امڙين ۽ والدين جي خدمت ۾ نماڻو عرض ، تبصرا گهرجن

'راءِ شماري' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2016۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هيءَ به ته هڪ ماءُ آهي نه جيڪا پنهنجن ستن ئي ٻچڙن کي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا کير پيئارڻ سان گڏ بي پناھ محبت ٿي ڪري ۽ انهن جي پيدائش کان پوءِ انهنجي حفاظت لاءِ انهن کي ستن جاين تي وڃي لڪائي رکي ٿي پوءِ سردي يا گرمي کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڇاتي وڇاڻو ڪري انهن کي گرمي مهيا ڪري ٿي ۽ هلڻ گهمڻ کانپوءِ اگر گرمي جي موسم آهي ته هيءَ انهن کي پاڻ سان گڏ قدرتي هوا ۾ گهمائي ڦيرائي ٿي ۽ پالي وڏو ڪري جواني تائين رسائي ٿي... ، ۽ وڏي ڳالھ ته سال ۾ ٻه دفعا ڪيترن ئي ٻچن کي جنم ڏئي ٿي حيوان ٿي ڪري به نه هنجي پيار ۾ڪوتاهي نظر اچي ٿي نه ڪڏهن بيزار ٿئي ٿي ۽ پنهنجون سموريون ذميواريون بخوبي نڀاهي ٿي ! مان انهن امڙين ۽ مائرن کي مخاطب ٿي ادب مان عرض ڪرڻ چاهيندس جن جا صرف هڪ ٻه ٻار آهن ته خدارا گلن جهڙن ٻاڙن کي ڪڏهن به جهڻڪ نه ڏيو ۽ انهنجي بهترين پرورش سان گڏوگڏ معصومن کي سٺن اخلاقن سان سينگاريو پوءِ بهترين تعليم ڏئي انهنکي مستقبل جو معمار بڻايو ،ڪوڙ ڳالهائڻ يا ڌوڪيبازي ،چوري وغيره برا فعل ٻار اسانکان ئي سکندا آهن ، اگر اسان ۾ ڪوڙ جي بيماري هوندي ته يقيني طور ٻار به ڪوڙ ڳالهائيندو ،اسان ڌوڪيباز آهيون ته ٻارن تي به اهو اثر ٿيندو ، ڇا ڪو به والدين چاهيندو ته انجو ٻار وڏو ٿي چور يا ڌوڪيباز ٿئي !?

    [​IMG]
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مان متفق آهيان :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو