• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اها ئي سڪ سعادت آ...

اها ئي سڪ سعادت آ
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اسان ۾ بي قراري آ
اسان ۾ انتظاري آ
اسان وٽ عشق جاري آ
اسان وٽ تانگه پياري آَ
اسان جي توسان ياري آ
ائين ڄڻ آه زاري آ
لڳو ڌڪ هي ڪاپاري آ
اها نرمل ڪا ناري آ
وڏي نازڪ نياري آ
فلڪ سارو فڪر جنهن لئه
ملڪ سارو مڪر جنهن لئه
سڀئي سڙٻاٽ ذڪر جنهن لئه
پچر سڀ کي اثر جنهن لئه
هڄي ٿو هانءُ هجر جنهن لئه
وڏي دل ٿي پڌر جنهن لئه
ٻري ٿي يار ٽانڊن جيئن
اماڙي هي ته ڪانڊن جيئڻ
رڌجي روح آنڊن جيئن
بره هي آ باندن جيئن
نظارو هي پيارو آ
اندر جنهن لئه اڃارو آ
نه هو جي پو مونجهارو آ
اکين ۾ ڀي انڌارو آ
اها روشن رمزن سان
قمر ڪو چنڊ ڪمندن سان
بره ڪئي ڏاڍي بندن سان
سڪ ساڻي هي سنڌن سان
اهو محبت جي غربت ۾
ڪڄاڙو قرب قربت ۾
نه ٿي ڪا آس آٿت ۾
ذڪر پو زور وحدت ۾
نظارو نينهن شدت ۾
اڃا آ ياد جو ڦيرو
اڃا سڪ ٿي نه آسيرو
جلي ٿو جيءَ جو جيرو
اندر ۾ هو سڄو ميرو
اڃا تائين هي الفت آ
قربن ٿي نه قلفت آ
اسان جو عشق عادت آ
اها ئي سڪ سعادت آ
اها ئي سڪ سعادت آ


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top