• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرک مري ڪين جن کي چنتا ...

bb2340e0-38a2-4d11-8f9d-4820f530dbc9

مرک مري ڪين جن کي چنتا ...........
___________________________
مرک مري ڪين جن کي چنتا، پيار پياس پراڻي هوندا
ديس جا هي دلير ماڻهو ،جسو جهت نه ڪوماڻي هوندا
اداس رستي تي راه ويندڙ مسافرن کان پڇو نه پنهنجو
راه روئي غمن ۾ گوندر پو پيچرا سڀ پاڻي هوندا
اتاه جن جي اندر ۾ آهون سمونڊ سڪ ۾ سرڪ ڪن ٿا
سموئي سي سڀ سرير سائين سڪايلن لئه ساڻي هوندا
اهي ئي آرياڻي اور آهن اهي ئي نچندڙ ڪي مورآهن
ٻولي ٻيجل وايون بيتن سڏن ٿا سڀ کي ڪهاڻي هوندا
جهوري جن کي وجود سنڌ جي سي دراوڙي دودا آهن
باقي شودا شرير بي پير انهن سان ويڙهاند هو هاڻي هوندا

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top