غزل هر شعر حسينا جو، هر بات حسينا جي، هر ڏينهن حسينا جو، هر رات حسينا جي. ويسر نه گهڻي آهي، هر چيز وساري آ، پر ساههَ ۾ سانڍي آ، سوغات حسينا جي. آواز ڪيو هلڪو، هر ڳالهه چئي هوريان، سوچيوسين متان ڀڙڪي، جذبات حسينا جي. وڃ چنڊ! ستارن سان، رستي ۾ اُجالا ڪر، اڄ رات هُتان ويندي، بارات حسينا جي. هر مرڪ مِهرَ هُن جي، هي لڙڪ عطا هُن جي، برسي جا اکين مان سا، برسات حسينا جي. ڪوئي ته مليو هُن کي، ٻانهن ۾ سنڀاليس جنهن، شل ’سعيد‘ رهي بهتر، حالات حسينا جي.