رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اوباوش هي وهي تنهنجي
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اوباوش هي وهي تنهنجي رولاڪن جيئان رهندي
ڪري ٿي ڪيس جوڀن سان جواني هي سدان رهندي
لڳائي لنون وري لوري سڪون پنهنجو ڦٽائي ٿي
اها ڪهڙي آ بيماري محبت مرض ٿيان رهندي
جو ٿي ٿو پاڪ هي جذبو ولين ۾ ولي پو آ
سڃاڻي سڪ ڪري سالم پرين جي پار هجان رهندي
بره هي بيقراري آ سڪون جي ڪر نه ڳولا پو
ائين ئي ويسلو وهلور هي هردم ڏيان رهندي
سڀئي مخمور ٿيا ماڻهو وڃائي ويا وجودن کي
نئون هي روپ ناهين ڪو چاهت هي چوان رهندي
لبستم دائودپوٽه
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اوباوش هي وهي تنهنجي رولاڪن جيئان رهندي
ڪري ٿي ڪيس جوڀن سان جواني هي سدان رهندي
لڳائي لنون وري لوري سڪون پنهنجو ڦٽائي ٿي
اها ڪهڙي آ بيماري محبت مرض ٿيان رهندي
جو ٿي ٿو پاڪ هي جذبو ولين ۾ ولي پو آ
سڃاڻي سڪ ڪري سالم پرين جي پار هجان رهندي
بره هي بيقراري آ سڪون جي ڪر نه ڳولا پو
ائين ئي ويسلو وهلور هي هردم ڏيان رهندي
سڀئي مخمور ٿيا ماڻهو وڃائي ويا وجودن کي
نئون هي روپ ناهين ڪو چاهت هي چوان رهندي
لبستم دائودپوٽه