رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
محبت جو ڪر ڪين ڪو ماپو ...
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
تعبيرون جي ڪين ٿين ٿيون
پوءِ به خواب خوب اچن پيا
پر ۾ تنهنجو يار پڇن پيا
لحزي ۾ هي يار لڇن پيا
گونج وڏي گجگوڙ گجن پيا
هجر هي هوندي سار هجن پيا
قرب جي ڪرتا ڪار ڪڇن پيا
ڀرندي ڪرندي ڀور ڀرن پيا
پوءِ به اکين آر اچن پيا
نينهن لڳائي يار نچن پيا
دردن جو طوفان اٿي پيو
سورن جو سامان اٿي پيو
اڀ ۾ هي ارمان اٿي پيو
شوخي شوخي شان اٿي پيو
ڪهڙا ماڻهو ڪومل ها جي
سڪ ۾ مومل سومل ها جي
قرب سي سڀ ڪامل ها جي
عشق آنڌاري آندل ها جي
سي به مياري منهنجي ياري
تن سان پريت هي آهي پياري
جيون جوت اڃا آ جاري
اونجهيل لاٽ ڪنهن آ ٻاري
ڪو ته آهي جو جيون جيئڙو
جنهن سان دل هي دلبر ٿيئڙو
هانءُ هڄي پيو منهنجو هينئڙو
قرب اسان سان جنهن آ ڪيڙو
هو ته اڃا آوازن آهي
سڪ ڀري ڪنهن سازن آهي
روح ۾ رهندي رازن آهي
نينهن ڀري ڪنهن نازن آهي
آءُ ته توسان اور مان اوريان
دل جي ڳاله سڪ سان سوريان
ڏکڙن کي ڀي ويٺو ڏوريان
پير پريت جو چاهت چوريان
تنهنجون مان مجبوريون سمجهان
تنهنجون ڳڻتيون آءُ ته ڀوريان
تنهنجي ياد جي تسبيح سوريان
آءُ هلي تون هوريان هوريان
منهنجي وس مان ڪين ٿيو هان
تو لئه پريت جي پور پيو هان
تو لئه ڏات سڀات سڪيو هان
ڪويل جي آواز لڇيو هان
مينهن وسي پو گاجن گوڙ
اکين ابر آندو کوڙ
نينهن وڌا هن مون ۾ نوڙ
سڪ ٿيم هن سڪ جي سوڙه
پو
قرب ۾ ڪين ڪبو آ ڪاپو
محبت جو ڪر ڪين ڪو ماپو
لبستم دائودپوٽه
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
تعبيرون جي ڪين ٿين ٿيون
پوءِ به خواب خوب اچن پيا
پر ۾ تنهنجو يار پڇن پيا
لحزي ۾ هي يار لڇن پيا
گونج وڏي گجگوڙ گجن پيا
هجر هي هوندي سار هجن پيا
قرب جي ڪرتا ڪار ڪڇن پيا
ڀرندي ڪرندي ڀور ڀرن پيا
پوءِ به اکين آر اچن پيا
نينهن لڳائي يار نچن پيا
دردن جو طوفان اٿي پيو
سورن جو سامان اٿي پيو
اڀ ۾ هي ارمان اٿي پيو
شوخي شوخي شان اٿي پيو
ڪهڙا ماڻهو ڪومل ها جي
سڪ ۾ مومل سومل ها جي
قرب سي سڀ ڪامل ها جي
عشق آنڌاري آندل ها جي
سي به مياري منهنجي ياري
تن سان پريت هي آهي پياري
جيون جوت اڃا آ جاري
اونجهيل لاٽ ڪنهن آ ٻاري
ڪو ته آهي جو جيون جيئڙو
جنهن سان دل هي دلبر ٿيئڙو
هانءُ هڄي پيو منهنجو هينئڙو
قرب اسان سان جنهن آ ڪيڙو
هو ته اڃا آوازن آهي
سڪ ڀري ڪنهن سازن آهي
روح ۾ رهندي رازن آهي
نينهن ڀري ڪنهن نازن آهي
آءُ ته توسان اور مان اوريان
دل جي ڳاله سڪ سان سوريان
ڏکڙن کي ڀي ويٺو ڏوريان
پير پريت جو چاهت چوريان
تنهنجون مان مجبوريون سمجهان
تنهنجون ڳڻتيون آءُ ته ڀوريان
تنهنجي ياد جي تسبيح سوريان
آءُ هلي تون هوريان هوريان
منهنجي وس مان ڪين ٿيو هان
تو لئه پريت جي پور پيو هان
تو لئه ڏات سڀات سڪيو هان
ڪويل جي آواز لڇيو هان
مينهن وسي پو گاجن گوڙ
اکين ابر آندو کوڙ
نينهن وڌا هن مون ۾ نوڙ
سڪ ٿيم هن سڪ جي سوڙه
پو
قرب ۾ ڪين ڪبو آ ڪاپو
محبت جو ڪر ڪين ڪو ماپو
لبستم دائودپوٽه