رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
آءُ ته ويهي دل وندرايون
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
آءُ ته ويهي دل وندرايون پنهنجن سوچن کي ٿا چاهيون
جنهن ۾ مال غنيمت محبت آءُ ته ونڊ ڪري ورهايون
تاتاري هي نفس نڌورو ڏوهن ۾ هي آهي ڳورو
دل ۾ دلبر عڪس چٽي ڪو روح سندو رنگ ملايون
پاڪ محبت پاڪ آ جذبو نيت صاف مرادون حاصل
خواهش خواري يار بيماري تنهن کي دل مان آءُ ڀڄايون
مرڪڻ سان موهي من ٿو پير کي ڄڻ ڏي ڪوئي ڏن ٿو
سڪ سلوڻي جي سڪ ناهين آءُ ته اندر کي پڄرايون
ويندي عمر هي به ته گذري جيئن گذر ٿيون پويون صديون
ڪو به نه هتڙي رهڻو آهي آءُ ته سڀ کي هي سمجهايون
لبستم دائودپوٽه