• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دريا ڏک جا پار ڪياسين ...

دريا ڏک جا پار ڪياسين
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
دلدار نه ڏي ڀل دلداري
پنهنجي ياري روز ازل کان
پنڌ پچارون
سڪ ۾ سارون
ساه اڏارون
يارو ياري
آهي ڌتاري
ڪومل ڪومل
اڻڀا ڪيئن ٿيا
هي ڳل تنهنجا
ڳجه ڳراٽي
مکڻ ۽ ماٽي
جهو جهو
جي تو جيءَ جنسار
ساجهر ساجهر
ڪرت ڪو ڪار
مال به ميڙي
اندر کيڙي
ٻنين ۾ پو لک لامارا
گاه هجي يا
لئي لابارو
تنهنجو جهومڻ جيءُ هي سارو
روح اوٿارو
پاند هي پيارو
جهول جهلي وڍ ڪرڻ ها
سنگ سنگ چونڊي اڌ ڪرڻ ها
تنهنجي جيون جي جنسار
هانءَ ۾ حرکي ٿي پئي سار
شيٽ جو چولو
نيري پوتي
تو هئي واه ڪناري ڌوتي
تنهنجا تجلا
سڀ ها اجرا
اجري سوچ
لڪ ۾ لوچ
اندر اڌمان
سڪ ۾ صدمان
روز سهان ٿو
روز چوان ٿو
تون هئين گوري
مون لئه ڇوري
ڏسندي ڏسندي
ڌار ٿياسين
دريا ڏک جا پار ڪياسين



لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top