رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
آءُ ڳوليون ڪائناتون
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
آءُ ڳوليون ڪائناتون
آءُ ڦولهيون لات لاتيون
آءُ ڳجه کي ڳوليون
پاڻ راهن روليون
روح کان شروعات ڪيون
روح جون ڳالهيون ڪيون
الست ارواهن جو واعدو
قالو بلا جي قول جو
مٽي ماڻهو ٿي پيو
سڀ کان اعليٰ
هي آ انسان
رب هر مخلوق چيو
تو وساريو قول سو
چيتو تنهنجو ناه چئي ۾
مٽي ماڻهو آهي مئي ۾
هي ڪائناتون سڀ صبحاتون
جيڪو آهي جيءُ جڙو
سڀ وڄي ٿو ٿي چڙو
رب عالم لئه جهڪي ٿو
رب کان سڀ هي گهري ٿو
تعريف ان جي ۾ مهو آ
جو سڀ جي هو بهو آ
ڪيترو آ ڪيترو آڪيترو
سڀ کان وڏو سڀ کان وڏو سڀ کان وڏو
ڪو نه هن جيڏو هتي
جو ملي هرهنڌ هتي
هو ستارا اڻ ڳڻيا
هي سمونڊ انت ڪين
تن جو جوڙيندڙ جهان جو
هو هڪ ۽ آ اڪيلو
جو ملي ٿو سڀ کي سولو
جن انسان ۽ ملڪ
هي سڄو سارو فلڪ
هن جي خوبين سان ڀريل
گهاڙ ڪنهن سهڻي گهڙيل
راز هي بس راز آ
روح جو پرواز آ
ڪين ڪاٿوڪائنات
ارض ۽ پوري سماوات
ملڪ منهنجي موليٰ جو
هي جهان آ جهٽ پل
ناڪام ٿي نه هٿ مل
هو اڳي اڳتي اڃا
دور جنت جو جهان
جت نه ڪو دوکو آهي
جت نه ڪو اوکو آهي
سڀ ڪن فيڪون اختيار هوندو
رب جو ديدار ٿيندو
رب جو ديدار ٿيندو
لبستم دائودپوٽه
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
آءُ ڳوليون ڪائناتون
آءُ ڦولهيون لات لاتيون
آءُ ڳجه کي ڳوليون
پاڻ راهن روليون
روح کان شروعات ڪيون
روح جون ڳالهيون ڪيون
الست ارواهن جو واعدو
قالو بلا جي قول جو
مٽي ماڻهو ٿي پيو
سڀ کان اعليٰ
هي آ انسان
رب هر مخلوق چيو
تو وساريو قول سو
چيتو تنهنجو ناه چئي ۾
مٽي ماڻهو آهي مئي ۾
هي ڪائناتون سڀ صبحاتون
جيڪو آهي جيءُ جڙو
سڀ وڄي ٿو ٿي چڙو
رب عالم لئه جهڪي ٿو
رب کان سڀ هي گهري ٿو
تعريف ان جي ۾ مهو آ
جو سڀ جي هو بهو آ
ڪيترو آ ڪيترو آڪيترو
سڀ کان وڏو سڀ کان وڏو سڀ کان وڏو
ڪو نه هن جيڏو هتي
جو ملي هرهنڌ هتي
هو ستارا اڻ ڳڻيا
هي سمونڊ انت ڪين
تن جو جوڙيندڙ جهان جو
هو هڪ ۽ آ اڪيلو
جو ملي ٿو سڀ کي سولو
جن انسان ۽ ملڪ
هي سڄو سارو فلڪ
هن جي خوبين سان ڀريل
گهاڙ ڪنهن سهڻي گهڙيل
راز هي بس راز آ
روح جو پرواز آ
ڪين ڪاٿوڪائنات
ارض ۽ پوري سماوات
ملڪ منهنجي موليٰ جو
هي جهان آ جهٽ پل
ناڪام ٿي نه هٿ مل
هو اڳي اڳتي اڃا
دور جنت جو جهان
جت نه ڪو دوکو آهي
جت نه ڪو اوکو آهي
سڀ ڪن فيڪون اختيار هوندو
رب جو ديدار ٿيندو
رب جو ديدار ٿيندو
لبستم دائودپوٽه