محمد عثمان ڏيپلائي هڪ مهان مڙس تحرير: عثمان راهوڪڙو سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌي جئين انسان وڙهندي مڙس مهان، مٽي منجھ سمائيا “ شيخ اياز” شيخ اياز جي سٽن جي هوبهو شڪل مهان انسان محمد عثمان ڏيپلائي 1908ع ۾ ٿر ۾ رڻ ۽ ڀٽن جي سنگم واري شهر ڏيپلو ۾ هڪ ننڍڙي ڏيپلائي ميمڻ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي جو ڪي ڳوٺ ۽ شهر ڪن ماڻهن جي ڪري سڃاتا ويندا آهن. ائين ئي محمد عثمان ميمڻ جڏهن کان پنهنجي نالي پويان ڏيپلائي لکيو ته ڏيپلو جي سڃاڻپ به سندس نالي جي ڪري ٿي وئي. فرانسيسي ليکڪ والٽيئر لکيو آهي ته اهي ئي ماڻهو عظيم هوندا آهن جيڪي سچائي وسيلي انساني دماغن تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندا آهن. اهي ماڻهو ڪڏهن به وڏا نٿا سڏي سگھجن جيڪي جبر سان انسانن کي غلام بنائين ٿا. ڏيپلائي ننڍپڻ ۾ روهيڙي جي رتن گلن جي خوشبو جي سڳند ۾ واسجي ٿر جي تتل واري جي ڀٽن واري واٽن تان سنڌي ست درجا پنهنجي ذهانت سان پاس ڪري مڃتا ماڻي. ۽ هو انگريزي اسڪول ويجھو نه هجڻ سبب انگريزي اسڪول ۾ داخل ته نه ٿي سگھيو پر ان جي ذهانت ۽ علمي ۽ درسي ڪتابن ۾ ايتري مهارت حاصل ڪيائين جو جڏهن سندس پهريون مضمون دهلي مان نڪرندڙ اخبار “مادي” ۾ ڇپيو ان کان پوءِ محمدعثمان ڏيپلائي سنڌو جي مستي جيان قلم جي گھوڙي کي علم، ادب ۽ صحافت ۽ مذهبي ناول ۽ افسانا لکڻ لاءِ اهڙو ته گھمايو جو اڄ تائين گھڻن ۽ وڏن اديبن صحافين ۽ عالمن کي مٿس رشڪ ايندو آهي. پاڻ ڀوڳائي طور به مشهور هو ته صدين جي پيڙهيل مارن کي پيرن، سيدن، ڀوپن ۽ ظالمن جي هٿرادو مڙهيل ريتن ۽ رسمن کان نجات ڏيارڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي تنهن کيس تاريخ جي اهڙن سرويچ ماڻهن جي قطار ۾ آڻي بيهاريو جنهن مقام تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. ڏيپلي جي تتل واري جي ڀٽن تان گذرندڙ واٽن تان ڇڪڙن، اٺن ۽ گھوڙن تي سفر ڪندي جڏهن ساڻس ميرپورخاص ۾ خير محمد نظاماڻي جي ملاقات ٿي ته هن جي سوچ ۽ قلم ۾ جنبش اچي وئي. هن اڳي کان اڳرو ٿي غربت جي گھاڻي ۽ ٿر جي تتل واري ۾ پيڙهجندڙ انسانن جي پيڙائن جو درمان ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏان وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي سا تاريخ بنجي وئي آهي. ائين ئي “چنڊ سهڻو يا انسان” سندس پهريون افسانو هو. ۽ “ غيرت عرف نورجھان” سندس پهريون ناٽڪ هو. انهن کان پوءِ هن انسانن جي خدمت لاءِ هفتيوار ميگزين “ انسان ” جاري ڪيو. ۽ “فرحت آثار” نالي اخبار هٿ سان لکي دوستن ۾ ورهائيندو هو. ۽ پوءِ اسلاميه داراشاعت ۽ عبرت اخبار ميرپورخاص مان جاري ڪيائين. ائين ئي هو علم، ادب ۽ صحافت جي آسمان تي وهائو تاري جيان چمڪڻ لڳو. نه رڳو ايترو پر هن ڪيترائي مجاهدانه اسلامي ناول لکيائين. سوڊان جي سونهن، گمراهه مسافر، فتح ايران، چين جو چنڊ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، قراني خزانو، هندستان جي سچي تاريخ، روم جي راڻي، شاهه جي رسالي جو رهبر، ککر ۾ کڙو، انسان جي تاريخ، فتح اسپين، شهيد ڪربلا، سنڌي استاد، ڪراچي جو ڪوس، سچائي موڙي، سومناٿ جي سندري ۽ سانگھڙ ناول سميت 140 کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين. جن مان سانگھڙ ناول ۾ وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي نعري هيٺ پير صاحب پاڳاري جي حر گوريلن تي نازي ڪئمپ فرنگي انگريزن جي انسانيت سوز ظلمن کي سانگھڙ ناول ۾ اهڙي ته بيباڪي سان قلم بند ڪيائين. جو اڄ به سنڌ ۾ حر گوريلا جدوجهد جي حوالي سان لکيل ڪتابن سميت سانگھڙ ناول ۾ حرن جي جدوجهد جو ورجاءُ ٿيندو رهندو آهي. سندس سانگھڙ ناول سنڌ ۾ لکيل ناولن جي فهرست ۾ اهم جڳهه والاري ٿو هن ناول جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن. هن مهان شخص جي عظمت جي اپٽار ڪرڻ لاءِ عبدالواحد آريسر ۽ شمشيرالحيدري سندس علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن تي روشني شاندار لفظن ذريعي جتي وڌي آهي، اتي وڏن وڏن اڪابرن به عثمان ڏيپلائي جي خدمتن جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن. محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي سموري زندگي جي گھڙين ۾ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو، هو جيل ۾ به رهيو ۽ زندگي جي ڪٺن ۽ ڏکين حالتن کي مڙسي سان منهن ڏنائين. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليائين. روهيڙي جي رتن گلن جيان جدوجهد جي گسن جو اهڙو پانڌي هو جيڪو جڏهن وڇڙيو ته اهي واٽون ويران ٿي ويون. سندس ڏوٿين مان اڄ تائين ڪوبه سندس خال ڀري به سگھيو آهي. بدقسمتي اها آهي جو محمد عثمان ڏيپلائي جا اهم ڪتاب ناياب ٿي ويا آهن. اها وقت جي گھرج آهي ته سندس ڪتابن کي علمي ادبي ادارا ٻيهر ڇپائي نوجوان نسل سان کيس روشناس ڪرائين ۽ سندس ڪتابن جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو وڃي. عثمان راهوڪڙو Urahookro@gmail.com