا هئا جن لمحن ۾ هن پنهنجي ڪٽنب کي ڇڏي پريت جي ريت جي چونڊ ڪئي هئي، هن جي ڪاڄ ۾ گيت به ساهريجن جي عورتن ڳاتا ته موڙ به کيس سامين ٻڌا، اها گهڙي عشق جي گهڙي هئي سندس سرگس ۾ نينهن نچيو پي، ۽ هن محبوب ماڻڻ دوران اهڙي مرڪ مرڪي جيڪا تاريخ جي مرڪ بنجي وئي، “ عشق نه پڇي ذات” وانگر هي عاشق پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي بچي سامڻ جي نينهن جو پياسو بنجي بچي جي اڱڻ تي نانگ نچائڻ لڳو. ۽ مرلي سکي مرليون وڄائيندي در در نالي الک جي دان گهرڻ لڳو. جتي سامين جو سرو ويندو هو هو به ساڻن گڏ هوندو هو، هن پنهنجي واعدي موجب شناخت وساري سامي ٿي ويو هو. زندگي جي انهن بهار وارن پلن دوران کيس بچي سامڻ مان پٽ ڄائو. جنهن جو نالو لڇمڻ رکيو ويو. جنهن جو جڏهن پٽ ڄائو ته ان جو نالو ناٿو رکيو ويو. ۽ ناٿي جو پٽ ٿيو ڪانڀو خان. جيڪو سامي قبيلي جو سردار چونڊيو ويو. ۽ جڏهن ڪانڀو خان وفات ڪئي ته کيس ٽنڊي باگي ۾ سيد بچل شاهه جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جتي ڪجهه سال اڳ ان قبرستان جي وچ مان ديوار ڏيئي ڪانڀو خان جو قبرستان جدا ڪيو ويو آهي. هن وقت ڪانڀو خان سامي جو پٽ لالچند پنهنجي قبيلي جو سردار آهي. هو نار ندي جي سڪي ويل ڪناري تي بس اسٽاپ چروو سم نالي ڀرسان محمد جمن دل جي ڳوٺ ۾ ويٺل آهي. سامي قبيلي جي عورتن گل بانو، ٻائي سميت انيڪ عورتون رلي ٺاهڻ جون ڪاريگر آهن. سامي عورتن جي هٿ جو هنر ۽ اکين جي آرٽ سان ٺهيل هڪ رلي مير محمد بخش ٽالپر ڪانڀو خان سامي کان وٺي پاڪستان جي صدر فيلڊ مارشل ايوب خان کي ڏني ته صدر ڏاڍو خوش ٿيو هو. صالو ۽ بچي جون قبرون ڪٿي آهن.؟ سو پنهنجي جاءِ تي پر ڪتاب “ٽنڊي باگي جي تاريخ” ۾ ليکڪ انور علي عباسي صالو جو ته ذڪر ڪيو آهي ۽ سامي قبيلي جي عورت جو به ذڪر ڪيو آهي پر هن پنهنجي ڪتاب ۾ بچي جو نالو ڪون لکيو آهي. سامي قبيلي تي تحقيق ڪندڙ فيض اڍيجو ٻڌايو ته مون صالو ۽ بچي سامڻ بابت تحقيقي مقالو به لکيو هو. منهنجي به جڳهه ٽنڊي باگي ۾ ڪانڀو خان جي قبرستان جي اوڀر طرف تي آهي. ۽ سامي قبيلي جي موجوده سردار لالچند سان منهنجي به سٺي دعا سلام آهي. هن کان نک پڇيم ته کوسو ٻڌايائين. مون ڪنهن به تاريخ جي ڪتاب ۾ اڳي سامين جي نک کوسو ڪون پڙهي هئي. سو حيران ٿي ويس. بهرحال ڇا به هجي، پر نار ندي جي پٽ تي صالو عشق جي دنيا کي آباد ڪرڻ لاءِ پنهنجو قبيلو ته ڇڏيو پر پريمڪا کي نه ڇڏيائين. انور علي عباسي موجب ته صالو جي قبر نئون ڪوٽ ڀرسان هاڪڙي جي ڦٽل ڍوري تي آهي. مسلم ليگ فنڪشنل تعلقي ٽنڊي باگي جي صدر ۽ ادب سان لڳاءُ رکندڙ فقير گل محمد کوسو جو چوڻ آهي ته کوسڪي جي اوسي پاسي اڄ به صالو جي عشق جي ڪهاڻي ڪچهرين جي زينت بڻيل هوندي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته صالو جي ذات جي ڄاڻ اٿم ۽ صالو جو قصو لاڙ پٽ ۾ مشهور آهي، اتي هي قصو سامي قبيلي ۾ به مقبول آهي.

    urahookro@gmail.com

    0331 3834738…0346339774
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو