ٿورو تصور ڪريو ته توهان ڪنهن وڏي شهر جي ڪنهن وڏي عمارت بجاءِ هڪ ننڍي باڪس يا پيتي ۾ ستل آهيو۔۔۔ توهان کي ڪيئن لڳندو۔۔۔؟ دبئي انتظاميه زمين جي گهٽتائي ۽ ڪنسٽرڪشن جي پهاڙ جهڙي خرچ کان سواءِ آبادي جي اضافي کان پريشان ٿي هڪ عجيب و غريب منصوبو جوڙيو آهي۔۔۔ جي ها اهو منصوبو آهي سمهڻ لاءِ 2 m x 1,40m x 2,30m سائيز جو باڪس ۔۔۔ جنهن کي محفوظ ۽ آرام ده باڪس۔۔۔۔ دبئي ۾ ٻاهرين ملڪن کان روزگار خاطر ايندڙ ماڻهون انهن ۾ خاص دلچسپي ان لاءِ ڏئي رهيا آهن ته وڏين عمارتن ۾ مهانگي رهائيش کان هي رهائش ڪجهه سستي پوندي۔۔۔ هن طرز جي رهائيش کي خاص طور ايئرپورٽ، ريلوي سٽيشن، روزگار جي جاين ۽ شهر جي اهڙن هنڌن تي بڻايو ويندو جتي رهائش لاءِ بندوبست مشڪل هوندو آهي۔۔۔ اهڙن باڪسز ۾ بستري نما بيڊ کان علاوه ايل سي ڊي ٽي وي، وائي فائي ذريعي منسلڪ ٿيل ليپ ٽاپ، چارجيبل فون ۽ سامان رکڻ لاءِ باڪس جي اند باڪس۔۔۔ جڏهن ماڻهون اهڙي رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ ويندو ته کيس اليڪٽرانڪ چاٻي ملندي۔۔۔۔ اهڙا باڪسز گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ کان وٺي ڪيترن ڪلاڪن، ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ سالن لاءِ حاصل ڪري سگهبا۔۔۔ هن پروجيڪٽ جي تصويري جهلڪ حاضر آهي۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=3qxnqy37KPc
جواب: دبئي ۾ سمهڻ لاءِ باڪسز بنائڻ جون تياريون۔۔۔۔ اڃان الائي ڇا ڇا ٿيندو۔۔۔۔! واه سائين واه ڪم خرڄ بالا نشين ليڪن سائين هن ۾ جيڪڏهن ضرورت ٿئي ڪا حاجت جي ته پوء ته همراه قابو هوندو۔ليڪن انجو به ڪو نعم البدل ٺاهيو هوندائون۔
جواب: دبئي ۾ سمهڻ لاءِ باڪسز بنائڻ جون تياريون۔۔۔۔ اڃان الائي ڇا ڇا ٿيندو۔۔۔۔! تمام سٺو ۽ تخليقي خيال آهي، خاص ڪري اهڙن هوائي اڏن تي جت ٽرانزٽ فلائيٽ جا هزارين مسافر اچن ٿا ۽ ڪن کي 12 تي ڪن کي 24 ڪلاڪ به انتظار ڪرڻو هوندو آهي، انڪري اهڙا ڪمرا جيڪي آرام سان سمهڻ جي ڪم اچن ته ان سان مسافر کي به آرام ملندو ۽ هوائي اڏن کي سٺي آمدني پڻ ٿيندي ۔۔۔ اهي ڪمرا ايترا سستا به نه هوندا جو هر ڪو وٺي سگهي ۔۔۔ ٽين درجي ۾ سفر ڪرڻ وارا هوائي اڏي جي فرش ته وقت پاس ڪندا يا هروڀرو هيڏانهن هوڏانهن رلي رلي (ديدار بازي الله راضي ڪري) ٿڪجي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي ڪرندا ۔۔۔ ۽ اهڙن ڪمرن کي ريسالي نظرن سان ڏسندا رهندا ۔۔۔ ترقي يافته قومن جا ترقي يافته خيال ۔۔۔۔