اڪثر نيٽ يوزر سرچنگ لاءِ گوگل سرچ انجڻ استعمال ڪندا آهن۔۔۔ جنهن جو سادو ۽ آسان انٽرفيس گهڻي لوڊنگ به نه ڪندو آهي۔۔۔۔ ۽ هن جي ڊيٽابيس ۾ مواد جو تعداد ٻين سرچ انجڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان گوگل جي اهڙي انٽرفيس جي هڪجهڙائي کان تنگ آهيو ته ان کي رنگين يا پسند جي تصوير سان خوبصورت بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔ ان جي لاءِ توهان گوگل سائيٽ جي هيٺين کاٻي ڪارنر تي موجود “Change background image” تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔ هتي توهان کان گوگل کاتو پڇيو ويندو جتان لاگ ان ٿي توهان گوگل بيڪ گرائونڊ پني تي ريڊائريڪٽ ٿي ويندو۔۔۔ جتان توهان چاهيو ته گوگل جا پنهنجا يا وري پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود پنهنجي پسند جا ڦوٽو لڳايو ۽ گوگل سرچ ڪندڙ پني کي خوبصورت بڻايو۔۔۔۔ هاڻي جيڪڏهن توهان ٻيهر بيڪ گرائونڊ ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته ساڳي جڳهه تان Remove background image تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
جواب: ڇا توهان بي رنگ گوگل جي ڳولا واري پني جي هڪ جهڙائي مان تنگ آهيو۔۔۔؟ واه واه سائين زبردست مهرباني
جواب: ڇا توهان بي رنگ گوگل جي ڳولا واري پني جي هڪ جهڙائي مان تنگ آهيو۔۔۔؟ شيئرنگ ته توهان جي هميشه لاجواب ۽ معلوماتي هوندي آهي پر توهان اڄ ڪلهه آهيو ڪٿي ؟ سدائين گڏ
جواب: ڇا توهان بي رنگ گوگل جي ڳولا واري پني جي هڪ جهڙائي مان تنگ آهيو۔۔۔؟ سائين نئين ٽپ ڏسڻجي مهرباني۔