رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
برکا بوند بهار الا..........
برکا بوند بهار الا مينهن وسي پيو مند ملهاري
ساوڻ آيو سڪ منجهاران ديس وسي پيو رت پياري
گيت خوشين جا سکين ڳايا بادل گجگوڙ جي لايا
ماندو من آهي مرڪيوکنوڻن چمڪا يار چوڌاري
سرها ٿي سنگهار اٿي پيا هر هلائڻ جوڙا جوٽون
اوڙ ۾ هرهر کيڙ اڏي پيو بج ڇٽي قرب ڪاپاري
ڀل ڀڄي دلدار هي منهنجو ديس وسي آس اها هئي
بادل بادل ڀرجي آيو ڪڪر سان دل جو قرب قراري
ڌرتي ڀونءِ ڇو نه ڀڄي ڀل سرتي جهڙي هيءَ مٽي آ
تاساريون تڙڳن يار تراين چاه چڙو آ سڀ ڀٽاري
لبستم دائودپوٽه