• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇڏي شھر تنھنجو مٺا اڄ وڃون ٿا/ تاجل بيوس

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ انسان
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

انسان

سينيئر رڪن
ڇڏي شهر تنهنجو مٺا اڄ وڃون ٿا
اسان پنهنجي دل کان رٺا اڄ وڃون ٿا
ڪڏهن ڪونه اچبو اوهان جي شهر ۾
نه ماکيءَ کي ڇڏبو ملائي زهر ۾
مٺي شيءِ لئي مٺڙا مُٺا اڄ وڃون ٿا
پرين هاڻي پکڙا ڪٿي ڪونه اڏبا
نڪي پور پوندا نڪي سور سلبا
هزارن ڏکن کان ڇٽا اڄ وڃون ٿا
حياتيءَ جا ڏينهڙا لنگهي چار ويندا
اوهان جا نه وسري هي آزار ويندا
بنا ڏوھ بيوس ڪُٺا اڄ وڃون ٿا
 
Back
Top