15 جون مريم مجيدي جي سالگرهه جي حوالي سان
سروم دکم دکم: سنڌ جي نامياري شاعره مريم مجيدي
تحرير: عثمان راهوڪڙو
سروم دکم دکم ڪتاب شاعري جو اهڙو ڪتاب آهي. جنهن ۾ ميرانپور ۾ شاعر محمد خان مجيدي جي گھر ۾ 15 جون 1943ع تي جنم وٺندڙ مريم مجيدي جي شاعري جي اهڙي پالوٽ ۽ سگهاري خيال جي اڻڪ سان اڻيل آهي. جو دل چوندي آهي ته بار بار پيو سروم دکم دکم ۾ آيل شاعري جي ههڙن خيالن؛
پتنگن جيان جيءُ جلايو ته مڃجي
تپي لوهه تن تپايو ته مڃجي
سکن ۾ سلامي ڪلامي ٿين سڀ
ڏکن ۾ به ساٿي سڏايو ته مڃجي
واري غزل ۾ هن شاعره انتهائي سادي ٻولي ۾ جنهن انداز سان ۽ شاعراڻي ڏات ذريعي خيال پيش ڪيو آهي اهو سندس انداز ئي کيس پنهنجي دور ۾ نمائنده شاعرن جي نه رڳو قطار ۾ بيهاري ٿو. پر ميرانپور ۾ صوفي شاهه عنايت جي خانقاه واري سرزمين تي ننڍپڻ ۾ پيرڙا کڻندڙ هن شاعره جو ته پنهنجي شاعري ذريعي اهو به پيغام آهي ته ڏکن ۾ به ساٿي سڏايو ته مڃجي. وانگيان مريم مجيدي ننڍي هوندي کان اکرن ۾ دل اڙائي ۽ زندگي جي سمورن رستن تي هن پنهنجو ساٿي لکڻ ۽ پڙهڻ کي بنايو. شروعاتي تعليم کان وٺي ايم اي ۽ بي ايڊ جا امتحان پاس ڪري، هو تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿي. جتان محنت ۽ جفاڪشي سان ڏاڪي به ڏاڪي منزلون طئه ڪندي، سيڪنڊري استاد ٿي. ۽ پوءِ انچارج سيڪندري ڊي او فيميل ٺٽو پڻ ٿي. اهو سندس زندگي جو اهو پاسو آهي، جنهن ۾ هن پرائمري کان وٺي، ڊي او رهڻ تائين نياڻين جي تعليم ۽ استادن جي نگراني ڪندي تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. پر سندس زندگي جي ٻين پاسن ۾ هن نثر ۾ ڪيئي مضمون ۽ تحقيقي مقالا لکيا. پر کيس سنڌي ادب ۾ جيڪا مهانتا شاعري ذريعي ملي، ان کيس پنهنجي امر شعرن جي سٽ سٽ جيان سنڌي ادب جي کيتر ۾ امر بنائي ڇڏيو آهي. هو اهڙي عورت شاعره آهي، جنهن پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي شاعري ذريعي ڪرائي آهي. سندس ڪتاب سروم دکم دکم ڇپجڻ کان پوءِ کيس انٽرنيشنل قليچ ايوارڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ايوارڊ مليا. سندس شاعري اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين سان سينگاريل آهي. سندس شاعري ۾ اصل موضوع سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو آهن. پر پريت جي پکيئڙي جي اڏار به غضب واري انداز ۾ سابه جڏهن هڪڙي سرائڪي گيت جي بند ۾ هن انداز سان ڪري ٿي ته؛
سانوڻ ساڏي نال مناوين
ڀيڄ ڀني دي ويلي آوين
۾ جيڪا شاعراڻي ادا آهي، تنهن جي ڪل انهن کاڌن کي آهي، جن کان پرين وڇڙيل آهن. سو انهن جيان مريم مجيدي به انتظار جي بتيلن ۾ ۽ سڪل سنڌو جي ڪنارن تان جيڪا به شاعري سرجي آهي، تنهن ۾ انتظار جي ڪيفيت به انوکي انداز سان عيان ڪئي اٿس. محمد خان مجيدي کيس گهر جي چئوديواري ۾ قيد ڪري گهرو ڪم ڪرائڻ بجاءِ اعليٰ تعليم ڏياري. ۽ کيس انقلابي گسن ۽ جدوجهد جي مرحلن ۽ سفر کان آشنا ڪرايو. هن پنهنجي نجي زندگي به مڪمل طور تي آزادي سان گهاري آهي. سماج ۾ وک وک تي عورتن کي ڏانوڻ وڌا ويندا آهن. پر محمد خان مجيدي مريم تي ڪابه پابندي نه مڙهي. جنهن ڪري هي مريم جيڪو سفر ڪيو آهي، ان ۾ ڪٿي به پنهنجي گهر وارن کان سروم دکم دکم ۾ ڪابه پيڙاءُ پلي نه پئي آهي. زندگي جي سفر ۾ هو پڙهندي، پڙهائيندي ۽ ڪڙهندي به رهي. تڏهن ته هيٺ ڏنل غزل ۾ هيئين اظهار ڪيائين ته؛
پٽ تي ڪوبه نه پيرو پنهنجو
ڪيڏو ماڳ ڏکيرو پنهنجو
پيرن ناهن پير ڪڙا پر
ڏور اڃان دڳ ديرو پنهنجو
اکڙين ۾ ٿي اونڌه اٽڪي
ميرو سانجهه سويرو پنهنجو
ڍوليا تنهنجي ڍار نه ڄاتم
نيٺ ڀڳو تو ڀيرو پنهنجو
اونڌهه مان اڪري آخر
ٽوڙيندا گهگهه گهيرو پنهنجو
جذبن جي هن جوءِ ۾ جيڏيون
رهندو مان مٿيرو پنهنجو
سنڌ جي شهر ڌارين حوالي ڪرڻ خلاف مريم مجيدي احتجاج طور صدارتي ايوارڊ پ پ پ جي صدر آصف علي زرداري کان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن اهڙو اظهار 12 فيبروري تي ٽنڊي باگي ۾ خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسي واري تقريب ۾ پنهنجي تقرير دوران پڻ ڪيو. ان پروگرام بعد منهنجي ساڻس مختصر گفتگو پڻ ٿي. ائين ئي مريم مجيدي سان ٽنڊي باگي ۾ مختلف پروگرامن دوران مختصر ئي گفتگو ٿيندي رهي اٿم. هن شاعره جي شاعري ۾ اهڙي سگهاري ڏات جا ڏيئا روشن ڪيل آهن. جيڪي دل جي اکين سان بار بار پڙهيا اٿم.
urahookro@gmail.com
0331 3834738
0346 3397774