رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ڪافي
ڪانگل ڏي ڪا خبر
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
ڪانگل ڏي ڪا خبر منهنجي مارن جي
مونکي ياد سدان تن پيارن جي ....
سڪ يار سڄڻ کي ساريان ٿو
هنجون هجر ۾ هتڙي هاريان ٿو
ڏي ڪا خاص خبر دل وارن جي
بيتاب ٿيو هتي روح رڙي
جي ڪين ڏسان پو ساه سڙي
ڪر منٿ وڃي ڳچي ڳارن جي
ماندو منڙو ٿيو نه ڪو چين اچي
ساه سڏڪا ڪري سانت ڪين اچي
ماري ڳاله وڏي ٿي ميارن جي
وٺا مينهن وطن تي وسڪارو
هت هانءُ هڄي چت چسڪارو
وٺي واس وٺان جيءَ جيارن جي
وٺي وڳ هليا جي مال هوندا
ڌڻ يار ڌنارن ڇال هوندا
اتان ٻيڪ ٿي ٻڌجي ٻڪرارن جي
للر لاڻيون هونديون ساوا گاه هوندا
جت گل ڦوٽارا ڄاه هوندا
سو ديس وطن وڻڪارن جي
لبستم دائدپوٽه
ڪانگل ڏي ڪا خبر
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
ڪانگل ڏي ڪا خبر منهنجي مارن جي
مونکي ياد سدان تن پيارن جي ....
سڪ يار سڄڻ کي ساريان ٿو
هنجون هجر ۾ هتڙي هاريان ٿو
ڏي ڪا خاص خبر دل وارن جي
بيتاب ٿيو هتي روح رڙي
جي ڪين ڏسان پو ساه سڙي
ڪر منٿ وڃي ڳچي ڳارن جي
ماندو منڙو ٿيو نه ڪو چين اچي
ساه سڏڪا ڪري سانت ڪين اچي
ماري ڳاله وڏي ٿي ميارن جي
وٺا مينهن وطن تي وسڪارو
هت هانءُ هڄي چت چسڪارو
وٺي واس وٺان جيءَ جيارن جي
وٺي وڳ هليا جي مال هوندا
ڌڻ يار ڌنارن ڇال هوندا
اتان ٻيڪ ٿي ٻڌجي ٻڪرارن جي
للر لاڻيون هونديون ساوا گاه هوندا
جت گل ڦوٽارا ڄاه هوندا
سو ديس وطن وڻڪارن جي
لبستم دائدپوٽه
آخري ترميم: