رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اڙي او وقت جا والي
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اڙي او وقت جا والي
آهين ڄڻ ڪو موالي
نه سڌ ڪا تو سماجي آ
نه تو فطرت رواجي آ
ڪرين ٿو ڪيس ڪهڙا تون
سلڻ جهڙا نه آهن مون
حيا جي ديس جا ماڻهو
لڄائين ٿو ادا ماڻهو
اڍنگي تنهٿنجي عادت آ
بي رنگي تنهنجي رغبت آ
مغرب جي هلين پويان
وڃايو تون پنهنجو عنوان
نه ڪنهن تون ريت جو راڻو
امڙ پيءُ جت آ ڪوماڻو
نه عزت ڪا رهي هتڙي
ڏني جي تو آهي ڳت ڙي
حيا داري وڃائين ٿو
خواهش کي وڌائين ٿو
ڀريل جنهن ۾ شهوت شوق
عشق ناهين تنهنجو هي ذوق
کلائي خلق ساري ٿي
اڃا ڀي زور جاري ٿي
اسان کي آ اهو ارمان
نه ٿين ها جي ادا بي مان
ماحول هي مهنداري
سڄو سارو آ لڄاري
سڄو سارو آ لڄاري
لبستم دائودپوٽه
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اڙي او وقت جا والي
آهين ڄڻ ڪو موالي
نه سڌ ڪا تو سماجي آ
نه تو فطرت رواجي آ
ڪرين ٿو ڪيس ڪهڙا تون
سلڻ جهڙا نه آهن مون
حيا جي ديس جا ماڻهو
لڄائين ٿو ادا ماڻهو
اڍنگي تنهٿنجي عادت آ
بي رنگي تنهنجي رغبت آ
مغرب جي هلين پويان
وڃايو تون پنهنجو عنوان
نه ڪنهن تون ريت جو راڻو
امڙ پيءُ جت آ ڪوماڻو
نه عزت ڪا رهي هتڙي
ڏني جي تو آهي ڳت ڙي
حيا داري وڃائين ٿو
خواهش کي وڌائين ٿو
ڀريل جنهن ۾ شهوت شوق
عشق ناهين تنهنجو هي ذوق
کلائي خلق ساري ٿي
اڃا ڀي زور جاري ٿي
اسان کي آ اهو ارمان
نه ٿين ها جي ادا بي مان
ماحول هي مهنداري
سڄو سارو آ لڄاري
سڄو سارو آ لڄاري
لبستم دائودپوٽه