اختر حفيظ حسن درس ۽ شاعري جو پوسٽ مارٽم

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حسن درس ۽ شاعري جو پوسٽ مارٽم

    اختر حفيظ


    ٻي مهاڀاري لڙائي جي سنڌي سپاهي پير بخش ڪوري جي برطانيه سرڪار ڏانهن رهجي ويل پينشن بابت ڪالم لکڻ کان پو شاعر حسن درس جي جيڪا آخري لکڻي ڇپي هئي، ان جو عنوان هو "هڪ شاعر جي وصيت جو پوسٽ مارٽم" تنوير عباسي بابت لکيل انهي ليک ۾ حسن جو چوڻ هو ته ڪيئن نه شاعرن سان مئي پڄاڻان ويڌن ڪئي ويندي آهي. ان لکڻي کان ڏهاڪو ورهيه پو 16 جون 2011ع تي ڀنڀرڪي مهل هڪڙي روڊ حادثي ۾ هن جي ساهه جو پکيئڙو اڏاڻو ته پنهنجي پٺيان پنهنجي پويان لکت ۾ هن رڳو شاعري ڇڏي هئي، جنهن سان سنگت شاعر جي وصيت واري ڪار ڪئي هئي.
    اڄ حسن درس جي نه ورسي آهي ۽ نه ئي سندس جنم ڏينهن آهي پر اسان وٽ روايت اها آهي ته اسين پنهنجن شاعرن، اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن کي رڳو انهن جي جنم ڏينهن ۽ ورسين تي ياد ڪندا آهيون. ڇا اهڙو ڪو لمحو نٿو اچي سگهي جو اسين انهن کي ڪنهن به اهڙي ڏينهن تي ياد ڪري سگهون جيڪو هڪ عام ڏينهن هجي ۽ سندن ياد انهي کي خاص ڏينهن ۾ بدلائي ڇڏي. اها ته حسن درس کي به خبر نه هوندي ته سندس مئي پڄاڻان هن جي جيڪا "فرينچائز" کولي ويندي انهي جا ڌڻي ڪي اهڙا ماڻهو ٿيندا جيڪي هن کي هڪ اهڙي شاعر طور پيش ڪندا جيڪو هو، هو ئي ڪونه. ڪو ماڻهو مشائخ هوٿي جي درگاهه تي وڃي ڌن دولت نه گهري، ڪنهن ڇوڪري جي محبت جي حاصلات نه گهري بس اهو گهري ته هو شاعر ٿي وڃي ته انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن اهڙي قسم جو شاعر ٿيڻ نه پئي چاهيو جهڙو هو پنهنجي موت کان پو ظاهر ٿيو هو.
    حسن ته حُسن جو شاعر هو. جنهن وٽ عورتن جي دلڪشن بدن جون ڳالهيون هيون ته سنڌ هن لا پرين جو پاڇو به هئي، هو ته عورتن جي اوگهڙ کي به پنهنجي شاعري ۾ ائين بيان ڪندو هو جو اها پئي وڻندي هئي بلڪه اها وڌيڪ حسين بڻجي ويندي هئي. ڪو بهترين شاعر ڪتاب جو محتاج نه هوندو آهي. حسن درس ڪڏهن به پنهنجي حياتي ۾ شاعري جو ڪتاب آڻڻ جو نه سوچيو هو. پر سندس ڪلام اسان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهيو يا سندس واتان ٻڌوسين. هو جيڪڏهن ڪتاب آڻڻ چاهي ها ته انهي جو نالو ڪڏهن به هو "حسن درس جو رسالو" نه رکي ها. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته هو پنهنجي ڪتاب جو اهڙي قسم جو نالو رکي شاهه لطيف يا ڪنهن بزرگ شاعر سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نٿو بيهي سگهي ۽ هو ڪڏهن به پنهنجي ڀيٽ ڪنهن برزگ شاعر سان ڪري به نه ها. ڇاڪاڻ ته اها ڀيٽ ئي اجائي آهي. هو اڄوڪي دور جو شاعر هو، جنهن جي ڪتاب جو نالو به اهڙو ئي سهڻو هجي ها جهڙو هو پاڻ هو. پر اها هن جي بدقسمتي هئي جو هن جو ڪتاب سندس حياتي ۾ نه ڇپجي سگهيو ۽ سندس گذاري وڃڻ کان پو حسن درس جو تعارف اسان وٽ هڪ اهڙي شاعر طور نروار ٿيو، جنهن کي اسين سڃاڻو ئي نٿا. شايد تڏهن ئي انگريزي ٻولي جي جڳ مشهور ناول نگار ۽ صحافي محمد حنيف سندس ڪتاب کي ڏسي چيو هو ته "حسن جي ڪتاب کي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ تاج ڪمپني وارن ڇپايو هجي". يعني انهن ماڻهن جن حسن درس جي وارثي ڪئي، انهن هن جو تعارف هڪ رجعت پسند ۽ جديد سماج کان ڪٽيل شاعر طور ڪرايو هو.
    حسن درس سان ائين ڇو ٿيو؟ انهي جو سادو جواب اهو آهي ته جڏهن سماج پنهنجن بهترين شاعرن کي پنهنجو نه ڪندو آهي ۽ انهي کي اڪيلو ڇڏيندو آهي ته اهي ڪٿي نه ڪٿي ته پناهه ڳوليندا آهن. پو جتي انهن کي پناهه ملي وڃي، انهي جا کي ئي اهي بهتر سمجهندا آهن. پو انهي حالت ۾ اهي ڪن "تعويزن واري بابن" جي حوالي به ٿي ويندا آهن ته انهن ماڻهن جي حوالي به ٿي ويندا آهن جيڪي اڄ به ٽوڻن ڦيڻن تي ويساهه رکن ٿا.
    هو شاعر ٿي ڄائو هو ۽ هڪ شاعر طور ئي گذاري ويو. اڄ به سنڌ هن کي هڪ شاعر طور ئي ياد ڪري ٿي. اهو پاسو هن جو ايڏو ته وزندار آهي جو هن پنهنجي حياتي ۾ جيڪي ٻيون مهم جويون ڪيون هيون اهي سڀ ماڻهن کان وسري ويون آهن. پر وري به اسان سڀن لا اها هڪ خطرناڪ ڳالهه آهي جو هڪ اهڙو شاعر جنهن کي اسين جديد خيالن جو شاعر سمجهندا هئاسين، جنهن جا نظم نوجوانن جي دلين تي نقش ٿيل هئا. انهي جو جڏهن ڪتاب هٿ ۾ کڻجي ٿو ته انهي ۾ ڪجهه ٻيو آهي جيڪو هڪ ٻئي حسن درس کي پيش ڪري ٿو. حسن درس انهي رجعت پسند ٽولي جي فرينچائز ناهي بلڪه هو سموري سنڌ جو هو. پر ڇا اها ڪنهن شاعر سان ويڌن ناهي جو هن جي ڪلام کي اهڙو پيش ڪيو ويو آهي جنهن جو اندازو کيس به نه هو. تصور ڪريو جيڪڏهن حسن درس پنهنجي حياتي ۾ اهڙي قسم جو ڪلام آڻي ها ته ڇا حسن درس انهن سمورن سوالن جا جواب ڏئي سگهي ها جيڪي اڄ ماڻهو پڇي رهيا آهن. ڇا انهي کي ماڻهو هڪ اهڙي شاعر طور قبول ڪن ها، جنهن کان اسان ڪڏهن مذهبي قسم جي شاعري نه ٻڌي هئي.
    ڪنهن به بهترين شاعر جو ڪلام قوم جي امانت هوندو آهي، جيڪڏهن انهي سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وڃي ٿي يا انهي جو تعارف ئي سندس ڪلام وسيلي ڪو ٻيو پيش ڪيو وڃي ٿو ته انهي کان وڏو دوکو انهي سان ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. اڄ به سنڌ جي ماڻهن کي حسن درس جا اهي نظم ۽ غزل ياد آهن جيڪي سدائين هن جي چپن تي ٻُرندا رهيا آهن. پر سندس ڪتاب حسن درس جو رسالو ۾ جيڪي شيون شامل ڪيون ويون آهن، انهن مان ڪنهن کي ڪابه سٽ ياد نه هوندي.
    اڄ حسن درس اسان ۾ ناهي رهيو پر گهٽ ۾ گهٽ هو اسان کي اهو سبق ضرور سيکاري ويو آهي ته ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي ڪنهن اهڙي فڪر سان جوڙڻ جي ڪوشش نه ڪريو، جتي اوهان جي پنهنجي سڃاڻپ وڃائجي وڃي ۽ اهڙا ماڻهو اوهان جا وارث ٿي وڃن جيڪي سموري سماج کي رجعت پسندي جي آڙاهه ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا. حسن درس ڪا وصيت ته نه ڪري ويو هو پر سندس ڪتاب پڙهي سندس شاعري جي پوسٽ مارٽم جو اندزاو چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو