اقوامه متحده طرفان سال 2016ع کي ” دالين جو عالمي سال“ ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنھن جو مقصد آهي ته سال 2016ع کي دالين جي اهميت بابت عوامي سجاڳيءَ بابت خاص پروگرام ڪري ان بابت وڌ کان وڌ عوامي شعور اجاگر ڪري عوامي جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي ۽ رياستن جو ان طرف خاص توجه ڇڪايو وڃي. جيڪڏھن ان سال جي نياپي کي سنڌ جي زميندارن، عام آبادگارن، هارين، نارين جي ذهنن تائين اها ڳالھ پھچائجي ته اسين اهو سمجهون ٿا ته اهو هڪ بھتر ۽ مثبت عمل ٿيندو. سنڌ ۾ هڪ عام ۽ سادي چوڻي آهي ته بَخت ڏِئي ڀِيڙو، ته دال مان سِيرو، ان جي معني آهي جو هڪدم ڪو ماڻھون ڪنھن ڪم ۾ ڪامياب ٿئي يا مالا مال ٿئي. اڄڪلهه سنڌ جي زمينن جو معيار ۽ زرخيزي سڌارڻ لاءِ بس جي دالين جي فصلن جي پوکي سهڻي ۽ سائنسي نموني ٿي پوي ته بس دال مان سيرو ته ڇا پر اصل حلوووووو ئي حلوووووو ٿي پوندو ۔۔۔ پوري دنيا ۾ دالين جا فصل پوکيا وڃن ٿا. پاڪستان ۾ ڪل آباد ٿيندڙ زمينن تي 5 فيصد دالين جي فصلن جي پوکي ٿئي ٿو. يعني 1.5 ملين هيڪٽر زمينن تي پوکي ڪئي وڃي ٿي. دالين جي فصلن ۾ چڻا، مٽر، مهري يا مسرور، منـڱ، ماش وغيره جي گهڻي پوکي ڪئي وڃي ٿي. اسان جي ملڪ جي زمينن جي زرخيزي ۽ صحت خاص ڪري ڪيميائي ڀاڻن جي غلط استعمال ۽ وڏي عرصي جي فصلن جي پوکي جي ڪري گهٽجي رهي آهي. ان سان گڏ ڏينھون ڏينھن ڀاڻن جو وڌندڙ قيمتن جي ڪري اسان جا آبادگارن ڀاڻن جو استعمال گهٽائي ڇڏيو آهي.جنھن ڪري اسان جو قيمتي زمينون وڌيڪ خراب ٿي بنجر ٿينديون پيون وڃن. ۽ اسان لاءِ فڪر ۽ پريشاني جو سبب بڻجي رهيون آهن. دالين وارا فصل انھن فڪرن کي حل ڪرڻ لاءِ رحمت ثابت ٿين ٿا. دالين جي فصلن کي ڪيتري ئي وقت کان زمين جي صحت بھتر ڪندڙ فصلن طور اهميت ڏني وڃي ٿي. دالين جي فصلن کي پوکڻ سان زمين تي فائديمند اثر ٿين ٿا. داليون هوا مان نائٽروجن کڻڻ جي لاءِ زميني بيڪٽيريا کي استعمال ڪن ٿيون. اهو قدرتي عمل نائٽروجن ڀاڻ کي دالين جي فصل ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت کي گھٽائي ٿو. جنھن جو مطلب داليون ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ اڌ توانائي استعمال ڪن ٿيون. زمين جي طبعي، حياتياتي، ۽ ڪيميائي حالتن ۾ تبديلي جي ڪري زمين جي معيار ۾ سڌارو اچي ٿو. دالين جا فصل پوکي اسين پنھنجي زمين جي صحت لاءِ ڪيترائي فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا. دالين جا فصل زمينن ۾ نائٽروجن مهيا ڪرڻ جي طاقت کي وڌاين ٿا. دالين جا فصل زمينن ۾ نامياتي مادي جي ذخيرن ۾ اضافو ڪن ٿا. دالين جا فصل زمينن ۾ موجود ننڍڙن خوردبين جيوڙڻ جي حرڪتن ۾ تيزي آڻين ٿا. دالين جا فصل زمينن جي بناوت ۾ سڌارو آڻين ٿيون. دالين جا فصل زمين جي زرخيز تھن کي پاڻي ۽ هوا کان کاڌ کي گھٽاين ٿا. دالين جا فصل زمينن ۾ اندر هوا جي نظام کي بھتر بڻاين ٿا. دالين جا فصل زمينن ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت کي بھتر بڻاين ٿا. دالين جا فصل زمينن کي هر جي لاءِ آسان بڻاين ٿا. دالين جا فصل زمينن ۾ حياتياتي عمل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. دالين جا فصل جڏهن زمين تي ڪو ٻيو فصل پوکيل نه هجي ان وقت زمين کي ڍڪڻ خاطر استعمال ڪري سگھجن ٿا. خاص طور تي سارين جي علائقي ۾ يا جتي برسات ۽ پاڻي جي گھٽ هئڻ جي ڪري فصل نٿا پوکي سگهجن اتي زمين جي صحت کي برقرار رکڻ ۾ اهي مدد ڪن ٿا. اهڙي طرح دالين جا فصل پوکڻ جا ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن. جهڙوڪ داليون پوکڻ سان اسان پنھنجي توڙي جانور جي وڌندڙ آبادي جي خوراڪ ۾ اضافو ڪري سگھون ٿا وغيره وغيره... ان لاءِ دالين کي باقائدگي سان ٻوٽن جي مربوط غذائي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سان زمين جي صحت به بھتر ٿيندي ۽ ڪيميائي ڀاڻڻ جي استعمال به گھٽائي سگهجي ٿو. زمين جي صحت ۽ زرخيزي مئوثر ۽ اثرائتي طريقي سان برقرار رکڻ لاءِ فصلن جي ڦير گھير جي منصوبابندي ڪرڻ گھرجي. فصلن جي ڦير گھير جي منصوبابندي ۾ دالين جي فصل جو ڪردار تمام اهم آهي. هڪ اندازي موجب 70 کان 80 فيصد نائٽروجن آبھوا مان حياتياتي فڪسيشن جي ذريعي دالين جي فصلن جي پاڙن ۾ موجود ناڊيولس يا ڳوڙهين ۾ ٺھي ٿي. پاڙن ۾ موجود ناڊيولس يا ڳوڙهيون ۾ نائٽروجن جي ذخيري جو مقدار زمين ۽ ماحول جي حالت، زمين ۾ اڳ ۾ ئي موجود نائٽروجن ۽ ٻين جزن جهڙوڪ فاسفورس جي ڪري مختلف ٿي سگهي ٿو. جنھن زمين ۾ نائٽروجن 7 کان 10 ڪلوگرام في ايڪڙ اڳ ۾ ئي موجود هجي ان زمين ۾ نائٽروجن فڪسيشن جي صلاحيت کي تيز ڪرڻ لاءِ آبادگار اتي نائٽروجن وارن ڀاڻن وجهڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. جڏھن دالين جي فصلن جو لابارو ڪجي ٿو ته زمينن ۾ رهيل پاڙن جي ڀڄ ڊاھ ۽ ڳرڻ جو عمل جي نتيجي زمين ۾ نائٽروجن خارج ڪن ٿيون. زمين ۾ موجود ان نائٽرو جن مان مستقبل ۾ پوکجندڙ فصل کي فائدو ٿيندو آهي. تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته دالين جا فصل لاباري کان پوءِ زمين ۾ سراسري نائٽروجن جا 18 ڪلو گرام في ايڪڙ واڌارو ڪن ٿا. جنھن ڪري زمينن ۾ دالين جي فصل جي لاباري کان پوءِ جيڪو به فصل جهڙوڪ ڪڻڪ وغيره پوکيو ويندو ان ۾ ڀاڻ جي گهٽ ضرورت پوندي آهي. ننڍا آبادگارن جيڪي روايتي ۽ ثقافتي طريقن جي محافظ طور ڪم ڪري رهيا آهن. اهي خصوصي توجه جا مستحق آهن ڇاڪاڻ ته انھن جو ڪردار اهم آهي. انھن جي پيداوار وڌائڻ واري مهارتن کي اجاگر ڪرڻ کان بغير اهو ممڪن ناهي ته اسان پنھنجا حدف پورا ڪري سگهون ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ملڪي سطح تي وفاقي توڙي صوبائي زراعت سال لاڳاپيل مڙني شعبن جي سهڪار سان اهڙا سجاڳي جا پروگرام تيار ڪيا وڃن جنھن جي ذريعي انھن آبادگارن کي تربيت ڏني وڃي ته جيئن اسين پنھنجي قيمتي زرعي زمينن جي صحت برقرار رکي انھن کي بنجر ٿيڻ کان بچائي سگھون. پاڪستان في ايڪڙ پيداوار جي لحاظ کان ڪافي پوئتي آهي. جنھن ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته زرعي ماهرن جي مرتب ڪيل سفارشن تي عمل ڪري دالين جي فصلن في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪيو وڃي.داليون زرعي شعبي ۾ هڪ اقتصادي اثاثو آهن. آبادگارن کي ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ داليون وڌيڪ منافعو ڏين ٿيون. ان کان علاوه هن وقت جڏهن خوراڪ جا نظام ۽ سپلاءِ چين گهٽجي رهيا آهن مقامي توڙي دنيا جي ملڪن جي غربت گهٽائڻ ۾ دالين جا فصل وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. عبدالعليم ميمڻ ۽ غلام مرتضيٰ جي گڏيل ڪاوش