يگانو انسان ۽ بيگانو ليکڪ علي بابا
خدابخش جويو
علي بابا هن فريبي دنيا کي الوداع چئي، هليو ويو! اڄ صبح جو جيئن ئي ڪمپيوٽر کوليم ۽ فيس بوڪ تي محسن جويي جي ان پوسٽ تي نظر پئي جنهن ۾ لکيل هو ته ”علي بابا اسان کان وڇڙي ويو!“ ته منهنجي اندر مان بي ساخته لفظ نڪتو ته ” نه يار نه!“ پر ڇا ڪجي هيءَ دنيا سڀني کي هڪ نه هڪ ڏينهن ڇڏڻي آهي. هن يگاني درويش صفت انسان به ايئن ئي ڪيو. هونه رڳو” يگانو انسان “ هو پر ”بيگانو ليکڪ“ به هو! سندس موڪلائي وڃڻ جي خبر ٻڌي هڪ بيچيني محسوس ڪرڻ لڳس. گذري ويل عيدالفطر جي ٽئين ڏينهن تي ته هو ايڊوڪيٽ مير احمد مڱريو سان گڏجي هتي ڄامشوري ۾ آيو هو ۽ ڪافي وقت تائين سيد جلال محمود سان ڪچهري ڪري ويو هو. ان ڏينهن هو هشاس بشاش، خوش خورم هو. پر چون ٿا ته اهو سڀ ظاهر ۾ هو حقيقت ۾ هو ..........
سندس متعلق وڌيڪ ڄاڻ وٺڻ لاءِ تاج جويو کي فون ڪيم پر هن جو نمبر مسلسل بند پئي مليو. علي بابا سان ڪيل ڪچهرين ۾ ادا ڪيل لفظ ذهن جي پردي تي نروار پئي ٿيا. هن مختلف موقعن تي چيو هو ”مون ٽانگو به هلايو“ ”مون سنڌ يونيورسٽي اندر ٺيڪيداري به ڪئي، اتي روڊ رستا به منهنجا ٺهرايل آهن“. ”مون کي سنڌو درياه سان پيار آهي“ ”مان هلندي ڦرندي،گهمندي لکندو آهيان“ مون ريلوي ۾ به نوڪري ڪئي“ ”مان اڪثر اوڏڻ سان ڪچهري ڪرڻ سنڌو جي ڪپ تي ويندو هئس“ سنڌ ۾ لطيف سائين ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاه کان وڏو ٻيو ڪو به ماڻهو ناهي“ انهن ئي سندس يادن منهنجي اندر ۾ مانڌان مچائي ڏني ۽ سڪون ڦٽي ويو! ۽ گهر کان ٻاهر نڪتس.
هتي ڄامشوري ۾ ڪجهه ڏينهن کان وقفي وقفي سان ميهن پيو هو اڄ اس به نڪتل هئي ۽ زمين مان اٻَ نڪري رهي هئي ، مون اياز عالم ابڙي جي گهر ڏانهن رخ ڪيو. ڇاڪاڻ ته اسان جڏهن به پاڻ ۾ ملندا آهيون ته ڳالهه ٻولهه دوران علي بابا جي يادن جو به ذڪر ڪري ويهندا آهيون. دل کي آٿٿ ڏيڻ خاطر مان ان ڏانهن هلي ويس سندس گهر وٽ پهچي سندس گهر جو در کڙڪايم ، سندس پٽ ارون ٻاهر نڪري آيو. مون کانئس اياز عالم جو پڇيو. جواب ۾ چيائين ”بابا آرام ۾ آهي، هاڻ هاڻ سندس اکين ۾ ڦڙا وڌا اٿم“ مون کيس چيو ”صفا ننڊ ۾ آهي ڇا؟“ چيائين ”نه پر پندرهن منٽن تائين انتظار ڪرڻو پوندو“ مون کيس چيو ”ڪا ڳالهه نه آهي مان گهٽيءَ ۾ پندرهن منٽ انتظار ٿو ڪريان“ ارون ابڙو پنهنجي گهر اندر هليو ويو ۽ اها ئي مهل ٻاهر آيو ۽ چيائين ”با با چوي ٿو اچو“ تڏهن چيم ته هن پنهنجي اکين ۾ ڦڙا وڌا آهن ڪجهه ته آرام ڪري. پر هو مون کي اندر اياز جي ڪمري ۾ وٺي هليو. اياز اکيون پوريل هوندي خوش خير عافيت ڪئي ۽ مون کانئس پڇيو ته ”علي بابا جي خبر اٿئي؟“ چيائين ”نه.“ مون کيس ٻڌايو ته”يار هو پاڻ کي ڇڏي هليو ويو! اياز اهو ٻڌي ڏاڍو نروس ٿيو. اياز عالم ٻڌايو ته ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا آهن جو مون پنهنجي اکين جو آپريشن ڪرايو آهي، گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڪو نه ٿو ٿئي نه ريڊيو آ نه ٽي وي، دنيا جهان جي خبرن کان بي خبر گهر ۾ پيا آهيون هن جون اکيون ٻوٽيل هنيون ۽ ڏکاري انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ مان موڪلائي واپس پئي آيس ۽ هلندي هلندي مير احمد مڱريي کي فون ڪيم ۽ علي بابا جو پڇيو مانس چيائين ڪراچي کان کڻائي اچنس پيا. سندس تدفين ڪوٽڙي ۾ ٿيندي.
علي بابا سان منهنجي پهرين ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن کيس سندس بهترين ڊرامي”دنگي منجهه درياهه“ تي جرمني جي شهر ميونخ ۾ ٿيل سالياني ادبي ميلي ۾ ٽيون نمبر ايوارڊ ملي چڪو هو ۽ ان کان پوءِ ستت ئي سائين جي ايم سيد جي سالگره ٿيڻي هئي جنهن جي تيارين لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سن ۾ تاج جويو ڪاپي ۽ پين کڻي سالگره ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن لاءِ اوطاقون درج ڪري رهيو هو. مون کي چيائين ته ”تون وڃ سائين جي ايم سيد جي حويلي پرسان واري اطاق تي هڪ مهمان کي ڇڏي آيو آهيان ان کي اٽينڊ ڪر.“ مون تاج کان پڇيو ته ”ڪير آهي“ چيائين ”اتي مان علي بابا کي ڇڏي آيو آهيان هو اڪيلو هوندو تون ان ڏانهن وڃ.“
علي بابا جو وڏو نالو هو سنڌ جي هن بيگاني ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ليکڪ 1940ع ۾ ڪوٽڙي ۾ جنم ورتو هو،سندس اصل نالو علي محمد هو.هن کيسنڌي ادب ۽ خاص طور تي ڊرامن ۽ ڪهاڻين لکڻ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. علي بابا جي نالي سان ڪهاڻيون پڙهي چڪو هئس ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي تي به سندس ڪيترائي ڊراما ٻڌا ۽ ڏٺا هئم. جڏهن ان جي موجودگي جو ٻڌم ته ساڻس ملڻ جو اشتياق وڌيو. مان تڪڙو تڪڙو سائين جي ايم سيد جي اوطاق ڏانهن ويس، اهو سج لٿي جو ٽائيم هو. جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڏٺم ته هو سوڙه وجهيو کٽ تي ستو پيو هو . منهنجي اچڻ جي کڙڪي تي اکيون پٽيائين ۽ سوڙه مان منهن ٻاهر ڪڍي پڇيائين ته ”ڪير آهين.“
چيو مانس ته ”مون کي اوهان ڏانهن تاج موڪليو آهي ته جيئن اوهان جي ڪا خدمت ڪري سگهان“. هو کٽ تان ٽپ ڏئي اٿيو. ۽ اتي پيل ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. هن پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو ۽ مون کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو. ان مهل چيو هئائين ته ”سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ اڃان ڏينهن پيا آهن مان اڳواٽ ان ڪري آيو آهيان جو منهنجي خواهش آهي ته سائين جي سالگره لاءِ استعمال ۾ ايندڙ اسٽيج کي مان ٺاهيان. جيڪا سنڌي ڪلچر جو ڏيک ڏئي. ان لاءِ مون کي سر، تيلا پَٿيون ٺاهڻ لاءِ پتر کپندي. جيڪي سن جي اوسپاس يا درياءَ جي هن ڀر ٻيلي ۾کوڙ َآهن. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪمدار کي به چيو آهي ته علي بابا کي ڪجهه ماڻهو ڪري ڏي جن وٽ ڪهاڙيون به هجن . هي انهن کي جهنگ ۾ وٺي ويندو ۽ جيئن چوي اهو ڪريو“.
نيٺ 17 جنوري جو ڏينهن به اچي ويو پر ڪم وارا ماڻهو سالگره جي ٻين ڪمن ۾ مصروف هئڻ سبب کيس نه ملي سگهيا ۽ علي بابا جي خواهش پٽاندر اسٽيج نه ٺهي سگهي. هو ان تي پريشان به هو ۽ مايوس به هو . حسب روايت سالگره جي تقريب ۾ سياسي تقريرن کان پوءِ شاعرن پنهنجي شاعري ٻڌائي ۽ پوءِ راڳ رنگ جي محفل ٿي. مختلف فنڪارن پنهنجي فن واري واري سان پيش ڪيو، رات جا جڏهن 12 کن ٿيا ته انائونسر تاج جوئي عابده پروين کي اسٽيج تي ڳائڻ لاءِ گهرايو. عين ان وقت علي بابا اٿيو، سندس ڪلهي ۾ ٿيلو لڙڪيل هو ، اسٽيج تان لهي ماڻهن جي هجوم مان نڪري وڃڻ لڳو. تاج جويي فوري طور کيس ويندي ڏسي ورتو۽ مون کي چيائين ”وارو ڪر علي بابا ناراض ٿي وڃي رهيو آهي. ڪيئن به ڪر کيس ريجهائي، پرچائي واپس وٺي اچ“. مان علي بابا ڏانهن ڀڳس پر هو تيزيءَ سان هجوم مان نڪري،سن شهر جي پراڻي بازار تائين وڃي پهتو هو۽ مان به وڃي اتي کيس پڳس ۽ کيس گذارش ڪيم ته ”تاج جويي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي ، اوهان واپس هلو“.
علي بابا وڏي ڪاوڙ ۾ هو، چيائين ”هو پاڻ کي ڇا ٿا سمجهن، جيڪو خيال مان کڻي آيو هئس ان جي پورائي نه ٿي. مان نه هلندس.“ هن پنهنجي گلي ۾ لڙڪيل ميڊل ڏيکاريو ۽ چيائين ته ”هن جي تو کي خبر آهي ته ڇا قيمت آهي؟“ مون کيس چيو ته ”نه“ چيائين ته ”هي سڄو سن به جيڪر ملي ته هن ميڊل جي برابر نه ٿيندو“ مان کيس واپس هلڻ لاءِ وڏيون منٿون ڪيون پر هو اڳتي وڌندو ويو ۽ مان سندس پٺيان پٺيان واپس هلڻ لاءِ منٿون ڪندي پئي هليس. هو جڏهن سائين احمد خان ميمڻ جي اوطاق وٽ پهتو ته بيهي رهيو. مون کي چيائين ته ”تون ڪو نه مڙندين؟“ مون چيو ”نه.“ ان وقت چيائين ”هاڻ مان ٿڪجي پيو آهيان، مان نه هلندس، هاڻ منهنجي سمهڻ جو بندوبست ڪر.“
سائين احمد خان جي اوطاق جي در وٽ فخرالدين بيٺو هو جيڪو سائين احمد خان ميمڻ جو پوٽو هو . مون ان کي چيو ته ”اوهان جي اوطاق ۾ گهڻن مهمانن جو بندوبست ٿيل آهي؟“ چيائين ”هڪ کٽ ۽ بسترو وڌيڪ لڳل آهي مون کيس چيو ته” پوءِ ٺيڪ آهي ان تي علي بابا کي سمهاريون ٿا“. اهڙيءَ طرح کيس ان اوطاق ۾ سمهارڻ لاءِ وٺي هلياسين. سمهڻ کان اڳ ۾ هن مون کي چيو هو ته ”تون ڪجهه وقت اتي ويهه مان سوڙهه مٿان وجھي سيءَ کي ڀڄايان، گرم ٿيان . پوءِ وڃجان“ ڏهن پندرهن منثن کان پوءِ هو اٿيو ۽ چيائين ”مان سمهڻ کان اڳ ۾ کير پيئندو آهيان“ مون يڪدم اتي پيل کير جي ڀريل مٽ مان گلاس ڀريو ۽ اچي کيس ڏنم انهن ڏينهن ۾ جنهن به اوطاق ۾ جيترا مهمان ترسائبا هئا، انهن لاءِ اوتري کير جا مٽ ۽ دلا رکبا هئا . علي بابا کير جو گلاس پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو ته ”مان کير گرم ڪري پيئندو آهيان،“ مون کيس چيو ”دير ئي نٿا ڪريون ڏي ته پاسي واري هوٽل تان گرم ڪرائي ٿو اچان.“ سالگرهه جو ڏينهن هو ۽ رات دير تائين بازار ۾ ماڻهو هليا ڦريا پئي رونق لڳي پئي هئي، چيائين ”مان به هلندس.“ اسين ٻئي کير جو ڀريل گلاس کڻي هوٽل تي آياسين ۽ هوٽل واري کي چيم ته هي اسان کي گرم ڪري ڏي .هن دير ئي ڪانه ڪئي گرم ڪري ڏنائين. علي بابا چيو ”مان کير ۾ کنڊ وجهي پيئندو آهيان“ مون هوٽل واري کان کنڊ گهري جيڪا هن آڻي ڏني .علي بابا کير جي گلاس م کنڊ وجهي چمچي سان گهمائي ۽ پوءِ چيائين ”هاڻ انتظار ٿا ڪريون جيسين کير ٺري.“ جنوري جو مهينو سيءُ به ڏاڍو هو سو پندرهن منٽن ۾ کير ٿڌو ٿي ويو ۽ هن پيتو. بعد ۾ مان کيس وري اچي اوطاق تي وٺي آيس ۽پوءِ هو سمهي پيوهو. سمهڻ کان اڳ ۾ مون کي چيو هئائين ته هاڻ تو کي موڪل آهي، وري صبح جو اچجان.
صبح جو مان ساڳي اوطاق تي علي بابا ڏي ويس. اڳڻ ۾ ڪرسي تي عابده پروين ويٺي هئي ۽ ٻيا کٽن تي ويٺا هئا، علي بابا ديوار تي ڀڳل آرسي ۾ ڏسي سيفٽي سان پنهنجي ڏاڙهي لاهي رهيو هو . جيئن ئي هن مون کي ڏٺو. هٿ جون آنڱريون ٽيڙي، گهروڙي.... ڏنائين ۽ چيائين ته ”تو مون کي رات عابده سان گڏ ڇو سمهاريو.“ مون به ٺه پهه چئي ڏنو ته ”رات اوهان کي ته الڳ کٽ تي سمهاري ويو هئس. هي الائي ڪيڏي مهل آيا هوندا.“ جواب ۾ چيائين ”چريا ڀوڪ منهنجو مطلب آهي ته جتي عابده پروين رهيل هئي ان اوطاق ۾ مون کي تو ڇو رهايو؟“ ان دوران عابده علي بابا کي چيو”علي....... علي..... مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي“ علي بابا ويتر تيز ٿي ويو ۽ عابده کي چيائين”مان ته تو کي فنڪار سمجهان ئي ڪو نه ٿو. تون به ڪا ڳائڻي آهين. نه نه هرگز نه، رڳو ٻين جا ڳايل ڪلام ٿي ڳائين.“
هو جذبات ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ زور سان سيفٽي کي پنهنجي ڏاڙهي تي به گهمائي رهيو هو هن اهو به خيال نه ڪيو ته کيس ڪيترائي ٽڪا اچي چڪا هئا. هن جو سڄو منهن رتو رت ٿي چڪو هو . هو اهڙو يگانو انسان ۽ بي گانو ليکڪ هو.
جيڪو 8 آگسٽ 2016 تي اسان سميت سڄي سنڌي قوم کي الوداع ڪري ويو. شام جو خليق ٽڳو ۽ مان سندس تدفين جي آخري رسمن ۾ وياسين ۽ پنهنجي اکين سان ڏٺم ته هو ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ لهي ويو۽ سج به لهي ويو!
اهوئي ساڳيو ٽائيم ! جنهن ٽائيم تي منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ٿي هئي