عبدالغني لوهار سينيئر رڪن 21 آگسٽ 2016 #1 دوستن جي خدمت ۾ عرض آهي ته مون گذريل هفتي هڪ نئون فون ورتو جنهن ۾ 3 جِي بِي ريم ۽ 16 جِي بِي روم آهي ۽ 5.1 اينڊرائيڊ ورزن اٿس فون جي آفيشل ويب سائيٽ تان وڌيڪ فون متعلق هن لنڪ تي ڏسي سگهو ٿا ، اگر هن فون کي مارش ميلو تي اپگريڊ ڪرڻ ممڪن هجي ته دوست مدد ڪن
دوستن جي خدمت ۾ عرض آهي ته مون گذريل هفتي هڪ نئون فون ورتو جنهن ۾ 3 جِي بِي ريم ۽ 16 جِي بِي روم آهي ۽ 5.1 اينڊرائيڊ ورزن اٿس فون جي آفيشل ويب سائيٽ تان وڌيڪ فون متعلق هن لنڪ تي ڏسي سگهو ٿا ، اگر هن فون کي مارش ميلو تي اپگريڊ ڪرڻ ممڪن هجي ته دوست مدد ڪن
عبدالغني لوهار سينيئر رڪن 21 آگسٽ 2016 #2 محترم ذيشان رشيد فاروق سومرو سجاد علي چنا جن کي خاص عرض آهي اگر ممڪن هجي ته رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا لک لائق سدا سلامت هجو ، مرڪندا رهو شال
محترم ذيشان رشيد فاروق سومرو سجاد علي چنا جن کي خاص عرض آهي اگر ممڪن هجي ته رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا لک لائق سدا سلامت هجو ، مرڪندا رهو شال
فاروق سومرو سينيئر رڪن 22 آگسٽ 2016 #3 عبدالغني لوهار لکيو آهي: محترم ذيشان رشيد فاروق سومرو سجاد علي چنا جن کي خاص عرض آهي اگر ممڪن هجي ته رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا لک لائق سدا سلامت هجو ، مرڪندا رهو شال مڪمل اقتباس ڏسو... پهريان چيڪ ڪريو ته اپڊيٽ آئي آهي Go to setting>about phone>system update اگر آئي آهي ته اپڊيٽ ڪري وٺو
عبدالغني لوهار لکيو آهي: محترم ذيشان رشيد فاروق سومرو سجاد علي چنا جن کي خاص عرض آهي اگر ممڪن هجي ته رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا لک لائق سدا سلامت هجو ، مرڪندا رهو شال مڪمل اقتباس ڏسو... پهريان چيڪ ڪريو ته اپڊيٽ آئي آهي Go to setting>about phone>system update اگر آئي آهي ته اپڊيٽ ڪري وٺو
رشيد سمون انتظامي رڪن منتظمِ اعلى 23 آگسٽ 2016 #4 پيارا عبدالغني.. توهان جي ڊيوائيس جا ڏسيل پرزا اينڊروائيڊ جي ليٽيس ورجن لاءِ ڀڙ ته آهن پر نئين ورجن مارش ميلو جون ڪجهه اضافي گهرجون پڻ آهن.. جهڙوڪ: ڊسڪ انڪرپشن: هن ٽيڪنالاجي ذريعي ڊيوائيس ۾ موجود ڊيٽا کي سولائي سان ٻي ڊيوائيز ۾ منتقل ڪري نه سگهبو.. ڇو ته جيئن ئي ڊيٽا کي منتقل جي ڪوشش ڪئي ويندي ڊيوائيس ۾ موجود ڊسڪ انڪرپشن هارڊ ويئر ڊيٽا کي انڪرپٽ ڪري ڇڏيندو.. هن ٽيڪنالاجي کي بهتر سمجهڻ لاءِ هن لنڪ جو ڦيرو ڀريو.. فنگر پرنٽ سينسر: مارش ميلو ۾ ڊيفالٽ طور ڊيوائيز کي قابو ڪرڻ لاءِ فنگر پرنٽس ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي.. اهو ئي سبب آهي جو مارش ميلو هلائڻ لاءِ توهان جي ڊيوائيس ۾ فنگر پرنٽ سينسر هارڊويئر جو هجڻ ضروري آهي... ڊوز ٽيڪنالاجي: مارش ميلو آپريٽنگ سسٽم ۾ ڊيوائس بيٽري کي بچائڻ لاءِ ڊوز ٽيڪنالاجي شامل ڪئي وئي آهي.. جنهن کي درست استعمال ڪرڻ لاءِ ڊيوائيس ۾ اهڙا پرزا شامل ڪيا ويا آهن جيڪي هن ٽيڪنالاجي سان مطابقت رکندي توهان جي چوڻ، ڪرڻ بنائي سمجهي وٺندا آهن ته ڊيوائيز کي کيسي ۾ رکيو ويو آهي.. يا وري وڊيو ڏسندڙ اچانڪ وڊيو ڏسڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي طرف متوجا آهي.. يا وري فوٽو ڪڍائيندڙ هٿ هلائي ريڊي ٿيڻ جو اشارو ڪري چڪو آهي.. اهڙي ٽيڪنالاجي لاءِ ڪجهه اضافي ٽولز هجڻ ضروري آهي.. جيڪي ممڪن آ ته توهان واري ڊيوائيز ۾ نه ملن.. منهنجي صلاح اها آهي ته ڪجهه انتظار ڪريو... اهڙيون اپڊيٽڊ ڊيوائيسز يقينن عام ٿي وينديون..
پيارا عبدالغني.. توهان جي ڊيوائيس جا ڏسيل پرزا اينڊروائيڊ جي ليٽيس ورجن لاءِ ڀڙ ته آهن پر نئين ورجن مارش ميلو جون ڪجهه اضافي گهرجون پڻ آهن.. جهڙوڪ: ڊسڪ انڪرپشن: هن ٽيڪنالاجي ذريعي ڊيوائيس ۾ موجود ڊيٽا کي سولائي سان ٻي ڊيوائيز ۾ منتقل ڪري نه سگهبو.. ڇو ته جيئن ئي ڊيٽا کي منتقل جي ڪوشش ڪئي ويندي ڊيوائيس ۾ موجود ڊسڪ انڪرپشن هارڊ ويئر ڊيٽا کي انڪرپٽ ڪري ڇڏيندو.. هن ٽيڪنالاجي کي بهتر سمجهڻ لاءِ هن لنڪ جو ڦيرو ڀريو.. فنگر پرنٽ سينسر: مارش ميلو ۾ ڊيفالٽ طور ڊيوائيز کي قابو ڪرڻ لاءِ فنگر پرنٽس ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي.. اهو ئي سبب آهي جو مارش ميلو هلائڻ لاءِ توهان جي ڊيوائيس ۾ فنگر پرنٽ سينسر هارڊويئر جو هجڻ ضروري آهي... ڊوز ٽيڪنالاجي: مارش ميلو آپريٽنگ سسٽم ۾ ڊيوائس بيٽري کي بچائڻ لاءِ ڊوز ٽيڪنالاجي شامل ڪئي وئي آهي.. جنهن کي درست استعمال ڪرڻ لاءِ ڊيوائيس ۾ اهڙا پرزا شامل ڪيا ويا آهن جيڪي هن ٽيڪنالاجي سان مطابقت رکندي توهان جي چوڻ، ڪرڻ بنائي سمجهي وٺندا آهن ته ڊيوائيز کي کيسي ۾ رکيو ويو آهي.. يا وري وڊيو ڏسندڙ اچانڪ وڊيو ڏسڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي طرف متوجا آهي.. يا وري فوٽو ڪڍائيندڙ هٿ هلائي ريڊي ٿيڻ جو اشارو ڪري چڪو آهي.. اهڙي ٽيڪنالاجي لاءِ ڪجهه اضافي ٽولز هجڻ ضروري آهي.. جيڪي ممڪن آ ته توهان واري ڊيوائيز ۾ نه ملن.. منهنجي صلاح اها آهي ته ڪجهه انتظار ڪريو... اهڙيون اپڊيٽڊ ڊيوائيسز يقينن عام ٿي وينديون..