شعيب محمد
سينيئر رڪن

هي لاش هڪ استاد جو آهي جيڪو پنهنجي پگهار بند ٿيڻ کان پوء ذهني اذيت واري زندگي گذاري رهيو هو ۽ ان حالت ۾ هن خودڪشي ڪري ڇڏي سنڌ ۾ تعليم کاتي وارن هي جيڪا هٿ ٺوڪي بائيوميٽرڪ ٺاهي آهي ان جي هڪ رپورٽ تي استادن جي آڊي بند ٿي ڪئي وڃي اهي نه ئي ڪنهن شارٽ ليو کي مڃين ٿا نه وري ئي ڪنهن جي پنج منٽ دير سان پهچڻ کي نه ڪا انڪواري ڪئي ٿي وڃي نه ئي وري ڪو ڪنهن کي ليٽر ڏنو ٿو وڃي اها سراسر نا انصافي ۽ سنڌ سروس ايڪٽ 1935 جي ڀڃڪڙِي آهي
جيڪو گهر کان رسي ٿو اهو ويچارن استادن جي مٿان ڏمريو پيو اچي ڪڏهن ڊي سي ته ڪڏهن جج ته ڪڏهن وري بائيو ميٽرڪ وارا ڄڻ انهن پنهنجي ادارن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هجن توهان سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري اداري ۾ وڃو بغير پيس جي توهان جو ڪو به ڪم ڪو نه ٿيندو اهي پر انهن ادارن جهڙوڪ روينيو لوڪل بورڊ خزانه آفيس ايڪسائيز ايريگيشن اتي گورمنٽ چڪاس ٽيمون ڪو نه جوڙيندي جيڪي عوامي مسئلا ٻڌي ان جو تدارڪ ڪن ڇو ته اهي انهن کي مال ٿا ميڙي ڏيڻ ۽ اهو مال منسٽرن تائين ٿو وڃي
اهي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪامورا جيڪي پاڻ وڏا ڪرپٽ آهن اهي استادن جون پگهارون ٿا بند ڪن انهن جن پاڻ صرف لاڙڪاڻي ۾ 80 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي سنڌ جي پيسن کي لانچن ۾ ڀري دبئي پهچائڻ وارن کي استادن جي پگهار به هضم ڪو نه پئي ٿئي
سنڌ جي تعليم بائيو ميٽرڪ سان ڪو نه سڌرندي سنڌ جي تعليمي ادارن کي سٺي نصاب ۽ سهولتن جي ضرورت آهي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نه پيئڻ جو پاڻي آهي نه بجلي ته واش روم پر ان تي ڪم نه ڪبو
سڀ کان وڏا تعليم جا دشمن خود تعليم کاتي جا ڪامورا آهن جيڪي سمورا فنڊ هڙپ ڪيون ويٺا آهن هر جاء تي رڳو استادن کي بليڪ ميل ڪري پيسا پيا ڪمائين هر ڪم تي تعليم کاتي ۾ رشوت آهي ۽ خود سيڪريٽري ان ڪم ۾ ڪامورن سان ڀائيوار آهي هر اين او سي تي رشوت هر ٽرانسفر تي پيسا رٽائرمنٽ تي پيسا آڊي بند ٿئي ته به پيسا انهن جي خلاف ڪير ڪاروائي ڪندو