گذريل ٻن سالن کان سنڌ سلامت کي ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو انتظاميا جي بحث هيٺ رهيو آهي.. ان جا ڪئي سبب آهن .. جهڙوڪ.. سنڌ سلامت جي موجوده يونيڪوڊ بيسڊ ڊيٽا بيس جي سائيز جو وڌيڪ هجڻ .. شيئرڊ هوسٽنگ تي رکيل ميموري سميت کوڙ ساريون رڪاوٽون.. موجوده دور ۾ ٿري جي ۽ فورجي جهڙي انٽرنيٽ جي سهولت هجڻ باوجود سنڌ سلامت جي رفتار جو گهٽ هجڻ.. گهٽ سهولتن هجڻ ڪري جديد اسڪرپٽ جو استعمال نه ڪرڻ.. سنڌ سلامت تي موجود سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي مواد جو باقائدا بيڪ اپ وٺڻ جو پروسيجر نه هجڻ .. فانٽ سرور ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر سميت نون پروجيڪٽس جو لانچ ڪرڻ.. سوشل نيٽورڪ سان وڌيڪ بهتر مطابقت رکڻ جون اضافي گهرجون.. ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جاکوڙ لاءِ مسقتبل جا وڌيڪ منصوبا.. اهڙن اهم مسئلن جي باوجود مالي معاملن کي سامهون رکندي سنڌ سلامت کي جهڙي تهڙي نموني موجود هوسٽنگ تي هلايو پئي ويو... پر .. گذريل ڪجهه مهينن کان پوءِ ڪجهه مسئلا اهڙا سامهون آيا جن کان پوءِ سوچي ڇڏيو ته هاڻي گهڻو ٿيو... سنڌي ٻوليءَ جي هن واحد ابتدائي فورم کي وڌيڪ رسڪ تي نه رکبو ۽ بهتر حل تي عمل ڪرڻ جو بس هاڻي ئي وقت آهي.. ۽ پوءِ گذريل ٻن سالن جي ريسرچ کي سامهون رکندي سنڌ سلامت کي لائنوڊ ڪلائوڊ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مرحلي وارن سنڌ سلامت کي پروجيڪٽس سميت ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقل ڪيو ويندو.. منتقلي مڪمل ٿيندي ئي سموري سٿ کي آگاهه ڪيو ويندو.. ان دوران ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ فورم کي ڪنهن به وقت عارضي طور بند ڪيو ويندو .. اميد ته سمورو سٿ تعاون ۾ رهندو... سنڌ سلامت ... ساٿ سلامت..