نڪاح کان بعد هڪ ماءُ جون پنهنجي ڌيءُ کي 10 نصيحتون ! تبصرا ضرور لکجو !

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2016۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    عوف بن محلم هڪ عرب سردار هيو ، رياست جي بادشاھ حارث بن عمرو انجي ڌيءُ جِي وڏِي تعريف ٻُڌي هئي ، اُن هڪ عقلمند ۽ تجربيڪار عورت کي جنهنجو نالو عصام هيو عوف جِي ڌِيءُ کي ڏسڻ لاءِ موڪليو ، عصام واپس اچي اُن ڌِيءُ جون خوبيون اهڙي جامع انداز ۾ بيان ڪيون جو اِهو رشتو ئي طئه ٿِي ويو ! نڪاح کان بعد ماءُ پنهنجي ڌِيءُ کي رخصت ڪرڻ مهل جيڪي نصيحتون ڪيون انجو متن توهان اڳيان حاضر آهي !
    اي منهنجِي پياري ڌِيءُ اگر وصيت کي ترڪ ڪرڻ روا هجي ها ته اگر جنهنکي وصيت ڪئي وڃي ٿي اهو عقلمند هجي ها ته مان توکي وصيت نه ڪيان ها مگر وصيت غافل لاءِ يادگيري ۽ عقلمند لاءِ هڪ ضرورت آهي ! اگر ڪا عورت پنهنجي مڙس کان ان لاءِ برتر هجي جنهنکي ڪنهن خواهش جي ضرورت نه هجي اگر ايئن هجي ها ته عورت جا والدين وڏا دولتمند آهن ۽ اُهي عورت کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ چاهين ٿا ته تون سڀ کان وڌيڪ مستحق هئينءَ ته پنهنجي مڙس کان آزاد هجين ها ! مگر حقيقت هيءَ آهي ته عورتون مردن لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن ! ۽ مرد عورتن لاءِ . اي منهنجي اکين جِي ٺار نياڻي اڄ تون اُن گهر کي الوداع چئي رهي آهين جنهن گهر ۾ تون پيدا ٿي هئينءَ ، هاڻي ڪنهن اهڙي گهر ۾ وڃي رهي آهين جنهن کان تون واقف ناهين ۽ هُو توسان نڪاح ڪري تنهنجو مالڪ ۽ نگهبان ٿِي ويو آهي ! تون اُن لاءِ فرمانبردار ڪنيز ٿي وڃ ته اُهو تنهنجو وفادار ۽ غلام ٿِي ويندو ! اي منهنجِي لخت جگر پنهنجِي ماءُ جون ڏھ 10 نصيحتون ياد ڪر هِي تنهنجي لاءِ قيمتي سرمايو ۽ يادگيري ثابت ٿينديون !


    1_ سنگت قناعت سان دائمي ٿيندِي ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ جلڻ مڙس جي ڳالھ ٻڌڻ ۽ انجو حڪم پورو ڪرڻ ۾ خوشي ملندئي !


    2_ جتي به مڙسهن جِي نظر پوندي هجي ان جاين جو خاص خيال رکجانءِ ۽ جتي مڙسهن جونَڪُ سنگِهي سگهندو هجي خيال رکجانءِ اُنجِي نظر تنهنجي جسم ۽لباس ڪنهن اهڙي حصي تي نه پئي جيڪو بد نُما ۽ غليظ هجي ۽ توکان اُنکي ڌپ نه اچي بلڪه خوشبو اچي .

    3_ سرمو حسن ۾ اضافي جو بهترين ذريعو آهي ۽ پاڻي گمشده خوشبو کان وڌيڪ پاڪ آهي .

    4_ مڙسهن جي کائڻ جي وقتن جو خاص خيال رکجانءِ ۽ جڏهن هُو سمهي ته اُنجي آرام ۾ خلل نه وجهجانءِ ڇو ته بُک جي گرمائش تپِي باھ ٿيندي آهي ۽ ننڊ ۾ خلل نفرت جي قابل هوندو آهي !

    5_ مڙسهن جي گهر ۽ مال جِي حفاظت ڪجانءِ ، اُنجِي ذات ، انجي نوڪرن ۽ اُنجي گهر وارن جو خيال رکجانءِ !

    6_ مڙسهن جي راز کي فاش نه ڪجانءِ اُنجِي نافرماني نه ڪجانءِ اگر تو انجوراز فاش ڪيو ته انجي عذر کان محفوظ نه رهندينءَ ۽ اگر انجي حڪم جي نافرماني ڪيئي ته انجي دل ۾ تنهنجي لاءِ ڪاوڙ ۽ نفرت ٿيڻ لڳندي !

    7_ جڏهن مڙسهن غمگين هجي ته خوشي جو اظهار نه ڪجانءِ ۽ جڏهن هُو خوش هجي ته انجي سامهون ڪاوڙِي نه ويٺِي هُججانءِ ، پهرين خوبِي زوجيت جي ادب ۾ ڪوتاهي نه ڪجانءِ !

    8_ جيترو توکان ٿي سگهي مڙسهن جي عزت ڪجانءِ هُو ايتريقدر تنهنجو احترام ڪندو .

    9_ جيتريقرد تون مڙسهن جِوخيال رکندينءَ اوتريقدر هُو زندگي جو ساٿي ڀانئيندو .

    10_ جيسيتائين تون مڙسهن جي رضا کي پنهنجي رضا ۽ انجي خواهش کي پنهنجي خواهش نه تسليم ڪندينءَ تيسيتائين جيڪوتون چاهين ٿي اهو حاصل نٿي ڪري سگهين ڀلي توکي اها ڳالھ پسند هجي يا نه هجي !

    اُن کانپوءِ ان ڌيءُ جي رخصتي ٿي وئي ۽ هوءَ پنهنجي مڙس وٽ آئي ،پنهنجي ماءُ جي نصيحتن کي وڏي ڌيان نڀائيندي انهن اصولن تي قائم رهي ۽ عزت جي زندگي گذاريائين بادشاھ به انجي وڏي عزت ڪندو هيو ۽ ان عورت جي نسل مان يمن جا ست بادشاھ ٿي گذريا !
    بلوغ العرب جلد پهريون صفحو 19
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو