هر انسان جي سوچ ٻئي انسان کان مختلف ٿيندي آهي ، رڳو سوچ ئي نه پر خيال ، جذبا ، خواهش ، احساس ايسيتائين جو هڪ گهر ۾ اگر ٻه چار ڀينر ۽ ٻٽي ڀائر ۽ والدين آهن ته انهن سڀني جون سوچون ،خيال ، جذبا اخلاق ۽ احساس هڪجهڙا نه آهن ! پيءُ ۽ ڀاءُ ته مقدس رشتا آهن ۽ واقعي ٿي سگهي ٿو ته اسانجي سماج ۾ اهڙا ڀائر يا اهڙا والدين هجن به جيڪي ڀينرن ۽ نياڻين لاءِ ناسور بڻيل هجن ! ۽ ها توهان واضع ٻڌايو ته توهانجي بيمار ذهن مان ڇا مراد آهي؟ جيئن بهتر تبصرو ڪري سگهجي . والسلام مع الاکرام ،سنڌ سلامت ساٿ سلامت ، سدا مرڪندا رهو