• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڪيلو انسان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڪيلو انسان

اعجاز منگي

دل چاهي ٿي ته ڪوئي اديب ان شخص تي ناول لکي، جنهن جو پنهنجي هٿن سان ٺهيل ملڪ ۾ ميڊيڪل مرڊر ڪيو ويو. هو جيڪو سلهه جو مريض هو، تنهن جي علاج تي پابندي عائد ڪئي وئي ۽ جڏهن اقتدار جي مسند تي ويهڻ لاءِ آتو لياقت علي پنهنجي ٽولي سان پاڪستان جي پهرين گورنر جنرل جي مزاج پرسي ڪرڻ ايندو هو، تڏهن اهو شخص تڪيلف سان کنگهدي پنهنجي ڀيڻ کي انگريزيءَ ۾ چوندو هو ته “فاطي! هي منهنجي مزاج پرسي ڪرڻ نه آيا آهن. هي اهو ڏسڻ آيا آهن ته مان مري ويس يا اڃان جيئرو آهيان؟!!”
۽ هڪ پيار ڪرڻ واري ڀيڻ پنهنجي ڀاءَ کي سنهڙي هٿ سان سانت ڪرائيندي چوندي هئي ته “علي! پليز پريشان نه ٿي”
اهو شخص جو خوش لباس ۽ خوش گفتار هو.اهو شخص جنهن جوانيءَ ۾ وڪيل ٿيڻ نه چاهيو هو. هن جي شديد تمنا هئي ته هو شيڪسپيئر ٿيٽر جو اداڪار ٿئي. تاريخ جو طوفان هن شخص کي سياست جي صحرا ۾ وٺي آيو. سياست جي ان صحرا ۾ جيڪڏهن ڪوئي نخلستان هو ته ان رتن ٻائيءَ جو پيار، جيڪا پارسي هئي. جيڪا انگريزيءَ ۾ شاعري ڪندي هئي. جنهن سان جناح روح رهاڻيون ڪندو هو. جنهن کي جناح اسٽيج جي مخصوص لهجي ۾ انگريزي شيڪسپيئر جا شعر ٻڌائيندو هو.
هو جيڪو سگار جو ڪش هڻي جهونگاريندو هو:
“جوليٽ......جوليٽ....او روميو .......روميو!!”
اهو شخص ان ڇوڪريءَ کي سفاڪ سياست جي مصروفيت سبب وقت نه ڏئي سگهيو ۽ هوءَ ان شخص کان رسي اڪيلي رهڻ لڳي. هوءَ جنهن کي ايراني ٻلين سان ڏاڍو پيار هو. جنهن جي هڪ ڌيءَ به هئي!
دينا! اها دينا جنهن جو پيار هڪ پارسي ڇوڪري سان ٿي ويو ۽ جڏهن هن پنهنجي پيءُ کان شاديءَ جي اجازت گهري، تڏهن سياست جي سفاڪ مجبورين ۾ ويڙهيل شخص پنهنجي دينا کي چڙي چيو ته “ڇا توکي هندستان جي لکين مسلمان ڇوڪرن مان ڪوئي پسند ڪونهي؟”
۽ ان ڇوڪري پنهنجي پيءُ کي منهن گنجهائي چيو ته “ڇو؟ توکي به هندستان جي لکين ڇوڪرين مان منهنجي اها ماءُ پسند آئي هئي، جيڪا پارسي هئي!!”
اهو عجيب شخص جيڪو سڄي عمر سگريٽ ۽ شراب پيئندو رهيو. جيڪو پنهنجي مڪمل اسٽائيل ۾ هڪ انگريز هو. جنهن کي نماز پڙهڻ به نه ايندي هئي. پر هو انسانن جي عزت ڪندو هو. هو جمهوريت پسند هو. هن جي سوچ سيڪيولر هئي. هو جيڪو ڏندن ۾ سگار جهلي سنوڪر جي شاٽ هڻندو هو.
اهو سنهڙو ۽ قداور شخص جيڪو موسٽ ماڊرن هو، تنهن جي اميج کي “جناح ڪيپ” ۾ قيد ڪري هن تي نه صرف غلط تاريخ پر غلط جاگرافي به مڙهي وئي.
هو جيڪو وزير مينشن ۾ نه پر ٺٽي جي مشهور درياهي بندر جي ننڍڙي شهر جهرڪ ۾ ڄائو هو. تنهن کي زيارت کان ڪراچي ايندي رستي ۾ کريل ايمبولنس ۾ سوار ڪري قتل ڪيو ويو.
هو قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ قتل ڪئي وئي هن جي اها ڀيڻ جيڪا پاڪستان جي پهرين آمر سان سياسي جنگ وڙهي رهئي هئي.
هو جيڪو سنڌ ڄائو هو. هو جيڪو سنڌي هو. هن سان اها ڪار ڪئي وئي، جيڪا سالن کان پوءِ هڪ ٻئي سنڌي سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪئي وئي.
قائد اعظم جي ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو ۽ قائد عوام جي پوري خاندان کي خون ۾ وهنجاريو ويو.
“ڀٽو فيملي” ته اڄ به سياست جو پاپولر نعرو آهي!
“جناح فيملي” جو ڪوئي نالو نشان ناهي!!
اهو جناح جيڪو اڪيلو هو. ان “اڪيلي انسان” جي الميي تي ڪهڙو اديب سياست ۽ رومانس جي پس منظر ۾ اهڙو ناول لکندو، جنهن ناول مان اڀري اچي اهو “اڪيلو انسان” جيڪو اڄ به سنگ مرر جي سرن ۾ قيد آهي!!

 
Back
Top