بهت بي آبرو هوڪر، تيري ڪوچي سي هم نڪلي..!! اها خبر شايد خود قائم علي شاه کي به نه هئي ته کيس سي ايم هائوس کان ايئن گھر موڪليو ويندو، جيئن ڪو ايس ايس پي رئنڪ جو آفيسر پنجين گريڊ جي سپاهي کي وربلي آرڊر تحت برطرف ڪري گھر موڪلي ڇڏيندو آهي!! يقينن قائم علي شاه کي ان جو ڏک ضرور ٿيو هوندو، ظاهري ڳاله آهي هُوء دبئي ۾ ٿيل اجلاس ۾ رينجرز جي اختيارن واري معاملي بابت پارٽي قيادت سان مشاورت ڪرڻ ويو هو، نه ڪي وڏ وزارت وڃائڻ. ذريعن موجب قائم علي شاه قيادت جي اهڙي فيصلي تي سخت رنجيده آهي، سندس موجب هو پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو هو، کيس اهڙي طريقي سان نه هٽايو وڃي ها، جيڪڏهن قيادت جي دل ۾ اهڙي ڳاله هئي ته ٻڌايو وڃي ها، هو پاڻ بيماري جو بهانو يا ذاتي سبب ڄاڻائي استعيفا ڏيئي ڇڏي ها. اگر قائم علي شاه واقعي به ڪا اهڙي شڪايت ڪئي آهي ته اها پنهنجي حساب سان درست به آهي، ڇاڪاڻ ته هي پارٽي جو اهو واحد اڳواڻ آهي، جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي، سندس اٺن سالن جي دور ۾ ڪيترائي لاها چاڙها به آيا، جنهن سبب گورنر راڄ لڳڻ جي خطرن ڪر کنيو هو پر اهو سندس ڪرشمو ئي هو جو مسئلا پيچيده ٿيڻ بدران سلجھي ويا، سندس ٿڌي مزاج سبب سياسي دنيا ۾ هر ڪو ئي کيس احترام ڪندو هو، اهڙي مدبر وڏي وزير کي هڪ “پريس رليز” ذريعي هٽائڻ پارٽي اصولن جي خلاف هو، ان تي قائم علي شاه جو پشيمان ٿيڻ بجا آهي، غالب جون هي سٽون “شاه صاحب” جي اهڙي ڪيفيت جي عڪاسي ڪن ٿيون. بهت بي آبرو هوڪر، تيري ڪوچي سي هم نڪلي توڻي جو هو هڪ صابرين، پارٽي جو وفادار ۽ هر ڪنهن سان سٺو هليو پر اٺن سالن جي وڏ وزارتي دور ۾ سندس ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ اهو سوال تاحيات سندس پيڇو ڪندو رهندو، اها حقيقت آهي ته هن ڪرپٽ زماني ۾ سندس دامن تي ڪرپشن جو ڪو به داغ عيان نه ٿيو پر سندس حڪومت جي وزيرن پير مظهر، شرجيل ميمڻ، اويس مظفر ٽپي ۽ ٻين تي “مال” کائڻ جا سنگين الزام لڳا جنهن بعد هو رينجرز توڙي نيب جي شڪنجي ۾ ڦاسڻ کان بچڻ لاءِ ملڪ مان ئي ڀڄي ويا، نه صرف وزيرن پر مڙني کاتن جا وڏا آفيسر ڪرپشن خلاف ڪاررواين جي زد ۾ اچي ويا، وڏو وزير هجڻ ناطي قائم علي شاه انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو پر ماڳهين سندن دفاع ۾ سندرو ٻڌي ميدان تي لهي آيو، ايتري قدر جو هن رينجرز ۽ نيب جي ڪاررواين کي صوبي جي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو، اسان مڃون ٿا ته وفاقي ادارن جون ڪارروايون هڪ لحاظ کان غير آئيني ۽ صوبي جي خود مختياري خلاف آهن پر جيڪڏهن وزيراعليٰ سنڌ ڪرپٽ وزيرن توڙي سندن دادلن آفيسرن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي ها ته رينجرز ۽ نيب کي غيرآئيني ڇاپن جو موقعو ئي نه ملي ها، پر قائم علي شاه ايئن ڪرڻ بجاءِ مسلسل سندن دفاع ڪندو رهيو، جنهن سان سنڌ سرڪار جو گراف عوامي سطح تي ڪري پيو، گڏوگڏ رينجرز سان پڻ تڪرار تيز ٿي ويو، ان سڄي صورتحال ۾ “شاه صاحب” قيادت جي سخت موقف اختيار ڪرڻ وارين اميدن تي به پورو نه لهي سگھيو، نتيجن کيس وڏ وزارت تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا. سائين سرڪار جي 8 سالن جي دور ۾ ڪرپشن سان گڏ بدامني به عروج تي رهي، رڳو صوبي جي راڄڌاني واري شهر ۾ هر آئي ڏينهن ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين دهشتگردي جي واقعن ۾ 70 کان 80 ماڻهو تترن وانگر مرندا رهيا، ان باوجود مفاهمتن ۽ مصلحتن جي مجبوري سبب اقتداري ايوانن ۾ ڪو زلزلو نه اچي سگھيو، بس! مڪلي جي قبرستان جهڙي خاموشي ڇانيل رهي. هڪ طرف ڪراچي ۾ موت جو راڪاس آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو رهيو، ٻئي طرف وري سنڌ جون ٻهراڙيون قبيلائي تڪرارن، ڦرن، چورين ۽ ڀنگ لاءِ اغوائن جو مرڪزبڻيل رهيون ۽ پوليس عوام جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ بدران تماشو ڏسندي رهي، جنهن سبب عام ماڻهو خوف واري ماحول ۾ ساه کڻندو رهيو. جسقم اڳواڻ مقصود قريشي، سلمان وڌو، مظفر ڀٽو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، علامه علي شير حيدري ۽ امجد صابري سميت درجنين قومپرست ۽ سياسي اڳواڻن جو قتل، جيڪب آباد ۽ شڪارپور بم ڌماڪا به سندس ئي دور ۾ ٿيا، جن جي شفاف ۽ گھڻ رخي جاچ ڪرائڻ جي زحمت به نه ڪئي وئي، خلق خدا جي جان و مال جو تحفظ ۽ فلاح و بهبود جو ڪم حڪومتن جو هوندو آهي پر سائين سرڪار ان حوالي سان نا آشنا رهي. قائم علي شاه جي ٿڌي مزاج جتي پيپلزپارٽي کي مشڪلاتن کان پار ڪرايو اتي سندس ٿڌو مزاج بيڊ گورننس جو سبب پڻ بڻيو، اهڙي مزاج جي ڪري وزير به ٻڌندا ڪون هئا، جيڪو کين وڻيو، انهن بنا خوف جي اهو ڪيو، مطلب ته وزيرن ٽڪي جا ترقياتي ڪم به نه ڪرايا، نتيجي ۾ ڪروڙين رپين جا فنڊ ليپس ٿي ويا، ان سان گڏوگڏ پنهنجي دادلن آفيسرن معرفت وڏي پئماني تي نوڪريون کپايون، وزيرن ۽ بيوروڪريٽن جي اهڙن ڪارن ڪرتوتن کان قائم علي شاه پنهنجو پاند ڀلا ڪيئن ٿو آجو ڪرائي سگھي؟؟ ان کان علاوه ٻٽي نظام سميت “مهاجر صوبي” جون سازشون به سندس ئي دور ۾ ٿيون، هي وفاق ۾ پ پ پ جي حڪومت هوندي اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبي جو حصو نه وٺي سگھيو، سندس سڄو زور “نمائشي” پريس ڪانفرنسن تي رهيو، عملي طور سندس ڪارڪردگي زيرو رهي، سندس دور تاريخ ۾ سٺن لفظن ۾ ڪڏهن به نه لکيو ويندو. هن وقت جڏهن پيپلزپارٽي کيس هٽائي ڇڏيو ته عام ماڻهن ۾ سرهائي پيدا ٿيڻ سميت هڪ اميد به جنم ورتو ته هاڻي مراد علي شاه “شاه صاحب” جي روايتن کي دهرائڻ بدران عوامي ڀلائي جا ڪم ڪندو، ڏٺو وڃي ته مراد علي شاه وٽ ٽائم تمام گھٽ آهي ۽ مسئلا تمام گھڻا آهن، پر جيڪڏهن ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جو جذبو هجي ته ڪافي حد تائين مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، اسان سمجھون ٿا ته نئين وڏي وزير وٽ ڪو الاوالدين جو چراغ نه هوندو جو هو اچڻ شرط قبيلائي تڪرارن، اغوائن، ڦرن ۽ ٽاگيٽ ڪلنگ سميت ٻين دهشتگردي جي واقعن جو خاتمو آڻڻ سان گڏوگڏ تعليم، صحت، ۽ آبپاشي سميت ٻين کاتن ۾ فوري طور بهتري آڻي پر جيڪڏهن مراد علي شاه رڳو قانون جي بالادستي قائم ڪندو ته سڀ مسئلا پاڻ ئي حل ٿي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ ته بنيادي مسئلو آهي ئي قانون جي حڪمراني جو. قانون جي حڪمراني يا گڊ گورننس قائم ٿيڻ سان رينجرز يا ٻين وفاقي ادارن کي سنڌ صوبي ۾ غير آئيني مداخلت ڪرڻ جو موقعو به نه ملندو ۽ اهو تڪرار پڻ پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويندو. اڄ جمعي تي سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ گھڻو ڪري مراد علي شاه اڪثريت سان چونڊجي ويندو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هو وڏ وزارت جي مختصر مدي ۾ عوام جي اميدن تي ڪيترو پورو لهي ٿو؟؟
هڪ شاهه صاحب ويو ته ٻيو آيو .... جڏهن طاقت ڪنهن ٻئي جي هٿ هجي ته ڪٺ پتلي وزير اعلا ڇاٿو ڪري سگهي؟ ٻيو ته قائم علي جي عمر هن وقت ايتري هئي جو کيس پاڻ ئي ڪرسي ڇڏڻ گهربي هئي پر سيد ڪرسيء سان جند لڳايو ويٺو رهيو ...
سنڌ سان سازشون ڪري سنڌي قوم سان ويساه گهاتي ڪئي ويئي آهي پر افسوس جو ان تباهي ۾ پنهنجا سنڌي شامل رهيا آهن. حيرت جي ڳاله اهيا آهي ته ڪالهوڪا لوڌيل اڄ ڌار صوبو ٿا گهرن ۽ سنڌ جا اصل وارث پنهنجا حق گهرندي چيچلائي ماريا ٿا وڃن اهڙن ڪميڻن ماڻهن کي ڇا ڪندئو جيڪي سون تي سيڻ مٽائڻ وارا آهن. اڄ پ پ پ ٺاهڻ وارن کي پ پ پ جي ضرورت ڪانهي ڇو جو اهي پنهنجا مقصد حاصل ڪري چڪا آهن . هاڻي ته احتساب جي نالي تي انهن جي واڇن مان اهو سڀ ڪجه ڪڍندا جيڪي هنن کاڌو يا نه به کاڌو . ميڊيا جي ٻولي مان سبق سيکاريو ٿو وڃي ته سنڌي ڇا جي لائق آهن . هڪ دهشتگرد تنظيم لاء به هنن وٽ همدرديون آهن ۽ انهن کي پاڪستان جي مضبوط پارٽي بڻائي پيش ڪيو ٿو وڃي ليڪن سنڌ جي ڪنهن به آواز کي گناه ڪبيرا سمجهيو ٿو وڃي. اسان جا سنڌي چينلن جا ڪامورا پيئسن خاطر هر سودو ڪري ويٺا آهن . باقي اڪيلو اڪيلو ڪري ماريو ۽ هيسايو ٿو وڃي. هي به ڊرامي جو هڪ اهم حصو آهي جنهن جو نالو آهي مراد شاه جنهن کي نوجوان قيادت جو روپ ڏيکاري سنڌي قوم جي احتساب ڪيو ويندو ۽ دنيا اڳيان پيش ڪيو ويندو ته سنڌي قوم جاهل ڪرپٽ ۽ نا اهل آهي. انهن کي هر اداري ۾ اڇوت سمجهو ويندو . ۽ مجبورن ماڻهو انهن ادارن مان ٿا ته نڪري ويندا يا اڇوت بنجي گزاريندا. جيئي ڀٽو..............