سانگهڙ-سنڌين جي ويڙهه جو داستان شوڪت حسين شورو انگريزن هندستان جي فرمانبردار علائقن مان وفادار ماڻهن کي پنهنجي بيٺڪيتي راڄ جي محافظ فوج ۾ ڀرتي ڪيو. سنڌين جي لاءِ انگريزن جو چوڻ هو ته اهي Non-martial race آهن، جيڪي وڙهڻ يا جنگ ڪرڻ جي لائق ئي ڪو نه آهن، ان ڪري هندستان جي فوج جي ڪنهن به رجمنٽ تي سنڌ جو نالو به ڪونه رکيو ويو. انگريزن جون پنهنجون مصلحتون هيون ته ڪير ساڻن وڌيڪ وفادار آهن. وفاداريءَ جي ان معيار تي پنجابي وڌيڪ لٿا هئا، جن جو انگريزن جي فوج ۾ توڙي هاڻي پاڪستاني فوج ۾ سڀني کان وڏو حصو رهيو آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي ڪا به قوم اهڙي ڪانهي، جنهن ۾ پنهنجي بچاءُ جي لاءِ وڙهڻ جي اهليت نه هجي. ويٽنام ۽ بنگلاديش ان جا وڏا مثال آهن. ويٽنامين جي لاءِ چيو ويندو هو ته اهي قد جا ننڍا، سڙيل سڪل، سنهي کل وارا ماڻهو آهن، جيڪي وڙهي نٿا سگهن. ويٽنام تي پهرين فرانس قبضو ڪري ان کي پنهنجي ڪالوني ٺاهيو، پوءِ ان ئي ويٽنامين فرينچن کي پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌڪي ڪڍيو. وري آمريڪا ويٽنامين کي سبق سيکارڻ جي لاءِ پنهنجون فوجون موڪليون ته دنيا جي وڏي سامراجي طاقت کي ڄامڙا سڏجندڙ ويٽنامين بدترين شڪست ڏئي ڀڄي نڪرڻ تي مجبور ڪيو. ساڳيو ڪارنامو هڏ ڪاٺيءَ جي ڪمزور بنگالين ڪري ڏيکاريو، جن کي پتڪڙا بنگالي سڏيو ويندو هو. جڏهن ڪنهن قوم ۾ غلاميءَ جي خلاف قومي غيرت جو احساس پيدا ٿئي ٿو ته اها ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نٿي ڪيٻائي ۽ اها دنيا جي ڪيڏي به وڏي طاقت سان مهاڏو اٽڪائي ويڙهه ڪري سگهي ٿي. انگريزن سنڌين تي ويڙهو قوم نه هجڻ جو ليبل لڳايو هو، ان سنڌي قوم حُر تحريڪ جي صورت ۾ انگريز سامراج سان جيڪو مهاڏو اٽڪايو، اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو شاندار باب آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخدانن بيان ڪرڻ واجب ئي نه سمجهيو آهي. ان لاءِ سبب اهي ڏنا وڃن ٿا ته اها مريدن جي پنهنجي پير کي بچائڻ جي لاءِ ويڙهه هئي. پنهنجي پير سان عقيدتمندي سبب هن جي گرفتاريءَ جي خلاف مريدن جيڪو گوڙ ڪيو هو، تنهن کي حُر تحريڪ جو نالو ڏنو ويو ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته پير پاڳاري صبغت الله شاهه سنڌ جو بادشاهه ٿيڻ ٿي چاهيو، ان ڪري هن پنهنجن مريدن جي فوج ٺاهي هئي. اهي ساڳيا الزام ڪجهه ٻين ڏوهن سان گڏ انگريز سرڪار طرفان هنيا ويا هئا، جيڪي اسان جي ذهني رويي جو حصو بنجي ويا آهن. جيڪڏهن پير صبغت الله شاهه واقعي سنڌ جو بادشاهه ٿيڻ چاهيو ٿي ته ظاهر آهي ته اهو هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ها. حر تحريڪ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌين تي نان-مارشل يعني ويڙهاڪ قوم نه هجڻ جي فتويٰ غلط ۽ بي بنياد هئي. محمد عثمان ڏيپلائي ”سانگهڙ“ ڪتاب ۾ سنڌين جي انهن ڪارنامن کي بيان ڪيو آهي، جيڪي هنن انگريزن جي باقاعده سکيا ورتل فوج جي خلاف وڙهي ڏيکاريا هئا. ”سانگهڙ“، حر تحريڪ سان سنڌ جي تاريخ ۾ ٿيل بي قدري ۽ بي واجبي کي عيان ڪري ٿو. هي اهو دور هو، جڏهن سنڌ جا سياستدان انگريز سامراج جي حڪومت ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ خاطر ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا هئا. ٻئي طرف هتي جو غريب مسڪين، هاري ناري ۽ پورهيت طبقو انگريز سرڪار جي پالتو جاگيردارن، پيرن ۽ ڀوتارن، وياج خورن ۽ سيٺين وٽ گروي ٿيل، يرغمال بڻيل هجڻ سبب غلاميءَ جي زندگي گذاري رهيو هو. حرن جو تعلق به ان پيڙيل طبقي سان هو. اهي پيڙيل هيسيل سنڌي ائين اڀا ٿي هٿيار کڻي بيهندا، سو انگريز سامراج جي وهم گمان ۾ ڪو نه هو. دوکي جي ديوار ڊهڻ جي ڊپ کان سنڌ جا ۽ پير، وڏيرا ۽ رئيس انگريز سرڪار سان ٻٽ ٿي بيٺا هئا. سندن ئي طبقي مان هڪڙي پير سمورن مفادن کي ٿڏي انگريز سامراج سان شعوري طور ٽڪر کاڌو هو ۽ اها ڳالهه هنن کي سمجهه ۾ نٿي آئي، ڇو ته انهن مان اڪثر قومي غيرت جي احساس کان ئي اڻ واقف هئا. پير صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) جي گرفتاريءَ کانپوءِ حر جماعت طرفان جيڪا مزاحمتي جنگ وڙهي وئي، اها هڪ ڌارئين طاقت ۽ ان جي ڇاڙتن جي خلاف ويڙهه هئي، جنهن سنڌي ماڻهن جي همت، حوصلي ۽ بهادريءَ کي ٻين جي اڳيان نروار ڪيو. سنڌ جا ڪجهه پير هر حڪومت ۾، پوءِ اها ٻاهرين حملا آورن جي هجي يا مڪاني ماڻهن جي، عام ماڻهن کي ڦرڻ لٽڻ ۾ ان جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا آهن. انهن ئي پيرن نه رڳو انگريز سرڪار جي تابعداري ۽ فرمانبرداري قبول ڪئي، پر ان جا ڇاڙتا بنجي غريب مسڪين ماڻهن کي پيري مريديءَ جي چڪر ۾ ڦاسائي ڦري لٽي سندن حال ايترا هيڻا ڪري ڇڏيا هئن، جو اهي ساهه کڻڻ جهڙا نه رهيا هئا. سورهيه بادشاهه پيرن جي ان مجموعي ۾ اڪيلو شخص هو، جنهن انگريز سرڪار جي تابعداري ۽ فرمانبرداري قبولڻ کان انڪار ڪيو ۽ بيٺڪيتي راڄ جي خلاف هٿياربند مزاحمت جي لاءِ ماڻهن کي تيار ڪيو. انگريز سرڪار کيس گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو، پر سندس ارادن ۾ ڪو به لوڏو نه آيو ۽ ڦاهيءَ تي چڙهي ويو. ٻئي طرف سنڌ جا اڪثر پير ۽ ڀوتار پنهنجن مفادن ۽ آسائشن جي لاءِ انگريز بهادر جي اڳيان هٿ ٻڌي ڪنڌ جهڪائي بيٺا هئا. محمد عثمان ڏيپلائي ”سانگهڙ“ ڪتاب لکڻ وسيلي سنڌين ۾ ويڙهه واري جذبي کي وڌيڪ اڀاريو آهي. ”سانگهڙ“ ۾ حر تحريڪ ۾ شامل مردن ۽ عورتن جي ڪردارن کي سندن زباني بيان ڪيو ويو آهي. هر ڪردار پنهنجي پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿو ته انگريزن ۽ سندن ڇاڙتن هنن سان ڪهڙيون ڪهڙيون ڏاڍايون ڪيون. هنن ۾ وڙهڻ جو حوصلو ڪيئن پيدا ٿيو ۽ ڪيئن وڙهيا. ”سانگهڙ“ هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن جي افسانوي نه پر تاريخي حيثيت آهي، جنهن جا ڪردار حقيقي آهن. انهن ڪردارن کي پير پاڳاري جا مريد چئي نظرانداز ڪرڻ هڪ تاريخي ناانصافي ۽ بي واجبي جي ڳالهه آهي، ۽ اها سنڌ سان سڄڻپائي ڪانهي. اهو هڪڙو ذهني تعصب آهي، جنهن کان نئين نسل کي آجو نه رکيو ويو ته پنهنجي ماضيءَ کان شرمندگي جو احساس اسان کي جيڪو نقصان پهچائيندو، ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.