• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون سڄو بيڪار ....

تون سڄو بيڪار
تون سڄو بيڪار
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
سڀني سنڌ کي ڦريو لٽيو
انهن ۾
هندو هجي
يا
پنجابي
پٺاڻ هجي يا
انگريز ڪمينو
يا هي هندستاني را جا ايجنٽ مهاجر
يا
ڪو ٻيو
پر سنڌ جي قسمت ۾ انهن واهياتن وير وڄائي ڇڏيا
اسان جا اٻوجه سنڌي جن کي ڪن مسلماني ۾ لٽيو ،
ڪن سنڌيت ۾ لٽيو
ڪن واپار جي عيوض لٽيو ڪن
پاڻ ۾ ويڙهائي قبضو ڪيو ....اسان اڃا به ساڃان وند نه ٿي سگهياسين لٽندا رهياسين ڦربا رهياسين
وطن هي ويڙيهچن جو
ونگار ڪري ڦريو ويو
ملائي جلائي
اکين ۾ سرمو وجهي وجهي
افسوس جو هنن جي چالن کي
اسان يڪجهتي چوندا رهياسين
هڪ سوچ لوچ چوندا رهياسين
جن هاڻي به
ٻولي جي بند ڪرڻ جا طور طريقا
پيسي لٽڻ جو بهانه
آبادي ۾ ملاوٽ
۽ غير سنڌي آبادي جي لحر
جيڪا ڀيانڪ حد تائين پڳي آ
پر اسان جو سنڌي پنهنجن جون
پڳون مٽي ڪرڻ جي جوش ۾ آ
.....واه
واه
واه
ڪو اڙدو لاءِ ڪرتب ٿو ڪري ته ڪو
انگريزي جو اولاد ٿيڻ ۾ فخر ٿو محسوس ڪري
ڪو ننگو نچڻ ۾ سماع ٿو سمجهي ته ڪو غداري ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ٿو ڇڏي
حيف هجي اي وقت جا سالک
حيف هجي
اي وقت جا درويش
حيف هجي
اي وقت جا
علمبردار
تون سڄو بيڪار
تون سڄو بيڪار


لبستم دائودپوٽه
 
جي سائين بجا فرمايو توهان بلڪل ائين ئي هجي ها پر جيئن ته مخالف رخ جو تعين ڪيو ويو انهن ڪردارن جي ماٺ ٿيڻ به هڪ مڪاري آهي جنهن جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين ...بحرحال توهان جي پنهنجائپ واري ڪار وڻي ۽ اتساه ۾ آهيون سلامتن ۾ هجو پيارا سائين محترم
 
Back
Top