اختر حفيظ سنڌو ندي ۽ موهن جو دڙو

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌو ندي ۽ موهن جو دڙو

    اختر حفيظ

    ڌرتيءَ تي موجود سموريون نديون تهذيبن جون خلقڻهار رهيون آهن، جن پنهنجي پاڻيءَ سان انهن تهذبين کي جنم ڏنو آهي، جيڪي اڄ به ڌرتيءَ جي نقشي تي ڳاٽ اوچو ڪري بيٺيون آهن. انهن کي ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي ته اهي نديون ايڏيون ڀاڳن واريون رهيون آهن جو انهن کي انهي زماني جي انسانن ديوين جو درجو ڏنو، جيڪڏهن زمين تي انهن لاءِ عبادت لائق ڪجهه هو ته اُهي اِهي نديون هيون، جن جي پاڻيءَ سان سموري ڌرتي ڄڻ ته سون اپائيندي هئي.
    اهي ور وڪڙن واريون نديون، جيڪي ڪنهن ارڙ نانگ وانگر ڪيترن ئي هنڌان ٿينديون، سمنڊن سان ميلاپ ڪن ٿيون، جن جي منزل نيٺ ته سمنڊ ئي آهي. انهن کي ڏسي دل موهجي ويندي آهي، جيئن آئريش ناول نگار جوزف ڪانريڊ پنهنجي ناول "هارٽ آف ڊارڪنيس" ۾ ڪانگو نديءَ کي بيان ڪندي لکي ٿو ته "نانگ مون کي موهي ورتو". دنيا جي سمورين وڏين ندين مان اسان جي سنڌ جي سنڌو نديءَ به هڪ آهي، جيڪا جُڳن کان وهندي اچي ۽ اڄ به انهيءَ جو پاڻي ڪروڙين ماڻهن جي اڃ اجهائي ٿو.
    رگويد جي ڏهين منڊل ۾ سنڌونديءَ جي ساراهه ۾ نو شلوڪ چيا ويا آهن، جن ۾ سنڌو نديءَ کي هڪ ديوي جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. انهي مان هڪ شلوڪ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته
    "سنڌو پنهنجي طاقت جي ڪري
    سڀن جي وچ مان گذرندي
    رهنمائي ڪندي هلي ٿي."
    تازو ئي انهي سنڌو ندي ۽ سنڌ جي تهذيب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ باليووڊ جي فلم ڊائريڪٽر اشوتوش گوائيڪر هڪ فلم "موهن جو دڙو" ٺاهي آهي، جيئن ته هي هڪ تاريخي موضوع تي ٺهيل فلم آهي، تنهنڪري بقول ڊائريڪٽر ته هن انهي سلسلي ۾ تمام گهڻو مطالعو پڻ ڪيو هو، موهن جو دڙو جي تاريخ جي حوالي سان جيڪي به ڪتاب هيستائين لکيا ويا آهن، اهي هن پڙهيا ۽ تنهن کان پوءِ هن اها فلم تيار ڪئي آهي.
    ڪابه فلم ٺاهڻ لاءِ انهي ۾ جيڪڏهن افسانوي رنگ شامل نه هجي ته اها فلم پوءِ فقط هڪ دستاويزي فلم ٺهي ويندي آهي. جيڪا نيشنل جيوگرافڪ ۽ ڊسڪوري چينل تي ڏيکاري سگهجي ٿي پر اها سنيما گهرن ۾ نٿي لڳي سگهي. انهي کان اڳ ۾ به گوائيڪر تاريخي موضوعن تي فلمون ٺاهي چڪو آهي، جن ۾ "لگان" ۽ "جوڌا اڪبر" پڻ شامل آهن. جن مان لگان ته آسڪر لاءِ به نامزد ٿي هئي.
    موهن جو دڙو فلم تي تقريبن هڪ ارب پندرهن ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، جيڪو چڱو خاصو پئسو آهي، جنهن ۾ موهن جو دڙو جو اهو سمورو سيٽ پڻ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو حقيقي طور تي اسان وٽ موجود آهي. هي ڪهاڻي هڪ نوجوان سرمن جي آهي، جيڪو موهن جو دڙو کان ٿورو پريان آمريءَ ۾ رهي ٿو، ۽ نير جو واپار ڪري ٿو. جنهن کي سدائين اها خواهش هوندي آهي ته هو هڪ ڏينهن موهن جو دڙو شهر وڃي ۽ پنهنجو واپار ڪري. پر کيس سندس پيءُ روڪيندو رهندو آهي. هڪ ڏينهن نيٺ هو موهن جو دڙو ڏانهن نڪري ٿو پوي ۽ پوءِ اتي ئي سندس قسمت مٽجي ٿي. جتان ڪهاڻي نئون موڙ ٿي وٺي، جتي سندس ملاقات پنڊت تي ڌيء ڇاني سان ٿئي ٿي جنهن لاءِ اها اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي ته اها جنهن کي ملي اهو ئي موهن جو دڙو جو وارث ٿيندو. تنهنڪري اتي موجود مُکي سندس پٽ جي شادي ڇاني سان ڪرائڻ جي خواهش ڏيکاري ٿو. اهڙي ريت سرمن ۽ ڇانيء جو پاڻ ۾ پيار ڀريو رشتو قائم ٿئي ٿو ۽ اهي ٻئي هڪٻئي جي ويجهو اچن ٿا. انهي شهر ۾ ٻه شهر قائم آهن، هڪ مٿئين طبقي جو شهر ۽ ٻيو هيٺيئن طبقي جو شهر. مٿئين طبقي واري شهر ۾ فقط اهي ئي ماڻهو داخل ٿي سگهن ٿا، جن وٽ هڪ خاص مهر هوندي آهي. سرمن وٽ اها مهر هوندي آهي، تنهنڪري اهو مٿئين طبقي واري شهر ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ اتي ڇانيء سان آساني سان ملي به سگهندو آهي.
    ماهم جيئن ته موهن جو دڙو شهر تي حڪمراني ڪندڙ آهي، تنهنڪري سمورا فيصلا به هو ئي ڪندو آهي، ننڍڙي پارليامينٽ جنهن ۾ هر هڪ پيشي سان لاڳاپيل هڪ مُکي هوندو آهي، جڏهن ان ۾ ڪابه راءِ رکي ويندي آهي ته اهي هٿ کولي حق ۾ ۽ مٺ بند ڪري خلاف فيصلو ڏئي سگهندا آهن. ڪنهن زماني ۾ ماهم انهي پارليامينٽ ۾ اها راءِ رکندو آهي ته سنڌو نديءَ تي بند ٻڌي ڇو نه پاڻيءَ مان سون ڪڍجي ۽ انهي کي هڪ واپاري مرڪز ٺاهجي ته جيئن سموري دنيا جا واپاري موهن جو دڙو ڏانهن ڇڪجي اچن. پر ڪي ماڻهو سنڌو نديءَ جي وهڻ جي حق ۾ هوندا آهن. تنهن هوندي به ماهم جيڪو هڙپا مان تڙيل هوندو آهي، اهو انهي سازش ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته ۽ سنڌو نديءَ تي بند ٻڌجڻ شروع ٿي ويندو آهي. جنهن کان پوءِ اتان جو غريب طبقو ٽيڪس ڀرڻ لڳندو آهي. ماهم سنڌو جي پاڻيءَ مان سون ميڙي انهي مان هٿيار خريد ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته هو چاهيندو آهي ته انهن هٿيارن سان وڏي فوج تيار ڪري هڙپا تي حملو ڪجي ۽ پنهنجي بي عزتي جو پلاند ڪجي. سنڌو تي بند ٻڌجڻ کان پوءِ زمينون سڪڻ لڳنديون آهن. جر سڪي ٿو وڃي، پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ ماهم پنهنجي لاءِ رڳو سون پيو مڙيندو آهي. اها ندي جيڪا اتان جي ماڻهن لاءِ سڀڪجهه هوندي آهي، انهي جي حالت بگاڙ جو شڪار ٿيڻ لڳندي آهي.
    جنهن کان پوءِ سرمن اچي ماهم جي سمورن ارادن کي ماڻهن جي آڏو رکندو آهي ۽ کين ٻڌائيندو آهي ته هو ڪيئن انهن کي غلام رکڻ لاءِ سمورا بندوبست ڪري چڪو آهي. هن جو مقصد موهن جو دڙو جي خوشحالي نه بلڪه هڙپا تي حملو ڪري پنهنجي بي عزتي جو بدلو وٺڻ آهي. ماهم هڪ آمر ٿي انهي شهر تي حڪمراني ڪندو آهي.
    سنڌو ندي انهن لاءِ هڪ اهڙو وهڪرو هوندي آهي، جنهن کان مٿانهين شئي انهن لاءِ ڪابه نه هوندي آهي، انهي جي علامتي ديوي به مندر ۾ رکي ويندي آهي. سنڌو نديء تي ٻڌل بند ئي موهن جو دڙو کي لوڙهي ويندو آهي ڇاڪاڻ ته برسات تيز پوڻ کان پوءِ بند پاڻي کي روڪي نه سگهندو آهي.
    جيئن ته هي فلم سنڌو تهذيب تي ٺهيل آهي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ کي وهندي ڏيکاريو ويو آهي، تنهنڪري اسان جو انهي سان جذباتي لڳاءُ به آهي. پر انهي ۾ ڪجهه ڪمزوريون به آهن، جيڪي ظاهر آهي ان ڪري به رهجي ويون آهن جو هي هڪ تمام وڏي موضوع تي ٺهيل فلم آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اها فلم تاريخ سان هٿ چراند آهي، ان ڪري انهي کي هڪ ئي ڌڪ سان رد ڪري ويٺا آهن ته هي هڪ ڪمرشل فلم آهي، ان کي ڏسڻ اجائي ڳالهه آهي ۽ اهو پڻ چون ٿا ته ساڳي ڊائريڪٽر جوڌا اڪبر فلم سان نڀايو آهي. جوڌا اڪبر فلم کان ڪئين ڏهاڪا اڳ "مغلِ اعظم" به فلم ٺاهي وئي هئي، اها فلم ڄڻ ته انهي جو تسلسل هئي ۽ تاريخي طور اڪبر وارو دور ته اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي، موهن جو دڙو ته هزارين سالن جي ڳالهه آهي. جوڌا اڪبر ۾ به ڪئين اهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي افسانوي رنگ ڏئي پيش ڪيو ويو آهي، مثال طور جوڌا کي تلوار بازي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي پر حقيقي طور ڇا ائين هو؟ يا مغل اعظم فلم ۾ سليم ۽ اڪبر بادشاهه جي جنگ ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته تاريخي طور اهڙي ڪابه جنگ نه ٿي آهي. بلڪه ڪٿي ڪٿي ته اهو به چيو وڃي ٿو ته انارڪلي نالي ڪا مائي هئي ئي ڪونه.
    سو فلم ٺاهڻ لاءِ ڪهاڻي ٺاهي ويندي آهي، ڪهاڻي ۾ وري تخليقي شيون شامل ڪيون وينديون آهن، ته جيئن فلم بوريت جو احساس نه ڏئي. لگان ۾ جيڪا ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ڏسجي ته ڪو تاريخي مئچ ٿيو به هو الائي نه پر فلم ٺاهڻ لاءِ ڪهاڻيءَ کي جنم ڏبو آهي. اهي ڪهاڻيون تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل نه هونديون آهن بلڪه انهن کي تخليقي ذهن گهڙيندا آهن. جيئن باليووڊ وارن "هيلن آف ٽراء" فلم ٺاهي آهي، اها ته هڪ ڏند ڪٿا تي ٻڌل فلم آهي، انهي جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي ڪونهي. ڪوبه ماڻهو ايڪليز وانگر نٿو ٿي سگهي جنهن جي سموري جسم ۾ فقط ڪمزور حصو انهي جي کڙي هجي. پر جيئن ته اهي شيون تاريخي طور ڪٿي نه ڪٿي وجود رکن ٿيون، تنهنڪري انهن کي اڄوڪي دور ۾ فلمي انداز سان پيش ڪيو وڃي ٿو.
    موهن جو دڙو تي فلم ٺهندي انهي باري ۾ شايد اسان ڪڏهن تصور به ڪيو هوندو پر هڪ فلم ٺاهي وئي آهي، انهي کي سمورين ڪمزورين سوڌو قبول ڪرڻ گهرجي. ڇا اها فلم پاڪستان ۾ ٺهندڙ انهن فلمن کان به ويل آهي، جن ۾ ڊيم ٺاهڻ جو پرچار ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو ويندو آهي ته ڊيم نه ٺهيو ته سڀڪجهه تباهه ٿي ويندو. جڏهن ته موهن جو دڙو فلم ۾ اهو پيغام ڏنل آهي ته ڊيم ئي تباهي جو سبب هوندو آهي.
    هي فلم هڪ تهذيب کي بچائڻ ۽ سنڌو نديءَ کي وهندي ڏسڻ جو خواب آهي. سنڌو ندي جيڪا سمورين ندين جي ماءُ ليکي وڃي ٿي، انهي جي پاڻيءَ کي جيڪڏهن بند ٻڌي روڪيو وڃي ته اها پنهنجو پلاند ڪندي آهي. فطرت سان هٿ چراند انسان کي ڪڏهن به فائدي ۾ نه پئي آهي. سنڌو ندي جنهن سان سنڌي ماڻهن جو صدين پراڻو هڪ اهڙو اڻٽٽ رشتو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڌار ٿي نٿو سگهي، جنهن کي اسان جي اکين سدائين وهندي ڏسڻ چاهيو آهي، اڄ به اها ندي ڊيمن ۾ قيد آهي. هن فلم ۾ به اهو ڏيکاريو ويو آهي ته انهي وقت ڪيئن هڪ لوڀي ۽ لالچي حڪمران سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي قيد ڪري انهي مان سون حاصل ڪندو آهي پر اصل ۾ سون ته سموري سنڌو ندي آهي. گوائيڪر هي فلم ٺاهي سنڌو جي تهذيب کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. تنهنڪري انهي جا لک لک ٿورا!!
     
    خدابخش مشاخ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    ادا هن ۾ هڪ ٻي ڳاله جيڪا شايد توهان کان رهجي وئي يا نظر نه آئي توهان کي،
    مذهبي ڌر جو ڪردار به واهجو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن ڊپ وچان حق کي ڇڏي ناحق تي بيهن ٿا.
     
    يونس ملڪاڻي هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    “موهنجو دآرو” فلم جو سٺو review لکيل آهي. پر هن ڌاڳي جو عنوان ڀٽڪائينڙ آهي. مان سمجهيو هئو ته موئن جي دڙي جي تهذيب جي باري ۾ ڪجهه لکيل هوندو
     
  4. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    يار بهترين ڪم ڪيو اٿن، موئن جو دڙو جنهن جو به ڏٺل ناهي اهي هن سيٽ کي ڏسي سگهن ٿا،ان کان علاوه ان وقت جي تهذيب کي به ڏسي سگهن ٿا،
    يار ڪجهه به آهي پر فلم ۾ ڪافي قدر تاريخي ڳالهين جو خيال رکيو ويو آهي، باقي ظاهر آهي ڊاڪيومينٽر کي فلم ۾ آڻي ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ لا جيڪي به ڪوششون ڪيون ويو آهن اهي ضروري هيون.
     
    خدابخش مشاخ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو