• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڍڙو نطم...

ننڍڙو نظم
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛

هو ،اسان جي آس ۾
قرب جي ڪنهن قياس ۾
هو هوا وانگر آهي جيئن
خوشبو هجي ڪا واس ۾
اڃ اندر جي ٿي لهي
پاڻي جهڙو پياس ۾
رت رڳن ۾ جيئن ڦري
اهڙو سانڍيل ماس ۾
ننڊ آ يا جاڳ آهي
جو رهي وسواس ۾
هو آ رونڪ روح جي
راز آهي راس ۾
نفس جي جنهن ۾ نفي
نينهن نرمل ناس ۾
هو اسان جي آس ۾

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top