شفيق الرحمان شاڪر راولپنڊي ۽ اسلام آباد کان اتر اولهه طرف 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پشاور ويندڙ جي ٽي روڊ تي موجود ٽيڪسيلا اڄ به آباد آهي پر حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته هي اهو ٽيڪسيلا ناهي جنهن هزارين سال پهرين هن ڌرتيء تي هڪ عظيم الشان شهر جي حيثيت ۾ جنم ورتو.هاڻي ان شهر جو ته نالو نشان به نه رهيو آهي البته ويهين صديء ۾ ٿيندڙ کوٽائين جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 20 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ اهڙين ڪيترين ئي آبادڪارين جا کنڊرمليا جتي ڪڏهن جيئرا جاڳندا انسان رهندا هئا ۽ زندگي پنهن جي سموري سونهن سان جرڪندي هئي.پٿرن جي انهن ڍيرن مان اهو به معلوم ٿيو ته ماضيء جي ڏينهن ۾ انهن شهرن نه رڳو لاهن ۽ چاڙهن جو هڪ ڊگھو سفر طيء ڪيو پر هتي دنيا جي عظيم ترين تهذيبن به اک کولي ۽ ترقيء جون منزلون طيء ڪيون.اهو سفر ڪڏهن شروع ٿيو ۽ ڪٿي ختم ٿيو،ان معاملي ۾ تاريخدان اختلافن جو شڪار آهن.ڪن ان کي هزارين ته ڪن لکين سال پراڻو شهر قرار ڏنو آهي. دلچسپ ڳالهه اها ته پوري واديء ۾ ڪي درجن شهرن،ڳوٺن ۽ آبادين جا کنڊر پکڙيا پيا آهن جن ۾ ڀير،سرڪپ،سرسک،جوليان،موهڙا مرادو،هٿيال،پپلان، گڙهي،سرائي کولا، ڪلوان، جنڊيال، ڌرم راجيڪا وغيره شامل آهن.اندازو آهي ته ان سموري واديء کي ٽيڪسيلا جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ اهي علائقا انهي واديء جا حصا هئا.جيڪر ٽيڪسيلا جي قديم نالن جو جائزو ورتو وڃي ته ان کي هڪ وادي ئي قرار ڏنو ويو آهي جتي ڪڏهن نانگن جي حڪومت هئي.ان ڪري ان کي “ نانگن جي وادي” جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. ٽيڪسيلا جي آباد ٿيڻ جي حوالي سان انسائڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا جي مضمون نگارن جو خيال آهي ته ان کي هندن جي ديوتا وشنو جي اوتار رام جي ننڍي ڀاء ڀرت پنهن جي پٽ ٽيڪسا لاء آباد ڪيو هو ۽ اهو ئي ان جو پهريون حڪمران ٿيو.پر جيئن ته تاريخ ڀرت يا ان جي پٽ جي زماني جي باري ۾ خاموش آهي ۽ انهن جو ذڪر صرف ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ئي ملي ٿو،ان ڪري ٽيڪسيلا جي آباد ٿيڻ جو صحيح زمانو به ٻڌائي نٿو سگھجي. تاريخ جي ممتاز محقق پروفيسر ڊاڪٽر حسن واني، سرجان مارشل جي ڪتاب “گائيڊ ٽو ٽيڪسيلا” جي جواب ۾ “گائيڊ ٽو هسٽاريڪل ٽيڪسيلا” نالي ڪتاب لکيو آهي جنهن مطابق ٽيڪسيلا جي شروعاتي حڪمرانن جو تعلق ٽاڪشڪ قبيلن سان هو جن جي موجوده شڪل ٽاڪا قبيلو آهي. ٽاڪشڪ قبيلي جي هن جابلو گاديء واري هنڌ جو نالو مارگلا هو.ٽيڪسيلا جو اهو شهر مارگلا جبلن جي اولهه طرف هڪ مقامي دريا تمر نالا جي ڪناري آباد هو.برائونز ايج يعني اٽڪل اڍائي لک قبل مسيح جا ٽيڪساس جا کنڊر ٽيڪسيلا ميوزيم جي اتر اوڀر ۾ اڌ ميل جي مفاصلي تي تمر نالا جي ڪناري هٿيال نالي ٽڪريء جي هنج ۾ موجود آهن.انهن جا چٽيل ٿانو،پالش ٿيل پٿر جا هٿيار،هڏين جا اوزار ۽ ٻيون شيون نيشنل هاء وي ويجھو،ميوزيم جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪجھه ميلن تي ڪالا دريا جي ڪناري سرائي کولا مان مليون آهن. آريا قومون اٽڪل ڏيڍ لک سال قبل مسيح ٽيڪسيلا پهتيون ۽ انهن ان کي گنڌارا جو نالو ڏنو جنهن جي معنيٰ خوشبوء جي ڌرتي آهي.انهن هندستان جي ديومالائي جنگ مها ڀارت لڳڻ تائين هتي حڪومت ڪئي.مها ڀارت جي مرڪزي ڪردارن ،پانڊن جي راڻي،گانڌريء جو تعلق انهيء ئي گنڌارا سان هو. ستين صدي قبل مسيح ۾ جوليان واري هنڌ ٽيڪسيلا يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي جيڪا دنيا جي قديم ترين تعليمي ادارن مان هڪ هئي. “ پاڪستاني هندو پتريڪا” ويب سائيٽ موجب ٽيڪسيلا جو پراڻو نالو “ٽيڪشا سيلا” هڪ وحشي قبيلي جي شهزادي جي نالي تي رکيو ويوبعد ۾ اهو شهر گنڌارا نالي بادشاهت جو حصو بنيو.ٻڌمت جي دور ۾ هن شهر کي گنڌارا بادشاهت جي گاديء جو هنڌ ۽ علم ادب جو عطيم مرڪز ٻڌايو ويو آهي. ٽيڪسيلا ۾ مسلمانن جي اچڻ جو سن ته معلوم ناهي پر ٽيڪسيلا جي سڃاڻپ ۽ کوٽائيء کان اڳ اها جڳهه مغل ڪاروان سراء اندر هڪ ٻئي شهر شاه ڍيريء جي نالي سان مشهور هئي جڏهن ته ڪجھه مسلمان اولياء ڪرام جي نالي سان به هتي ڪيئي ڳوٺ موجود هئا.شاه ڍيري نالي ڳوٺ جبل جي مٿان آباد هو جتي ترڪ حڪمرانن هڪ قلعو به تعمير ڪيو هو ڀڙ جبل تي هڪ وليء جي مزار به هئي جنهن جو نالو “ڀير زيارت” هو.اهڙيء طرح موهڙومرادو ۾ “پنج پير” جي نالي سان هڪ زيارت موجود هئي پر مسلمانن جي اصل وڏيون زيارتگاهون مارگلا هلز جي ٻئي طرف هيون جن ۾ شاه اللھ ڏتا غار،گولڙا شريف،سيدپور ۽ امام بري شامل آهن. گھڻن مورخن ٽيڪسيلا جي شهرن جو انگ ٽي ٻڌايو آهي،انهن مطابق “ڀڙ” نالي ٽڪري باقي ٻين ٻن شهرن کان گھڻو قديم آهي،کوٽائيء مان معلوم ٿيو آهي ته شهر جو اڀرندو حصو رهائش لاء مخصوص هو جڏهن ته الهندي حصي ۾ اڪثر عبادت گاهون هيون.