• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسئلو اردو ڪي بورڊ ۽ فانٽ ڪيئن ڊائون لوڊ ڪجي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ليپ ٽاپ تي نئين ونڊو لڳرائڻ کانپوءِ، ايم بي سنڌي 2010 ڊائون لوڊ ڪئي اٿم ـ هاڻ اردو ڪي بورڊ ۽ فانٽ ڪيئن ڊائون لوڊ ڪجن ته جيئن اردوءَ ۾ سولائيءَ سان لکي سگھجي؟ اڳ ۾ ڀرڳڙي صاحب قرب ڪري، مون کي ايم بي اردو پروگرام موڪليو هو پر هاڻ انهيءَ ۾ وائرس پيل آهي سوڪو طريقوٻڌائيندا ته مهرباني ـ ٻيو ته ايم بي 2010 بهتر آهي يا 2007 سو به لکندا؟
 
سائين.... ونڊوز 7 جو اردو ڪي بورڊ، جيڪو هن حقير جو جوڙيل آهي:

ونڊوز 8 لاءِ اردو ڪي بورڊ....

باقي ونڊوز 10 لاءِ ته مون وٽ ونڊوز 8 جو اردو ڪي بورڊ انسٽال ٿئي پيو. ها جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ڪا ڏکيائي ٿئي ته اهو آگاهه ڪري ته جيئن ونڊوز 10 جو ڪي بورڊ به تيار ڪريان.


اردوءَ جا فونٽ:

 
هن جي انسٽاليشن جو طريقو هوبهو ائين آهي، جيئن ايم بي سنڌي انسٽال ٿيندي آهي....! البت 32 بٽ يا 64 بٽ کي مدنظر رکندي، سيٽ اپ وارو گهربل فائل انسٽال ڪجو.
 
سنڌي ماڻهو کي اردو ڪي بورڊ جي ضرورت خبر نه آهي ته ڇو پئي آ .....؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
سماج ۾ اُٿڻو ويهڻو آهي، انڪري اردو به لازمي آهي (سنڌي صرف سنڌي ڳالهائيندڙ ئي سمجهن ٿا، اردو ته پٺاڻ سميت پاڪستان جون سڀ قومون سمجهن ٿيون)
اڄ ڪلهه سنڌين جا ٻار به سنڌي نٿا پڙهي سگهن ۽ اردو پڙهي ٿا وڃن.. انڪري ٻئي ٻوليون به لازمي آهن..

سائين ! سوال ڪرڻو اٿؤ ته انهن کان ڪريو، جَن اردو ڪيبورڊ ٺاهيو (محترم شبير ڪنڀار کان).
 
سنڌي ماڻهو کي اردو ڪي بورڊ جي ضرورت خبر نه آهي ته ڇو پئي آ .....؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
سائين.....اردوءَ ۾ پوسٽنگ ناهن ڪرڻيون ڇا ته پوءِ، سنڌ جو ڪيس ٻين کي ڪيئن سمجھائي سگھندا سون؟ مون ڪالاباغ ڊيم خلاف 53 اردو ۽ 23 انگريزيءَ ۾ پوسٽنگ فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر تي ڪيون آهن جڏهن ته سنڌيءَ ۾ پوسٽنگ انهيءَ کان علاوهه آهن ـ ڌارين جي گھڻائي، انگريزي نه ٿي سمجھي سگھي ـ
 
اها ئي ته ويڌن آ جو پنهنجو نسل پنهنجي ٻولي کي اچارڻ ۾ عيب ٿو سمجهي اسان کي ٻين کي ٻڌائي ڇا حاصل ڪرڻو آ ڇا ان جي سوچ اسان جي گهر کي قبوليندي نه ڪڏهن به نه هي هڪ صدي جو تجربو آهي جن سنڌ ۾ رهي سنڌي ٻولي نه سکي نه سکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جا دوست انهن جي بيڪار زبان جيڪا زبان جي ضمري ۾ به نه ٿي اچي هڪ هندي آواز آ ٻولي ته پري جي ڳاله آ جنهن جي حالي جنهن جي اقبال جنهن جي غالب سنڌي ۾ هڪ به اکر نه چيو ۽ اسان جا دانشور غلامي ۾ مهو ٿيندي اڙدو جي اورچائي ۾ پورا خوشامد ۾ پورا هي به هڪ شنڌي ٻولي سان غداري جي ضمري ۾ اچي ٿو ...جي سنڌ جا حڪمران غلط ڪن ٿا ته هي وري ڪهڙو سنڌ جي سور ۾ مٿو ٻڌڻ آهي هي به ته اهڙو ئي ڪردار ڪري پاڻ کي ارڊو دانن اڳيان پڇ لٽڪائو پيو نظر اچي .....جي سنڌي ۾ سنڌيصت جي غيرت نه ايندي ته مٺا هي ٻولي سرڪاري طور تي ته سنڌ منجهان نيڪالي ڏنل آهي لياقت علي جي ڳٺ جوڙ ۾ ۽ بي شرمائي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ اڙدو ۾ ڪار ونهوار پيو هلي هن کان وڌيڪ غلامي کي ٻيو ڇا سڱ ٿيندا جو سڀني کي نظر ايندا ...اسيمبلي سنڌي نماعدن جي ۽ ٻولي هو هندستاني آواز بي سرو سامان ...........
 
سائين اردو جو ڪي بورڊ ۽ اردو سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ، پهريان ڪجهه هدايتون ضرور نوٽ ڪئجو...ونڊوس ايڪس پي ۾ مذڪوره ڪي بورڊ انسٽال ڪرڻ لاءِ پهريان ونڊوز سي ڊي مان سنڌي يا اردو ٻولي جا ڊرائيورس ڪرڻا پوندا هئا ۽ بعد ۾ وري سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻو پوندو هو...پر منهنجي ڪلائوڊ اسٽور تي هڪ اهڙو سافٽ ويئر موجود آهي...جنهن کي ونڊوز ايڪس پي تي انسٽال ڪرڻ لاءِ هاڻي ونڊوز جي سي ڊي لينگويج جا ڊرائيورس انسٽال ڪرڻ جي ضرورت اوهانکي هرگز نه پوندي....بلڪه اهو اردو ڪي بورڊ انسٽال ڪرڻ کانپوءِ اوهان سنڌي به ڊائريڪٽ سافٽيوئير انسٽاليشن ذريعي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪري استعمال ڪري سگهو ٿا....جڏهن ته ونڊوز 07 ۾ وري اها اردو ڪي بورڊ مون واري ٽيڪنڪ مطابق ڪم نه ٿي ڪري...بلڪ سنڌي خود بخود سافٽ ويئر ذريعي انسٽال ٿي لينگويج ۾ ايڊ ٿي وڃي ٿي.. ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
 
Back
Top