• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي ڳوٺ جو عظيم دانشور....

غلام رسول چانڊيو

سينيئر رڪن
اسان جي ڳوٺ جو عظيم دانشور....

غلام رسول چانڊيو


· تون منتق ۽ دليل تي پوءِ ڳالھاءِ! پھريان ڳوٺ وڃ جتي انتھا پسندي جا ننڍڙا ٻوٽا پوکجي رھيا آھن ۽ چاچي آچر جي چَنگُ ٻڌڻ لاءِ ڪير به اوطاق تي نه ٿو وڃي!

· سنڌ تنھنجي شھر جي ڪنھن پوش علائقي ۾ ٺھيل گھرُ نه آھي جو گھڙي کن لائيٽ وڃڻ تي ماتم مچايو اٿئي، سنڌ ان ھزارين ڳوٺن جو نالو آھي جتي اونداھ جي حڪمراني آھي منھنجا عظيم دانشور! پر پوءِ به سنڌ خاموش آھي جو تون سالن کان ڳوٺ ناھين ويو...

· شھر جي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ ھڪ دانشور سنڌ جي ڳوٺن تي ڳالھائي رھيو ھيو ۽ آءُ حيران ٿي ويس ته اھو دانشور ڪيترن سالن کان پنھنجي ڳوٺ ئي نه ويو ھيو....

· او ميان دانشور! خبر اٿئي ته تنھنجي ڳوٺ جي امڙ بَچُلَ گذاري وئي جيڪا بر زبان لطيف سائين جا بيت ياد پڙھندي ھئي..

· ۽ ھا چاچي ڌڱاڻي جو به ڪالھ ٽيجھو ھيو جيڪو توکي کيٽو ڪرڻ تي اسڪول ڇڏي ايندو ھيو.

· ۽ اھو به ٻڌائي ڇڏيائين منھنجي سنڌ جا عظيم دانشور! علي بخش جي ڪکائين اوطاق به تو واري ڪلاس فيلو ڀوتار ڊھرائي ڇڏي جتي پرائمري استاد پيرل رھندو ھيو ۽ شام جو شاگردن ۾ شاھ جي بيتن پڙھڻ جو مقابلو ڪرائيندو ھيو جنھن ۾ تون به ڀٽائي جا غلط بيت پڙھڻ تي ڇڙٻون جھليندو ھئين....

· ۽ اھو به اطلاع ھجئي ته راڄُلَ کي لڳل جواني واري ٽي بي اڃان ختم ناھي ٿي، ھاڻ ھو ھلڻ کان به ھلاک آھي، اڄ مري يا سڀاڻ!

· ڇا ٻڌايائين دلبر دانشور! کَمون وارا چار جريب به ڀوتار بھرام خان لکائي ورتا اٿئي ۽ ھاڻ کمون ان زمين تي ھارپو ڪندو آھي....

· پر ٻڌ! خبر اٿئي ته ڪالھ چاچي آچر کي تو واري شھر جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو اٿن!؟ ويو آھينس!؟

· ڪالھ ڏاڏي باقر کي ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيائون، “چئه تنھنجو پٽ ڳوٺ جي ٻارن کي خاري ٿو”.

· ميان مھا ڏاھا! ٽيون ڏينھن مھيسر پاران پيٽ لکي ڏيڻ کان پوءِ خميسي جي ڌيءُ سان مڱڻو ٿيو اٿئي، سو به ڀوتار جي ضمانت ملڻ کان پوءِ....

· مائي چَڱِي جو يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ پٽ به ڪالھ مينھن جي چوري ۾ ٻڌجي ويو اٿئي... پيريِ پيرُ سڃاتو ھيو...

· عقل جا اڪابر! ٽي وي تي ويھي اھو نه چئو ته سنڌ مان جاگيرداري ختم ٿي وئي آھي.... جي سچو آھين ته پوءِ چاچي ميھار جي نياڻي جوان ٿيڻ کان ڇو ٿي ڊڄي!؟

· پاڻ واري ڳوٺ ۾ سيتا جي ڀاءُ نانڪ ڪالھ خود ڪشي ڪري ڇڏي، باگڙي ڀوتار ڏي دانھن کڻي آيا ھئا پر ان وقت سندس پُٽ گھر ۾ ڪو نه ھو.....

· نبو ۽ نياز وارن جو جرڳو به ڪالھ ٿي ويو.... نبو وارن جي ڌُر تي 5 لک چٽي پئي، چار مينھون پڙي تي ڪاھيو پئي ويا....

· شھمير پنھنجا ٽي پٽ ڪالھ مدرسي موڪلي ڇڏيا، پِن سِن جي ئي سھي پر ماني ته ملندن ۽ وري دين جو درس به وٺندا....

· تو وارا ٻار ڪھڙي اسڪول ۾ پڙھندا آھن؟ پاڻ واري ڳوٺ ۾ ته ماسترياڻيون ڪونه اچن ۽ ڇوڪرن واري اسڪول ۾ ڀاڻ جون ٻوريون رکيل آھن.....

· شڪر آھي جو پنھنجي ڳوٺ جا زري گھٽ سڀ نمازي ٿي ويا آھن، اڳي ته رڳي عيد نماز پڙھندا ھيا، مالڪ جا احسان آھن.

· مولوي عبدالغفار جي اچڻ کان پوءِ ھاڻ ڳوٺ ۾ دھل ڪونه وڄي، ڳوٺاڻا مٿو اگھاڙو ڪو نه ڪن، شادين جون ريتون به بدلجي ويون آھن، نڪاح ٿيو جان ڇٽي، نه ڪي ڳيچ، نه ڪي نچڻ ڪڏڻ نه ئي لائون ۽ ڳانا.... بس مالڪ جي ٻاجھ آھي، ھاڻ سنڌ جا ڳوٺ سڌرن پيا....

· شھر ۾ رھندڙ منھنجا ڳوٺائي دانشور! ڏي خبر چاچي مولا بخش توکي فونون پئي ڪيون، تو نه کنيون ته پوءِ وري ڀوتار ڏي پٽ کي يونيورسٽي ۾ ھاسٽل وٺي ڏيڻ لاءِ عرض کڻي ويو ھيو.... خبر ناھي الاءِ ڪم ٿيس الاءِ نه!

· پاڻ واري ڳوٺ جي ھٽ تي اڳي رڳي دال ۽ چانھ جي پتي ملندي ھئي پر ھاڻ اتي گٽڪي کان ويندي سوپارين تائين ۽ چرس کان وٺي آفيم تائين سڀ ڪجھ مليو وڃي.... ۽ نڀاڳن ڇورن وري ٺَري جي بٺي به ٺاھي آھي، مولوي عبدالغفار جي به نه ٿا ٻڌن.... ٻيلي تون ڪو ٽيم ڪڍي ڇورن کي سمجھاءِ.... ٺري پيئڻ کان پوءِ ته مائُرن کي به مارين ٿا... گھڻا ڪونھن بس مڙئي پنڌرھن ويھ ڇورا اچي کريا آھن.... تون سموري سنڌ کي ڪلھي تي کنيو بيٺو آھين، ڳوٺ جا ڇورا توکان ڪيڏانھن ويندا.... ٻيلي اسان تي قرب ڪري ھڪڙو دفعو پنھنجي ڳوٺ مان چڪر ڏئي وڃ...

· ڪالھ ته حد ٿي وئي، چاچي متاري واري ڇوري ولڻ ٺرو پي ماءُ جو مٿو ڦاڙي وڌو، رت ئي نه پيو بيھيس پر ماسي جِوائي ھيڊ چپٽي وڌس ته پوءِ وڃي رت بيٺس...

· ان ڏينھن ڳوٺ جي ڇوڪرن بھادر واري ھوٽل تي ٽي وي ۾ تنھنجو پروگرام پئي ڏٺو، پر ابا تو واري ڳالھ ڪنھن کي به سمجھ ۾ نه پئي آئي، ڇورا چون ته “اھو سي پيڪ ڇا آھي؟” اصل کڻي ٺٺول ٺاھيائون... ھاڻ ته ھڪ ٻئي تي نالا به رکيا اٿن.... منتقي فقير، جدلياتي ڏيڏر، سي پيڪ خان ۽ ماسي جمنا کي وريو مائي اقتصاديات ويٺا سڏين....

· ادا دانشور سچ ٿو چوان ته تو تمام وڏيون ڳالھيون پئي ڪيون پر اسان وارن ڇورن کي اچي مشڪري لڳي سو چون ته اٽي سستي ٿيڻ جي خبر به نه ٿو ڏي، بجلي ڪڏھن ايندي ان جو به نه ٿو ٻڌائي، ڳوٺ وارو پنج ڦٽو ڪڏھن پڪو ٿيندو ان بابت به ڪو نه ٿو ڳالھائي.... باقي اسان ان منتق ۽ جدليات مان ڇا ڄاڻو... اسان واري ان پاڙھو ڳوٺائي کان ته ڀوتار ڀلو جيڪو صوبيدار کي به ھڪ فون سان گھرايو وٺي........

· سو ادا دانشور! اسان جي ڳوٺ جو حال ڪونھي، عقل واري ڳالھ ته سمجھن ئي ڪو نه.... تڏھن ته اوھان جھڙا ڏاھا به ٽي وين تي سنڌ جي سادگي جو سوڳ پيا ملھائين.... سدائين گڏ، شھر آيس ته توسان ملندس، اڳئين ڀيري وانگر نه ڪجانءِ ته آءُ اچان ۽ تنھنجو نوڪر چوي ته صاحب اسلام آباد ويل آھي.....

آآ
 
Back
Top