• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجه بره برسات جا بيت

ڪجه هي بيتن بياني
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛

وٺو مينهن مند سان سانوڻ سلوڻو
جر ٿيو جالار اندر الوڻو
ڏئي دل ڌوڻو اوج اچي ويو عشق ۾
..............................
مندائتي مينهن جي سڪ هئي سرير
روح بيتل باند هو وٺي جي هن وير
اندر ۾ اڪير ارڏايون اٿلي پيون
.................................
هوا گهلي مونسان ملي هلي هئي هوت ڏي
سنهي بوند بهار ٿي سڪ جيڪا سوچ ڏي
اندر پيو اوت ڏي ڏونگر ڏاريان ڏيه جا
...................................
وسڪارو وڏو وري ڪڻ ڪڻ ٿي ڪر تي
ترايون تر ٿيو ڀرجي سڳر سر بره جي بر تي
اهڙي هن ابر تي سندم روح راڙي ٿيو
....................................
آءُ اجهو آءُ سڪي پيو ساه
تو لئه من مرجهايو دورين جا ٿيا ماه
چڻنگ وڏي هن چاه دلبر تو دوست لئه
..............................
وري ولر آيا پکي پراڻا
دل ٿي ڌڪ ڌڪ پر ۾ پڇاڻا
ويرم آيا آس ۾ وري اڏاڻا
لحرون لوڏ وڻي وري ڪن ماڻا
گهور سان گهايل ڪري ويا سياڻا
اسان پريت پيسجي سڏيو تو راڻا
روڄ رڙي پئي دلڙي عضوا اجهااڻا
محبت اهڙو معمرو پيل ڄڻ گهاڻا
اوواو لڳي جالاڻا سندم ساه اوساٽ ٿيو
........................................

لبستم دائودپوٽه
.............
 
Back
Top