• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنم مبارڪ جنم مبارڪ ...

جنم مبارڪ جنم مبارڪ

جنم وٺي هت جڳ ۾ جيئڻ
نه سولو آهي جڳ ۾ جالڻ
هزارين ڪوفت ڪلهن سواري
سکن ۾ رهندي ڏک ۾ گهارڻ
سوال ڪيئي اٿي پون ٿا
جواب جنهن جا حياتي پالڻ
نه درد کان ڪو بچي سگهيو آ
سورصدمه سنگتي يارڻ
ٿيڻ جي ٿاڪن ڪندي ڪا ڳولا
طلب تنوارون سڪ ۾ سانڍڻ
مڃا ٿو پيدا ٿي پوڻ هي
وڻي ٿو امڙ ابي کي تاتڻ
وري هي مائٽ مبارڪون ڏين
دوست دلبر جن جو ڪارڻ
وڻي اسان کي به جيءُ جيون
قرب سڀ جا من کي ٺارڻ
سدان هجن سي سکيا ساوا
جي ياد گيرين ۾ ڪن ٿا سارڻ



لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top