عليم سومرو : ٿر جي واري جي ڀٽن ۾ جنم وٺندڙ نئين ٽهي جو نوجوان شاعر تحرير : نصرالله جروار ٿر جي مهراڻي واري علائقي جي ڀٽن جي وچ ۾ هڪ اهڙي ڀٽ آهي جنهن جو نالو ٻانهن ڀٽ آهي جتي سنڌ جي مشهور نوجوان شاعر اديب ۽ سماج سڌارڪ عليم سومرو جو ڳوٺ لاکي سومري جي نالي سان آهي. اسان مهراڻي واري مشهور درگاه راضي شاه کان نڪري ٿر جي ڪس تي مير ڪرم علي خان ٽالپر جي 1814ع ۾ جوڙايل تاريخي قلعي جا فوٽو وٺڻ بعد اسان جو موٽر سائيڪلن وارو سفر هاڻي ٻانهن ڀٽ ڏانهن هجي ٿو منهنجي هن اڄ جي مختصر سفر جا ساٿي عبدالرحمان سمون ۽ ٿر جا نئين ٽهي جا نوجوان اديب ۽ شاعر حفيظ نهڙيو ۽ پيار علي نهڙيو هجن ٿا اسان جو هيءَ مختصر سفر هڪ مختصر مفاصلي واري لنڪ روڊ تي هجي ٿو جيڪو مٺي جي مين روڊ مان ميرن واري قلعي وٽان پوليس چيڪ پوسٽ سامهون اولهـ طرف نڪري ٿو هي روڊ درگاه راضي شاه جي اولهـ کان ٿيندو جوڳي موڙ وڃي ٿو ، ان مختصر سفر دوران اسان کي اهو ڏسڻ ۾ آيو تـ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران ٿر جي مختلف ڳوٺن جي سهولت لاءِ لنڪ روڊن جو ڄار وڇايو ويو هو پر هاڻ هن جهموري دور چورائيندڙ دور ئي حڪومت ۾ ٿر جي لنڪ روڊن جي حالت تمام خراب آهي 2011 واري شديد برساتن ٿر جي لنڪ روڊن کي اکوڙي ڇڏيو آهي پر ان کان پوءِ موجوده سرڪار لنڪ روڊن جي مرمت لاءِ ڪي بـ اپاءُ نـ ورتا آهن لڳي ائين پيو تـ حڪومت جي اها ٿر ۾ ڪن لاٽار رهي تـ ايندڙ ڪجهـ سالن ۾ لنڪ روڊ مڪمل ختم ٿي ويندا ۽ پوءِ شايد هن ٿر جي ڳوٺن جي ماڻهن جي مقدر ۾ بـ ڇڪڙن ۽ اُٺن جو سفر هجي. اسان جي پهچڻ تي عليم سندس اڏيل سادڙي اوطاق تي اسان جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو اهڙي محبت ۽ ميٺ سان ملي ۽ کيڪاري ٿو ۽ اسان جي اچڻ تي خوشي ۾ جيڪا هن جي ذهيني ڪيفيت هئي ان تي مون کي ان وقت سنڌ جي عوامي شاعر ابراهيم منشيءُ جي ڪنهن شعر جون هي سٽون منهنجي ذهين تي تري آيون جيڪي هن جي خوشي واري ڪيفيت جي ترجماني ڪري رهيون هيون، مايا نـ مڏي مون وٽ، ماڙيون نـ ڪي محلاتون، سائو ويس ڍڪيو ڌرتي، وٺيون ٿر بر برساتيون، اڏِي تولئــ اسان پيارا، پکڙي جي ڏري آهـــي، هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي، اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو، ڀاڳـــن جـــي ڀري آهــي، ۽ ها واقعي مندي چري هئي سانوڻي مند جولاءِ جي 24 تاريخ اُڀ ۾ ڪڪر تـ ڏکڻ کان اُتر ڏي تيزي سان ٿر جي پياسي ۽ اڃايل واري جي ڀٽن تي بغير وسڻ کانسواءِ وڃي رهيا هئا ۽ هيٺ اڃايل واري جون ڀٽون ان عاشق جيان لڳي رهيون هيون جيڪو معشوق کي حسرت ڀريل نگاهن ڏسندو رهي ۽ معشوق پنهنجي عاشق کي ملڻ ۽ چمي ڏيارڻ ۽ ڏيڻ کانسواءِ پاسي مان گذري وڃي ۽ اُن ڏينهن مون اُڀ کي ڏسندي سوچيو تـ هيءَ سانوڻي مند جيڪا وسڪاري جي مند هوندي آهي پر سانوڻ جا ڪڪر جن جا مندائتا وسڪارا هن ٿر جي وشال ڀٽن جي لاءِ محبوب جي چمين جيان هوندا آهن جيڪي هيل لڳي پيو تـ سانوڻي جا ڪڪر بـ بي وفا محبوب جيان هن ٿر جي ڀٽن سان بي وفائي ڪري وڃن ۽ لڳي پيو هيل بـ هيءَ ٿر پنهنجي محبوب وسڪاري جي جدائي واري ڏڪار ۾ ئي رهندو پر الله ڪري ائين نـ ٿئي، پر ڇا ڪجي موسمي وسڪارا بـ بي وفا ٿي ويا آهن، جو وسڻ کان بس ڪري بيٺا آهن ان ۾ نـ ڏوهـ فطرت جو آهي ۽ نـ ڏوه سانوڻي بادلن جو آهي، هيءَ فطرت، سانوڻي بادل، انهن جا وسڪارا ۽ کنوڻين جي کيلن جا تجلا تـ هزارين سالن کان هن ٿر جا فطري دوست رهيا آهن تڏهن تـ ٿر جي هن پٽ مهراڻي سميت سموري ٿر ۾ تاريخ جا پيرا ڦٽل دڙن ۽ ماڳن جي صورت ۾ اسان اڳيان پنهنجي سکئي ستابي دور جي شاهدي لاءِ گهڻو ڪجهـ ڏسين ٿا تـ هيءَ پٽ ماضي ۾ سکيو ۽ سائو رهيو آهي هاڪڙي ۽ پراڻ جي وهڪرن جا نشان بـ سکي ۽ شانائتي تهذيب هجڻ جو اهڃاڻ آهن. ۽ پوءِ هن جديد دور ۾ هن ٿر واري علائقي ۾ نـ کٽندڙ ڏک ۽ نـ کٽندڙ ڏکن جا داستان ڇا ٿا ثابت ڪن؟ هڪ تـ حڪمرانن پاران ٿر کي مڪمل نظر انداز ڪرڻ ۽ ٻيو اسان پاڻ پنهنجي فطرت جا ويري بنجي پنهنجي هٿن سان فطرت سان هٿ چراند ڪري پنهنجي ذاتي لالچ جي ڪري بي دردي سان وڻن جي واڍي ڪري رهيا آهيون جنهن ڪري هن ٿر کان مندائتا وسڪارا رسي ويا آهن . هن ٻانهن ڀٽ تي صدين کان قائم ڳوٺ لاکو سومرو ۾ ٿري پورهيت گل محمد سومرو جي گهر پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي 1 مئي 1986ع ۾ جنم وٺندڙ عليم سومرو 1992ع ۾ پٽي کڻي سندس ئي ڳوٺ جي اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري 1996ع ۾ سندس ڳوٺ کان ڪجهـ مفاصلي تي گورنمينٽ مڊل اسڪول ڳوٺ ڪنڊارو مان 8 درجا پاس ڪري وڌيڪ نائون ڏهون پڙهڻ جي لاءِ نئون ڪوٽ جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو سندس ڳوٺ ۽ نئون ڪوٽ جو مفاصلو 12 ڪلوميٽر آهي. ان وقت ٿر جي ڳوٺن تائين لنڪ روڊ حقيقت تـ ڇا پر هن ٿر جي ماڻهن جي اکين جو خواب بـ بنيل نـ هئا. ان ڪري روزانو واريءَ جو پنڌ ڪري ڳوٺ کان اسڪول ۽ اسڪول کان وري شام جو واپس ڳوٺ 24 ڪلوميٽر واري جو پنڌ ڪري عليم سومرو نئون ڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ ريگيولر صرف هڪ سال تائين پڙهي نائون ڪلاس پاس ڪري سگهيو ڪمزور ٿيڻ سبب وڌيڪ پنڌ نـ ڪري سگهڻ سبب اڳتي جي لاءِ ريگيولر اسڪول نـ وڃي سگهيو، سر جيس تـ سور، سامائيس تـ سک ويا، اهي ٻيئي پور مون نماڻي نصيب ٿيا.