جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل ---- شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل ---- شيخ اياز


    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين
    ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين

    ڪنهن لاءِ تڪين تو ڪانڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي ڪابه نه اچڻي آ
    جي تون به اچين او وڻجھارا! توکي به اُڪاري وينداسين

    درياھ اندر جا دهشت آ، ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي
    تون مان ته رڳو هن سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين

    ڪا جھِرمِر جھِرمِر جگنوءَ جي، ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي
    گھنگھور گھَٽا جو گھيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري وينداسين

    آ مرڻو هر هڪ ماڻهوءَ کي، پر آئين نه مرنداسين ساٿي
    ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين

    تون آءُ ته اوريون او راڻا، ڇو جيءُ سهي هي جھوراڻا
    تون ڇا کان ڇرڪين ٿو راڻا! اڄ ڪاڪِ ڪناري وينداسين

    ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اُوچي اُوچي اوٽ ڏسي
    زندان اڏائي وينداسين، زنجير پِگھاري وينداسين

    تنهن وقت به مون هي ڄاتو هو، هي ڪاريهر سان ناتو هو
    جي ساٿي ساٿ سڃاتو هو، هي مارِي ماري وينداسين

    تون ڪر، جو تو کي ڪرڻو آ، هي دور به نيٺ گذرڻو آ
    ڪنهن وقت ڏهيسر مرڻو آ، بنواس گذاري وينداسين
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل ---- شيخ اياز

    مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو