نارائڻ شيام! هجي جا کاڻ خوبين جي :وينا شرنگي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نارائڻ شيام! هجي جا کاڻ خوبين جي

    وينا شرنگي

    پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي
    ها، ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان ( شيام )

    سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو، ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن تخليقي شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته : هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي، تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم 1922ع ۾ ٿيو، 1939ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي.

    1. پنکڙيون ( رباعيون ۽ روپ مايا کنڊ ڪاويه (2) رنگ رتي لهر (3) روشن ڇانورو ) (4) ماڪ ڀنا رابيل (5) واريءَ ڀريو پلاند (6) آڇيندي لڄ مران (7) مهڪي ويل صبح (8) ڏات ۽ حيات (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو ) شيام کي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ طرفان – آڇيندي لڄ مران – تي انعام سان نوازيو ويو، ساهتيه اڪادميءَ طرفان شيام تي مونو گراف شايع ڪرايو، آهي.
    شيام – غزل ، دوها، سورٺا، قطعه، رباعيون، هائڪو ( تصويرون، گيت، سانيٽ، آزاد نظم کنڊ ڪاويه کي سونو چوڌريءَ ڪجهه ڦير ڦار سان منچ تي آندو آهي، جنهن ناٽيه روپانتر کي جبلپر ۾ سڀا جي پروگرام ۾ ڏسڻ وٽان موقعو مليو.

    لطيف فن ۾ موسيقيءَ کي اهم درجو آهي، شاعري ۽ موسيقي ٻنهي جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي، جا شاعري دلين ۾ ديرو ٿي ڄمائي، وليم ورڊس ورٿ موجب.

    Poetry is the first and last of all the knowledge, it is as immortal as the heart Willim words worth

    شاعري اها شئي آهي جيڪا جٽادار آهي، شيام پنهنجي شاعريءَ ذريعي زنده آهي، سندس شاعري Imortal آهي.

    فن ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن تي نظرثاني ڪرڻ سان دهليءَ جي هن صدا حيات شاعر جا انيڪ پهلو اکين آڏو اُڀري اچن ٿا، شيام قد ڪاٺ جو پورو پنو يا ائين کڻي چئجي ته ڏٻرو، پر تخليقي شعور سان ڀرپور، ڏات هن تي مهربان رهي، سندس آواز جو مڌم لهجو، نرم ( سافٽ ) جڏهن به هن سان ملاقات ٿي مون کيس ڪڏهن به هاءِ پچ تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، پهنجائپ وارو رويو، مٿي جا وار بلڪل ڇڍا اکين ۾ روشني، انهيءَ جي باوجود اڃان روشني ڏٺي اڃان روشني ڏٺي-جي ڌڻيءَ در پراٿنا جا روشني، جو نور سندس تخليقي سرمائي مان ڇلڪي ٿو، آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات جي سنڌي سروس ۾ مون کيس ستر واري ڏهاڪي کان ڏٺ. سندس ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ سان ته باقاعدي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا ملاقات ٿيندي هئي، پر نارائڻ شيام سان مهيني ٻن کانپوءِ ملاقات ٿيندي هئي، ادبي گلشن پروگرام لاءِ شعرو شاعري رڪارڊ ڪرائڻ ايندا هئا، سندن رڪارڊنگ ڪڏهن مان، ڪڏهن پروگرام آفيسر ڪندا هئا، ڪڏهن ممبئي، جئپور، ڀڄ يا احمد آباد جي آڪاشواڻي مرڪزن طرفان، سندن شاعري رڪارڊ ڪرائڻ جو خط ايندو هو، براڊڪاسنگ هائوس جي سيڪنڊ فلور تي اسان جو ڪمرو هوندو هو، ڪڏهن لفٽ هلندي هئي ڪڏهن نه، اسان هيٺ لهي ته ويندا هئاسين پر گهڙي گهڙي چڙهڻ کان ڪنارو ڪندا هئاسين. جو چڱي خاصي پريڊ ٿيندي هئي، اسان رڪارڊنگ جو ٽائيم گهڻو ڪري منجهند جو رکندا هئاسين، جو لنچ ۾ اسٽڊيو خالي ملندا هئا، موبائيل فون جي سهوليت به ڪانه هوندي هئي، گهڻو ڪري فون ٺپ ئي رهندا هئا، اهڙيءَ حالت ۾ نارائڻ شيام ڏاڪڻيون چڙهي مٿي يونٽ ۾ ايندا هئا، سندن چهري تي مٺي مرڪ ۽ چپن ۾ ٻه اکر ڳالهائي حال احوال وٺندا، سندس شخصيت جو هڪ رنگ اهو به شڪوه شڪايت نه ڪرڻ هن جا ڪيترائي غزل ريڊيو تان نشر ٿيندا هئا، حسين وادين ۾ کوئجي ويندا هئاسين، چپ نه چريا اک ڳالهايو پئي مون انهيءَ مرڪ لاءِ واجهايو پئي، چپ نه چريا… يا نئين آهي نت ناز وارن جي ٻولي نگهائن ادائن اشارن جي ٻولي، نارائڻ شيام آل انڊيو جي سنڌي سروس باقاعدي ٻڌندا هئا، تن ڏينهن پروگرام جي رسپشن به سٺي هوندي هئي ۽ آواز ڪليئر ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جنهن ڳالهه جي ڄاڻ سندن شاعريءَ مان معلوم ٿي.

    ريڊيو سان وابسته قطعه ۾ فرمائي ٿو.

    دوست تنهنجو ڪلام رات ٻڌم
    اوچتو آيو دهلي ريڊيو تان
    سچ ته هر شعر ٿئي ڇهيو دل کي
    پر چوان واهه واهه ڪنهن لاءِ (شيام )

    ريڊيو سان ئي وابسته پنهنجي ٻئي قطعه ۾ فرمائي ٿو :

    ڪنهنجو ريڊيو کليل هو پاڙي ۾
    آيو آواز بنسريءَ جو پئي
    تنهنجي هٿ ۾ کليل هئي گيتا
    شيام ريڊيو مگر تو ٻڌو پئي ! ( شيام )

    هٿ ۾ گيتا هوندي بينسريءَ جي مڌر تان ۾ پاڻ کي مگن پائي ٿو، هن جو سنگيت سان روح جو رشتو رهيو، ماڻڻ لاءِ به سچائي، پرکڻ واري اک، شوق ۽ ذوق گهرجي !

    شيام ايترو قداور ۽ عظيم شاعر هو، سچ پچ ان وقت اهو احساس نه ٿيو جو شيام ڪڏهن به ان طرح جو احساس نه ڏياريو، عام رواجي شخصيت جيان سندن ننڊي چاهي وڏي سان وهنوار هڪجهڙو هوندو هو، جڏهن نارائڻ شيام جي شاعري هاڻي پڙهون ٿا يا فنڪارن جي آواز ۾ سندس گيت ٻڌو ٿا، تڏهن احساس ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏات ۽ انهن جو ڏانو مان سندن حيات دوران رهنمائي حاصل ڪريون ها، شيام پاڻ فرمائي ٿو، شيام کي شعرن منجهان سمجهي سگهيس.

    گرچه مون سمجهي نه هن جي شاعري ! (شيام)

    سندس شاعري سمجهڻ جي دعوا ڪري اسان ته ڇڏيو، ان کي سمجهڻ چڱن ڀلن جي وس کان ٻاهر آهي، پر ان جي ٻوليءَ جي سُنهن ، ردم ۽ حسن کي ماڻي اندر ملهر ڊوڙي وڇي ٿي، ڪنهن به شاعر جي اها وڏي ڪاميابي آهي جو هن جي لکيل شعرن مان، هر ماڻهو کي لڳي ته هيءُ منهنجي زندگيءَ جو عڪس آهي، اهو ئي سبب آهي جو هر فنڪار ۽ هر اديب شيام جي شاعريءَ کي پئي ڪوٽ ڪيو آهي.

    شيام فرمايو آهي، شاعري محسوسات جو سريلو اظهار آهي، شاعري جذبات جي طوفان کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ جو نالو آهي، جذبات کي لفظن ۾ قابو ڪرڻ سولو ناهي، مگر شاعر جيڪو تخليقي لفظن جو استعمال ڄاڻي ٿو، اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪري ڏيکاري ٿو.

    شيام جي شاعري، جهرڻي جي ڪل ڪل جيان ڪڏهن اڇلون کائيندي، ڪڏهن البيلي نار جيان نچندي ٽپندي حسين وادين مان لگهندي، فضائن کي خوشبوءَ سان معطر ڪندي، هند سنڌ پهتي، 1968ع ۾ چيٽي چنڊ جي موقعي تي شيام ڪانسٽيٽيوشن ڪلب ۾ منهنجي سنڌ جي سفرنامي پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا رليز ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ متعلق گهڻو ڪجهه چيو پر مون کي سندس هڪ سٽ اڄ به هانو ۾ هري ٿي، ورهاڱي اسان سان ڇا ڇا نه ڪيو، پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ساريندي چنڊ کان سوال ڪري ٿو :

    روئي روئي هاءِ، مون جا چانڊوڪي ڇڏي
    تون ئي چنڊ ٻڌاءِ، اڄ به آهي سنڌ ۾ ؟

    سنڌ جو نقشو عنوان تحت نظم ۾ جذبن جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو :

    سنڌ جو نقشو ڏسندي ئي بس
    هريا هانو ۾ گذريل ڏينهن
    ڌوئي ساوا چهچ ڪيا وڻ
    جيئن وسي سانوڻ جو مينهن ! (شيام )

    ترائيل ۾ هو چوي ٿو : سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان

    سنڌ سنڌين ۾ وسي سنڌ هتي سنڌ هُتي
    ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان
    سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي سگهي سنڌين کان !

    اڳتي ترائيل ۾ فرمائي ٿو : ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف سندن ٻوٽيءَ مان

    شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي، سنڌ اتي سنڌ کي

    پوني ۾ نارائڻ شيام، لڇمڻ ڪومل ۽ مان هئاسين، جتي موهن ڪلپنا گني سامتاڻي سان ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿيو، شيام مونکي ٻانهه کان جهلي باهر وٺي آيو ۽ گهر جي بزرگ جيان ڇٽ بڻجي حفاظت ڪئي، سندس شخصيت جو اخلاقي قدرن وارو اهو پهلو ان وقت نظر آيو، ڪا به ساهتيه تي يا ادبي ميڙاڪي جي گفتگو شخصي دائري کان باهر نڪري ادبي تاريخ بڻجي ٿي، اڄ هتي ادبي بيٺڪ ۾ جيڪا به ڳالهه ٻولهه آهي اها اڳتي هلي ادبي تاريخ جو حصو بڻبي، خود سدا حيات شاعر شخصي آزمودن تي راءِ ظاهر ڪندي چوي ٿو :

    پنهنجي قسمت، تقدير سان مقابلو، پيار ماڻن جهڙن شخصي آزمودن جي تهن ۾ جيترو اونهو پيهي ڏسون ٿا اوترو جدا جدا ديسن، الڳ الڳ دورن جي ماڻهن جي ساڳين آزمودن ۾ ڪيڏي نه ويجهڙائي ۽ موافقت نظر ٿي اچي، جيترو گهڻو شخصي اوترو گهڻو ڪائناتي ( شيام )

    شيام ته خوبين جي کاڻ هو، پر تعريف کان ڪوهين ڏور ها، پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ لاءِ فرمائين ٿا،

    هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنهه آجي
    نه پنهنجي زندگيءَ اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي

    دادا دلگير ڏات ۽ حيات جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، شيام جي شاعريءَ جي واقفيت سڳن آهوجا جي روشن ڇانورو جي مهاڳ مان ملي ٿي، اڳتي فرمائين ٿا، ماڪ ڦڙا ۾ شيام جي پهرين تجرباتي شاعري آهي جنهن م خيال توڙي گهاڙيٽي جي نواڻ آهي، آزاد نظم، گيت، سانيٽ جا ڪامياب تجربا آهن، ٻولي صاف سٿري ۽ سرل آهي، شبدن ۾ رواني ۽ ردم آهي، دادا دلگير، شيام ۽ اياز جي دوستي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، سر نارائڻ شيام – نالي اياز جو مجموعو ڪونج پبليڪشن طرفان ڇپيو ۽ روپ مايا – کنڊ ڪاويه ۽ شاعريءَ متعلق لکن ٿا، اُن ۾ جماليات جا جهرڻا پاتا وڃن ٿا.

    شيام هڪ هند فرمايو آهي :پڙهندڙ، جڏهن شاعر سان تخيل جي راهه ۾ هم قدم ٿيندو تڏهن ئي شعر جو جمالياتي لطف ماڻي سگهندو، هونءَ به اهڙو ڪهڙو نئون سچ آهي، جو شاعر اظهاري ٿو ؟ سڀڪجهه اڳي ئي چيل، ڏٺل ٻڌل آهي، صرف سندس اظهار جو انداز ئي نيارو آهي، جنهن راهه تان ان سچ تي پهتو آهي، ان سفر جو ئي لطف ته پڙهندڙ کي وٺڻو آهي شاعر جو پيرو کڻي.

    22 جولاءِ 2008ع تي دهلي سنڌي اڪادميءَ هڪ شام – نارائڻ شيام جي ناءَ ڪئي هئي، ڪماني آڊيٽريم ۾ ٻن مخملي آوازن پدم شري شانتي هيرانند ۽ گهنشام واسواڻيءَ سنگيت سان ان شام کي سنواري دهلي جي حاضرين جي دل جيتي شيام جي نالي ملهايل شام هڪ نئون رنگ، نئين خوشبو ۽ مسرت جون گهڙيون کڻي آئي، پدم شري شانتي هيرانند غزل پيش ڪري حاضرين جو خوب داد حاصل ڪيو، اک نه تارن ۾ ٻڏي…… زندگي جي راهه تي ڊوڙي… حسن کي ضد نه هو …. نه ئي آهي نت ناز وارن جي ٻولي ….. پنهنجي مخصوص انداز واري گايڪيءَ سان محفل کي رنگت بخشي، تاڙين جي گڙ گڙاهٽ ۽ لبن تي واهه ! واهه !! رهي، هن سنهري شام جي رنگين سلسلي کي نوجوان ڳائيندڙ فنڪار گهنشام واسواڻيءَ سينگاريو، جنهن سنگيت جي سلسلي ۾ حسين نظارم، ڪائنات ، زندگي جو سچايون ۽ شاعر جي باڪمال شاعري کي پنهنجي آواز جي هيٺ مٿاهين لئه ۽ تال جي سنگم سان پر نور ڪري ڇڏيو، هن چيو : سٺا شاعر نيگيٽو نه ٿيندا آهن شيام جي شاعري جو عروج ۽ ڪماليت جو راز اهو ئي آهي جيئن ڪهڙي دنيا مٺي جي ڳالهه ڪريون، مرڪندڙ زندگيءَ جي ڳالهه ڪريون…. ان موقعي تي نارائڻ شيام جو فرزند ناگواڻي ۽ سندس ڀاءُ ڀڳوانداس ناگواڻيءَ به موجود هئا.

    مون لاءِ هيءَ شام ان لحاظ کان به يادگار هئي، جو نارائڻ شيام جڏهن حيات هئا، تڏهن شاعر نارائڻ شيام جي اجازت سان – شام سان هڪ شام – سنوارڻ جو شرف حاصل ٿيو ان تاريخي موقعي تي ڊاڪٽر هرومل سدرنگاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون، جا نه صرف مون لاءِ پر سنڌي جاتيءَ لاءِ به بي بها سرمايو آهي، جنهن جي يادگار ويڊيو رڪارڊنگ موجود، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم ڏات ۽ حيات جي مُهاڳ ۾ فرمائي ٿو، شيام جي شاعري احساسن جي شاعري آهي شبد چتر ان جي جان آهن، شعر پڙهڻ سان اکين آڏو هڪ تصوير اڀري اچي ٿي ۽ پنهنجو مفهوم محسوس ڪرائي ٿي.

    چاندني رات ۽ اڪيلائي، ننڊ نيڻن ۾ هاءِ شرمائي

    گهنشام واسواڻي ۽ سُلکشڻا پنڊت هيءُ ڊيوٽ طور فلم هل ته ڀڄي هلون لاءِ ڳاتو آهي، دهلي سنڌي اڪادميءَ طرفان منعقد ڪيل هن ادبي بيٺڪ ۾ سدا حيات شاعر شيام جي شاعريءَ جي سفر ۾ اوهانکي همسفر بڻائيندي الوداع ڪنديس…

    شعر تو سان رهاڻيون ڪندا قرب مان
    مان نه هوندس ته ڇا ٿي پيو اي پرين
    آدمي ٿو جئي بس ڳڻيل ڏينهن ڪي
    شعر جي زندگي سج سنئين نت نئين !

    سندس شعر ذريعي اظهار وقت جي وڇوٽيءَ جي باوجود نت نئون آهي، مستقبل ۾ به ساڳ پيو جلوو پائيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو