ڇا اسان واندي ٿيل وقت لاءِ آھيون....؟

'ڪالم' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2016۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ڇا اسان واندي ٿيل وقت لاءِ آھيون....؟

    غلام رسول چانڊيو

    نه ڄاڻ ڇو سياست به ڪنھن خوبصورت الڙ نينگري وانگر لڳندي آھي جيڪا حسن جي ھزارين روپن سان نچندي به آھي ته نچائيندي به آھي، پچندي به آھي ته پچائيندي به آھي. ڪڏھن “سنديون کامڻ خبرون” ٿيو پوي ته ڪڏھن وري ڪن ھٿ ڏئي راڳي بڻايو ڇڏي ۽ انسان اھڙو آلاپ بڻجيو پوي جنھن جو رڌم وڃيو آسمان سان ڳالھيون ڪري ۽ ڪڏھن وري سياست سارنگي جي ان سوز وانگر بڻجيو پوي جنھن ۾ وجود جا وار اڀا ٿيو وڃن. لڳندو آھي ته سياست ڪا راڳڻي آھي، ڪو سُرُ آھي يا وري ڪو اھڙو رقص جنھن جي جاءِ ڪوٺن کان وٺي ڪلال جي ھٽ تائين ۽ بندوق کان وٺي باھ جي اوڙاھن تائين آھي، سياست جا به ڪوٺا ٿيندا آھن جتي دلالي جي حڪمراني ھوندي آھي، واپار ٿيندو آھي ماڻھن جي اميدن جو، آسرن جو ۽ دردن جو به! سياست جو اھو رقص ديوان جي دڪان تي به گيراھڪ جي حيثيت موجب وڪامندو آھي، ان سياست جو اگھ سماجي ريٽ لسٽ ۾ طئي ٿيل نه آھي بس ديوان جي دڪان تي ھر ڪو پنھنجي حيثيت موجب اگھامجي ٿو جو موکي ڪڏھوڪو مري چڪي ۽ متارن جي سُنگن لاءِ مڌ جا مٽ ٺاھيندڙ ڪنڀارن جا ھٿ ڪير ڪپي ويو آھي، بَٺيون ھاڻ بُٺيون بڻجي پيون آھن جنھن تي ھر ڪوئي گند اڇلي ھليو ٿو وڃي، اڏيون ئي نه بچيون ته ڪُسڻ جو ڪوپ ڪٿان وھندو!؟

    سياست نالي واري نينگري جا ڪڏھن ڪراڙي نه ٿيندي آھي سا نه ڄاڻ ڇو ان ڌُوتيءَ وانگر ڳوٺ جي گھٽين ۾ سُس پُس ۽ سرٻاٽن ۾ پوري آھي ۽ ڪراڙي ڌوتيءَ جو روپ ڌاريو رڳي ڇيڻا ڀورڻ ۾ پوري آھي ۽ سمورو انساني سنسار ڌُوتيءَ جي دولابن ۾ اچي پنھنجي ئي وجود کي وڍي رھيو آھي، آدرش جي لطيف جي سسئي وانگر ھيا انھن مان به ڪي ليلا بڻجي ھار تي ھرکجي ويا ته ڪن وري اُھي آسڻ وڃي وسايا جتي سياست جي ڌُوتي آفيم کپائي “پاڻ سڃاڻن” جا پرچا به مفت ۾ ورھائي رھي آھي جن پرچن جو جادوئي آکاڻيون ايتريون ته پر فريب آھن جو آدرشن کان اُھي پنڌ ئي وسري ويا جيڪي سسُئي ڪيا ھئا..... سسئي اھي پنڌ به ڪيا جتي مرد مات کائي ويندا ھيا، “سسئي لنگھيو سو، مرد جنھن مات ڪيا”...

    باقي جي بچيا آھن سي پاڻ ته بچيل آھن پر سندن قوت خريد نه بچي آھي ۽ ھو پنھنجي ئي دڪان تان ڪڏھن ٿڌا شوڪارا خريدن ٿا ته ڪڏھن وري پيڙا جي ساھمي ۾ پاڻ تُري رھيا آھن ۽ سياست جي الڙ نينگري وٽ وڃي رڳي ٻه ڪم بچيا آھن، ھڪڙو پروٽوڪول جي پيھ مان گذري ماڙيءَ تي ٽھڪن جي رڌم تي بي سُرو رقص ۽ ٻيو ڌوتيءَ وارا ڇيڻا ڀور نياپا جنھن ۾ اسان سڀ سياست جي نفرتي آڙاھ ۾ ھڪ ٻئي کي اُڇلي، جَلي ۽ پچي رھيا آھيون، زخمي پيرن ۽ وڍيل شعور جي وجود سان لينڊ ڪروزرن پويان ڊوڙي ڊوڙي ھاڻ سھڪي پيا آھيون پر پوءِ به ھٿ ۾ ٿمايل پراڻن پنن تي ڪا صحيح ٿي نه ٿي ملي ۽ ھڪ اھڙي جھان جنم ورتو آھي جنھن ۾ اجاين اميدن جون ڳنڍڙيون ٻڌي آسرن جي انھن رستن تي ھلي رھيا آھيون جن رستن جو نه ڪي مُنڍ ۽ نه ئي ڪو ڇيھُ آھي، بس اڏامندڙ ڊُسِڙ ۾دُنڌِلن وجودن سان ڊوڙڻ اسان جي تقدير بڻجي پئي آھي ۽ پتو ناھي ته ان تقدير ۾ الاءِ ڪنھن سَباڻ وڌو جو جيئن ڦِٽي آھي ته وري سِڌي ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي..

    پر پوءِ به ڪي چريا چون ٿا ته سياست جي الڙ نينگري ڪڏھن به ڪراڙي ناھي ٿيندي، سدا جواڻ جماڻ رھندي آھي ۽ جڏھن ڪلال جو ھٽ کلندو آھي ته سياست جي ان الڙ نينگري جي وجود مان ھڪ اھڙو رقص جنم وٺندو آھي جو سياست جي مڌ جا پيالا پُرُ ٿي نڪرندا آھن ۽ پوءِ پياڪ ساجن کي سھي سڃاڻڻ لاءِ جڏھن مٽ خالي ڪندا آھن ته پوءِ موکِي وري جيئندي آھي، متارن جا مُچَ گڏ ٿيندا آھن، اڏين تي ڪاتَ سِراڻجي تجلا ڏيندا آھن ۽ ڪلال جو ھٽ آباد ٿي ويندو آھي، سوين سَسِيون روھَ رتيون ڪنديون آھن ۽ آڏ تراڇا آھُڙا لسا بڻجي پوندا آھن پر جيئن ته ھر دور ۾ ڀٽائي پيدا ناھن ٿيندا جو سياست واري مَڌ جي پياڪن جي دردن تي ڪو ساز ڇيڙين، ڪي سُر ڇيڙين يا روھَن کي رتيون ڪرڻ جي صدا بلند ڪن، تنھنڪري چون ٿا ته نظريا تڪميل کان سواءِ ڪنھن نئين مفڪر کي پيدا نه ڪندا آھن سو ٿي سگھي ٿو ته ڀٽائي جو لافاني فائيل اسان جي دماغن واري الماڙي ۾ ڳاڙھي ڪپڙي ۾ ٻڌل فائيلن جيان آھي جيڪو تڏھن کلندو جڏھن اسان جي المين واري ڪيس جو روسٽرم لڳندو يا وري تڏھن، جڏھن وقت اسان سان ٿيل خوني ورتاءَ لاءِ ڪا ڪميشن ٺاھيندو، پر لڳي ٿو ته اسان جي المين جي اھا انتھا ٿي آھي جو اسان پنھنجي وقت کي به ساھ کڻڻ جيتري ڪميشن تي وڪڻي يا ٺيڪي ۾ ڏئي ڇڏيو آھي...! ڇا اسان جي موت جي ايف آءِ آر ڪٽجڻ وڃي رھي آھي؟ جي ھا! ته پوءِ ان جو فريادي ڪير ھوندو!؟ ڀٽائي وٽ ته موت جي معنيٰ ئي نه آھي....“موت ماريائون موت نه ماريا ڪاپڙي” واري ڳالھ اجائي ڳالھ ڪيئن ٿي سگھي ٿي، نه ٿو لڳي ته منڪر ۽ نڪير اسان جي انتظار ۾ آھن، اسان وٽ حساب ڏيڻ لاءِ ته رڳي پيڙا ئي آھي ۽ اسان پيڙا جي ان انتھا تي آھيون جتي “نه ڪا سُڌِ ثواب جي نه ڪو غرض گناھ” واري مام آھي سو موت کي ڪھڙو لاچار جو اسان وٽ ايندو، اسان ته في الحال واندي ٿيل وقت لاءِ آھيون ۽ موت جڏھن دنيا مان واندو ٿيندو ته پوءِ اسان لاءِ وارکائِي ملندس، ھونئن به اسان ڪھڙا جيئرا آھيون!! موت رڳي وجود جي چرپر کي مات ڏيڻ لاءِ ناھي ھوندو، شعور به وري ڄمڻ جي شرط تي مرندو آھي ۽ احساسن جي ڊگھي ننڊ به موت ئي ته ھوندي آھي سو اسان جي ھلي ڦري رھيا آھيون ته ان جو مقصد جيئرا به ھجون سو ضروري نه آھي...

    پر پوءِ به ڪي چريا چون ٿا ته وقت لاءِ ڪو قيد خانو اڃان ناھي جڙيو ۽ نه ئي ڪو قيد ان لاءِ جوڙي سگھجي ٿو تنھنڪري رُٺل وقت کي پرچائڻ لاءِ سماج کي سسئي جھڙو عشق ڪرڻو پوندو ۽ ڀٽائي جي اھا مام سمجھڻي پوندي ته “جيھا جي تيھا مون مارو مڃيا”، ۽ سمجھڻو پوندو ته قومن کي اگھور ننڊ مان اٿارڻ لاءِ عشق واري آھ جا اُھي ڳوڙھا گھربل آھن جن جي گرم پاڻي سان قوم جي چھري کي ڇنڊا ھڻي اٿارڻو پوندو ۽ اھو ڪڏھن به ناھي ٿيو ته ڪنھن قوم سان عشق ڪجي ۽ اھا نه جاڳي، عشق جھڙي طاقت ھن ڪائنات ۾ ڪا به ڪانھي، اھو عشق ئي ته آھي جيڪو ڪائنات جي پينگھي ۾ لُڏندو آھي، سو اسان کي ان عشق کي پيرين پئي پرچائڻو پوندو ۽ جڏھن پرچندو ته پوءِ سياست جي اھا الڙ نينگري وقت جو اھو رقص ڪندي جنھن ۾ جھان جو جُملي حسناڪيون موٽي پونديون.........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو