• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو پاڻ ٿيون ڪا قربن جي ڪنڌي ...

اچو پاڻ ٿيون ڪا قربن جي ڪنڌي
””””””””””””””””””””””””””””””””””””
ٿيو شور آهي هنگامو ۽ حل آ
ڪو ٻوڙو ۽ گونگو ڄڻ ڪو مئل آ
هو بيوس هو باندي اکين کان به انڌو
ڏسي ڪين ٿو جو سنڌ جو ڪو مندو
گهڻو پيسو مفلس منهنجي سنڌ ماڻهو
وري هي ولر غير سنڌي ڪو ڄاڻو
هتي غير سنڌي ولرن وري ويا
ڪيو ڪو فڪر ڇو جيءَ هي جهري ويا
نه نادان ٿيو نه احمق اياڻا
هي پنهنجي صدين سنڌ ائي منهنجا راڻا
هي ڪوماڻجي ڪريا ڇو جسم سڀ ساڻا
هنن کي ڏيو قوت پنهنجي ارادي
ته هي ديس دشمن ٿين پو مهاڏي
هي جوڌا هي دودا هي شهمير سنڌ جا
اٿو سڀ سياڻا مهمير سنڌ جا
وڃي پئي ٿي سنڌ هٿن مان جو ڦرجي
ڪيو ڪو ته حيلو ڏک تي ڏمرجي
هاڻي ته آهن کوڙ ڊاڪٽر ۽ انجينيئر
سڀئي سنڌي هنر مند ڪمن جا ڀي هن شير
پو ڇو اچي پيو اڃا سنڌ کارڻ
پو ڇو اچي ٿو امڙ سنڌ مارڻ
پو ڇو اڃا سنڌي ويچارو ورڻ ۾
هر جاءِ هر هنڌ ڪم کي ڪرڻ ۾
هي سڀ چالون ائي منهنجا پيار
اٿو ڪو فڪر ڪريو موچارا
نه گهرجي ٿو ڪوئي هتي غير سنڌي
اچو پاڻ ۾ ٿيو ڪا قربن جي ڪنڌي
اچو پاڻ ۾ ٿيون ڪا قربن جي ڪنڌي


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top