• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قرآن نصيحت آهي قرآن هدايت ...

قرآن
؛؛؛؛؛؛؛
قرآن نصيحت آهي قرآن هدايت
بنده نه برائي ڪيو ڪنهن ساڻ عداوت
سڌي واٽ سيکاري ٿو هي هت صاف اصولي
انسان جي آ جنهن ۾ ڀلائي ۽ بناوت
دنيا ۾ مسافر آهين ٻه چار ڪي گهڙيون
ڪر تياري قبر جي جتي پو ٿي ڪا سجاوٽ
سڀ علم الاهي هتي موجود آ روشن
ڪائنات سڄي ڪل جتي ڪا ڪين رڪاوٽ
حرام ۽ حلال جو هت سودو سڌو آ
جائز ۽ ناجائز جي جتي پرک آ نيت
ڪافر جو قصو جت ۽ مومن به آ ظاهر
جنت ۾ هوندا جيءَ ڪي دوزخ ۾ ملاوت


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top