lajwab-sharing ان تصورير کي ڏسي ڪري مون کي سنڌي ڪهاوت ياد اچي وئي ته منهن ريڍو ......... ٻاڪري ها ها ها ادا اصل ۾ عرب اٺن ۽ گهوڙن تي چڙهڻ جا شوقين آهن ۽ اها انهن جي قديمي روايت آهي ۽ هي غريب ادي رشيد جهڙو ڏتڙيل آهي سو پهنجو شوق پورو نه ڪري سگهيو ڇوته اٺ خريد ڪرڻ جا پئسا جو ڪونه اٿس سو ان طرح پهنجو شوق پورو ڪرڻ جي ڪوشس ڪري رهيو آهي ادا اوهان جي شيئرنگ لا جواب آهي اوهان ته asul matt ادا lajwab-sharing جي مهرباني سهڻا
مٺا وحيد پنهنجي ڀلوڙ لکڻين سميت توهان جو فورم تي بهترين اضافو آهي۔۔۔۔۔۔ توهان جي آندل تصوير ۾ ٻروچن جو رنگ ڏسي ادا علي علي کي به پنهنجا وڏا ياد اچي ويا هوندا ۔۔۔
چلو ادا مڃو سي ته ان ۾ ٻروچ هئا پر هي شوق ٻروچن جو ڪونه ٿو لڳي ۽ آهي به اوهان جي پاسي جو پوء هي ڪنهن جي وڏن جو شوق آهي ڏاڍا ترقي پسند آهن اسان جي وڏن سائيڪل جو شوق ڪيو اوهان جن ته ڊاريڪٽ ڪار جو ها ها ها
ها ها ها ها ها ها ها ها ۔ ادا ڪنهن جا وڏا ڪنهن جا ننڍا، او ادا وحيد هنن کي پاڻ ۾ ٺاهه نه ته هي ٻئي پاڻ ۾ ٺٺوليون ڪندا، ڀلا وڙهو نه انهن جا نالا ويچاري ولو رکي ڇڏيا آهن۔ سائيڪل جو نالو ٻروچ سائيڪل ڪار جو نالو ڄاموٽ ڪار
هن کي چوندا آهن ٻه سواريون هڪ سوار ۔۔۔۔ اٺ بلاشڪ انهن جانورن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪي وزن کڻڻ جي ڪم ايندا آهن پر اٺ کان هن طرح به ڪم وٺي سگهجي ٿو۔۔۔۔ هي شايد اٺ به نه سوچيو هوندو ۔۔۔ صوماليه جو رهڻ وارو هي ماڻهون پاڻ سان گڏ هيترو سارو ساز وسامان ايتري تائين جو سائيڪل به اٺ تي لٽڪائي کڻي وڃي رهيو آهي۔۔۔۔ شايد ان لاءِ ته جڏهن هو اٺ جي سواري تان ٿڪجي وڃي ته سائيڪل جي سواري ڪري سگهي۔۔۔۔
ادا وحيد! اوهان اصل اهڙي دلڪش تحرير موڪلي آهي جو هن فورم جو منتظم اعلي ۽ نائب منتظم اصل پاڻ اهڙين ڏي وٺ ۾ وڪوڙجي ويا آهن جو ڳالهه وڃي چرچي کان چڙهي وئي آهي، ادا هاڻي ته پنهنجن وڏن تي اچي پهتا آهن۔۔۔ يار مان اوهان دوستن کي پهريان به روڪيو هئو ۽ هاڻي ٻيهر به روڪيندس ته يار ٻروچن جي باري ۾ نه لکو ۽ نه اٺن وارن جي باري ۾ لکو ادا هن ملڪ جو صدر به انهن ٻروچن مان آهي۔۔۔۔۔۔ يار ڪجهه ته ڪو خيال ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ٻه سواريون هڪ سوار hatt-parehatt-pare پر يار هتي ته تصوير ۾ هڪ سواري ٻه سوار پيا نظر اچن لڳي ٿو مون وارو منتظم جلدي ۾ هو يا پوء لکي موسي پڙهي خدا وارو چڪر آهي