آوازن کي زخمي ڪرڻ سان احساس ناھن مرندا....!

'ڪالم' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2016۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.

    آوازن کي زخمي ڪرڻ سان احساس ناھن مرندا....!


    غلام رسول چانڊيو




    اکين اڳيان اوندھ ورھائيندڙن کي ڪھڙي خبر ته خواھشن جي ڪا سرحد ناھي ٿيندي، ليڪا ته سياست جو ڪاروبار آھي، محبتن کي نقصان ۽ فائدي جي ڪھڙي پرواھ! ملڪن جون ڀلي ڪنڊيدار تارون ھجن يا وري گھرن کي ڏنل ٻاٻرا لوڙھا، محبت لاءِ قيد جي ڪھڙي معنيٰ!؟ وجود جيڪڏھن ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ قيد به ڪري ڇڏجي ته ڇا محبت جو پويتر شعور قيد ٿي ويندو؟ جيڪو پويتر شعور انساني وجود ۾ به قيد نه ٿو ٿي سگھي، سو ڪنھن چئو ديواري ۾ قيد ٿئي، سا ڳالھ ته ائين آھي جيئن سج کي غُسل ڪرائجي.... ممڪنات جي قيدي روحن کي اھا سادي ڳالھ به سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته ميلاپ رڳي جسمن جو نه پر شعور جو به ٿيندو آھي جنھن ۾ به ٿڌا ساھ ھوندا آھن، ڀاڪرن جون ڀَريون ھونديون آھن، ڳوڙھا ھوندا آھن ۽ ٽھڪ به... جن ٽھڪن جو آواز ٻوڙا نه ٻُڌي سگھندا آھن... عشق ممڪن ۽ ناممڪن جي وچ تي جو ڪجھ ھوندو آھي، اُھو ئي ته عشق ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن وچ تي ڪجھ به ناھي ھوندو ته پوءِ الائي ڇو قيدي روحن جا ڌڻي پنھنجي ئي قيد جي چوڪيداري ڪندا آھن، جتي ڪجھ به ناھي ھوندو اُتي ئي ته سڀ ڪجھ ھوندو آھي، ممڪنات ۽ ناممڪن جي وچ تي اميدن جي اجائيپڻي کان سواءِ ڇا ھوندو آھي؟ پر پوءِ به اميدون سدائين ناھن مرنديون جو آسمان ۽ ڌرتي جو عشق لاحاصل ھوندي به قائم آھي ڇو ته سندن جُز ۽ ڪل واري رشتي جي تاريخ لکين سال پراڻي آھي، اسان جي ڌرتي ۽ آسمان جي وچ تي ھر وجود جي وائِي جا ويري بڻيا آھيون انھن کي ڪھڙي خبر ته آوازن کي زخمي ڪرڻ سان احساس ناھن مرندا، جي احساسن کي نه ٿا ماري سگھون ته پوءِ آوازن کي زخمي ڪرڻ جو ڪھڙو ضرور! پر اسان جا روح به قيدي پکين وانگر آھن، پڃرن ۾ رھي رھي قيد جا عادي ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ جڏھن کين آزاد ڪيو وڃي ٿو تڏھن به ھو پڃري کي ئي پسند ڪن ٿا ۽ پوءِ به ھو پڃرن ۾ ٻولين ٿا پر اھو قيدي پکين جو ڪلام ڪھڙي ڪم جو جنھن تي وڻ رقص ڪري نه سگھن!؟ اسان الاءِ ڇو اجايو ڪنھن ڪمري جا دروازا بند ڪري سمجھندا آھيون ته سج ناھي اڀريو شايد پکين جي قيد وانگر اسان کان به اڏرڻ وسري ويندو آھي ۽ محروم ٿي ويندا آھيون ان اتم اڏار کان جيڪا ڌرتي جا نياپا آسمان ڏانھن کڻي ويندي آھي، ڌرتي ۽ آسامان جي وچ تي جو ڪجھ آھي اھو ڌرتيءَ جو درد آھي ۽ ڪائنات جو وڏو درد ئي ھيڪڙائي وارو عشق آھي جنھن کي اسان نظرين جي پڃرن ۾ رھي قيدي عادتن وانگر رھڙي رانڀوٽا ھڻي لھو لھان ڪري رھيا آھيون....


    خواھشن جون نديون سڪنديون ناھن انھن لاءِ سانوڻي سدائين ھوندي آھي، خواھش اميد جي ساڙوٽي ڀيڻ آھي جنھن کي اھا خبر ناھي ھوندوي ته من جي وڏ ڦڙي لاءِ بادلن جي ضرورت ناھي ھوندي، ائين جيئن اکيون ڪنھن ڪڪر کان سواءِ سارنگ بڻبيون آھن، گلن جو رنگ ڪھڙو به ھجي پر اھي پر ڪشش ھوندا آھن، رنگن تي پسند نا پسند جا عنوان اسان ڏيندا آھيون جنھن سان گلن جي صحت تي ڪو فرق ناھي پوندو، ھو جنم وٺندا آھن پيش ٿيڻ لاءِ ۽ ھو وارن جي چوٽي ۾ ڄمندا آھن ته ڪتابن جي پنن ۾ به ڪنھن شڪايت کان سواءِ سڪڻ ۽ ڀور ڀور ٿيڻ تائين پيا ھوندا آھن، ائين جيئن ڪنھن سيج تي زرا زرا ٿي به خوشبو ڏيندا آھن ۽ اسان فطرت جي ھر سيج کي ساڙڻ چاھيون ٿا ۽ نه ٿا سمجھون ته خوشبو اصل ۾ بدبوءِ جي احساس کي ختم ڪرڻ جو نالو آھي پر اسان لاءِ ڇو نڪ کي رڳي ساھ کڻڻ سمجھي ويٺا آھيون تڏھن ته نه ٿا سمجھون ته اھي گلابن جا پتا ئي عشق جا آھن جيڪي پنھنجو وجود ريزا ريزا ڪري به سيج جي سندرتا سنڀاليندا آھن... عشق آھي ئي سندرتا کي سنڀالڻ جو نالو پر سندرتا جي ادراڪ کان خالي قيدي روح حسن کي رانڀوٽا ھڻي رتو رت ڪندا پئي آيا آھن پر پوءِ به ھو پنھنجي اظھار کان ڪڏھن مڙيو آھي...!


    حسن مھمان آھي پر اسان سڀئي عقيدا، آدرش ۽ نظريا وساري ان مھمان کي ڀلجي آيل شڪار سمجھندا آھيون... اھو ئي ته الميو آھي چنڊ جي مستيءَ کي مات ڪرڻ جو، پر پوءِ چنڊ ڪڏھن رنو آھي؟ مستي، ھستي ۽ نيستي جو ڪائناتي ميلاپ ھوندي آھي، جتان سنسار کي معنيٰ ملندي آھي ۽ اسان ان معنيٰ جا ڪيئي قتل ڪيا آھن ۽ ان خونريزي جي تاريخ تمام پراڻي آھي پر اڃان تائين اھڙي ڪا عدالت نه لڳي آھي جا انصاف ڪري ۽ محبت جي مارِيُن تي ڪي تعزيراتون لڳن، چنڊ کي ٽڪرن ڪرڻ واري خواھش مان ڪجھ ناھي ورڻو جو چنڊ سمنڊ جو وجود آھي ۽ صدين کان سمنڊ جي سڪائڻ جون خواھشون ئي انسان جو الميو آھن.... تھذيبن ته وڌيڪ وھشتن کي ڄڻيو آھي، تھذيب جي پنھنجي ڪک مان بندوق نه ڄڻي ھا ته اڄ ھي حسين دنيا پنھنجي حسن جي سَخا ڪري ھا ۽ ھر ڪنھن کي پنھنجي پَتيِ ملي ھا پر اسان جو بادشاھتن جا اُتم تاج جوڙيا ته بندوقن پنھنجو غليظ اظھار ڪيو.... وحدت جي المناڪ ورھاست ٿي، جنھن آزادي سان پنھنجي حسن جو اظھار ڪرڻ پئي چاھيو پر بندوقن جي بي رحم ڀئو، قبيلن کانوٺي قومن تائين ۽ نظرين کان وٺي لڪيرن تائين جي قيد جا وڏا ڪوٽ اڏي ڇڏيا ۽ سڏڪا حُسن لاءِ ھزارين سالن جو ڏاج بڻجي پيا ۽ عاشقي جي اکين مان اڄ تائين رَت ٺيِنڍيون ڪري وھي رھيو آھي.


    رتُ جنھن کي دلبرين کان دورين لاءِ سڙڻ کپندو ھيو اھو عقيدن لاءِ سڙيو ۽ اسان حسن مٿان ڪات اڀا ڪري بيٺاسين ته اڄ تائين اسان جي ڳچين ۾ بک ۽ بدحالي جا طوق پيل آھن، جو حسن سڀن جو ھيو، اُھو تنھنجو منھنجو بڻجي پيو ۽ اتان کان وحدت جي ڪنڌ ۾ ڪات لڳو جو اڃان تائين وحدت جي ڳچيءَ مان رت ٽمي رھيو آھي ۽ جنھن ۾ اسان سڀ لُڙھي رھيا آھيون... اسان آسمان تي به کاردار تارون ٽنبڻ چاھيون ٿا ۽ ان خواھش جي ڪُک ۾ اسان جو پنھنجو ئي موت لکيل آھي... نه ٿا ڄاڻون ته اسان ھن جنت جھڙي ڪائنات ۾ نانگ پالي انھن کي آزاد ڇڏي ڏنو آھي جيڪي ڪائنات جي زري زري ۾ زھر ڀري رھيا آھن... زھر جيڪو اسان جي رڳن ۾ رت وانگر ڊوڙي رھيو آھي، اھو رڳي اسان کي انت طرف نه پر سموري ڪائنات کي انت طرف وٺي وڃي رھيو آھي...اسان زھر جي وجود جا موتمار عضوا بڻجي پيا آھيون ۽ اندر ۾ جيئرن وڇن لاءِ جايون جوڙي ڇڏيون اٿئون جيڪي اسان جي زبان ۽ ڪردرا مان ٻين کي ڏنگي رھيا آھن...


    ڪھاڙا ۽ ڪرٽ جڏھن وڻن کي وڍيندا آھن تڏھن وڻ روئندا آھن جو ڪھاڙن جا ڳَنَ به وڍيل وڻن جو وجود ئي ھوندا آھن، ائين بلڪل ائين... اسان به پاڻ کي ئي وڍي رھيا آھيون... وڻن جو ماتم اسان کي ٻڌڻ ۾ ناھي ايندو جو اسان جي شعور جا ڪن ٻوڙا آھن ۽ ضمير جون اکيون چُلھ بڻيل آھن پر سچ ته وڻ روئندا آھن! جن کي اعتبار نه ٿو اچي اھي ڪنھن وڻ ھيٺان ويھي ڏسن ۽ غور ڪن ته پکين جون ٻوليون رڳي گيت ناھن ھونديون پر انھن ۾ اوسارا به ھوندا آھن ۽ اھي اوسارا وڻن جو وڇايل تڏو ئي ته ھوندا آھن پر الاءِ ڇو اسان ھن ڪائنات لاءِ ھڪ اھڙو خوف بڻجي پيا آھيون جيئن ڪنھن ٻار جي روئڻ تي ماءُ “گدڙ کائيندو” جو دڙڪو ڏيندي آھي، اسان ڪنھن ماءُ جو دڙڪو به نه پر اھي گدڙ آھيون جيڪي ڪائنات جي ھونگڙيون ڏيندڙ ٻارن کي کائي رھيا آھيون، عشق ٻار ٿيندو آھي سا اسان کي اڄ تائين خبر نه پئجي سگھي آھي ۽ نه ٿا ڄاڻون ته وحدت ماءُ جي ڪک وانگر ٿيندي آھي جنھن مان ڀٽائي ۽ سچو به جنم وٺندا آھن.


    گوشت رڳي جانورن جو نه ٿو کاڄي، ڪائنات جي ھن جھان ۾ انسانن جا ڪاسائي به آھن جن ڪڏھن ڀري بازار ۾ ماءُ سان رانديڪي لاءِ ضد ڪندڙ ٻار جو ننڍڙين آڱرين وارو ھٿ ننڍڙي ٻانھن کان جدا ڪيو آھي ته ڪڏھن مسجدن ۾ ھستي جي انڪار لاءِ ويل عدم جي پانڌيئڙن جي سجدن کي به ڪُٺو آھي... ڪاسائي جيڪي ھڪ ھوندي به ڪيترن قبيلن ۾ بگھڙن جي ڌڻن وانگر ھلن ٿا، انھن سمنڊ کي به ڌماڪه خيز مواد آڇي خود ڪشيءَ لاءِ اتساھيو آھي، ھو چنڊ جي پيٽ سان به بم ٻڌڻ چاھين ٿا، ھو چاھين ٿا ته مور جي ڳچيءَ ۾ بمن جو ھار پارائجي ۽ ندين جي پيٽ ۾ پاڻي بجاءِ بارودي مواد جا وھڪرا ھجن ۽ عورت جي چوٽيءَ ۾ گندرف جو تيل لڳل ھجي..... ھو بارود جي بد بوءِ جا ھيروئني موالي ٿي چڪا آھن، جيڪي ھيروئن جي پُڙيءَ لاءِ ماءُ جي ڪپڙن کي به وڪڻڻ چاھين ٿا، جيڪو ڪک کي ڪھن ٿا انھن لاءِ ان پوتي جي ڪھڙي معنيٰ جنھن ۾ حجابن جي حسين ڪائنات ھوندي آھي..... ھو ھر اھو لفظ شھيد ڪرڻ چاھين ٿا جنھن ۾ حسن، پيار، عشق ۽ اوسيئڙن جو اظھار ھجي..... ھو ھر اظھار جو قتل چاھين ٿا ۽ چاھين ٿا ته ته انساني آزاديون پکين جا پڃر بڻجي وڃن، محبتن جي سسي پٽي وڃي ۽ اکين جي ندين کي ھميشه لاءِ بند ڪيو وڃي ته جيئن ڪو ڳوڙھو ڳلن کي غسل نه ڪرائي سگھي جو ڳوڙھا رڳي درد جا ناھن ٿيندا.... محبوب سان وڇوڙن کان پوءِ واري ميلاپ کي به ڳوڙھا ٿيندا آھن...


    ندين، نارين،نوجوانن ۽ ٻاتڙين ٻولين جي قاتلن جا قبيلا نه ٿا ڄاڻن ته ھو وحدت الوجود جي اھا رت ڳڙي آھن جيڪا سندن ئي بدن مان گند اوڳاڇي ڪائنات ۾ ھڪ اھڙي ڌپ ڦھلائي رھي آھي جنھن سان ھن حسين ڪائنات جو ساھ ٻوساٽجي رھيو آھي... ھا وحدت الوجود کي به تڏھن رت ڳڙي نڪرندي آھي، جڏھن اسان ٻيائي جي ٻرندڙ آڳ تي پنڌ ڪندا آھيون ۽ وحدت الوجودي حسن جڏھن روئندو آھي ته دنيا اندر ڀٽائي پيدا ٿيندا آھن ۽ سچل جون صدائون ڪائنات جي زخمن تي پھا رکنديون آھن ۽ پوءِ حسن ۽ عاشقيون وري جيئندي ڪائنات جا ڳوڙھا اگھنديون آھن.......



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو