رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
غزل
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
اسان جي عشق جو عنوان اوهان ئي هو مٺا جانب
اسان جي سڪ جي ساعت اوهان ئي هو مٺا جانب
اسان جي محبتن جو نين کائي ٿو ائين ڄڻ شينهن
اسان جي چاه جي چاهت اوهان ئي هو مٺا جانب
اوهان کان دور ٿيندي هي سورن ۾ رهي دلڙي
اسان جي روح جي راحت اوهان ئي هو مٺا جانب
اوهان جو نور ئي آ نور هن سنسار ۾ سائين
اسان وٽ عاشقي عادت اوهان ئي هو مٺا جانب
سڄو سنسار آهي پيار ان کي جو پروڙي ڪو
اسان وٽ ميٺ هي محبت اوهان ئي هو مٺا جانب
لبستم دائودپوٽه