ڪاڏي وڃي رهيا آهيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪاڏي وڃي رهيا آهيون
    ؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
    ڪله جي ڳاله آ ...انگريز اچي ٿو1612 ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جوڙي هندستان تي َقبضو ڪري ٿو ۽ سڀ کان آخر ۾ سنڌ تي ڪاه ڪري ٿو جيڪو 1843 جو وقت آ ڪيٻائيندي ڪسڪائيندي سنڌ ۾ آيو پهرين سياسي پارٽي ڪانگريس جو بنياد وڌو ...هلندي هلندي 1906 ۾ مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو هاڻي هي سٽاءُ جنهن کي انگريزي ۾ پيٽرن چئبو آهي ڪنهن جوڙيو انگريز ....ان کان پو سياسي پارٽيون جڙڻ شروع ٿيون جڙنديون رهيون ٽٽنديون رهيون ٺهنديون رهيون جنهن جو تسلسل اڄ تائين جاري و ساري آ هو اسلام جي نالي به هزارين بلڪ لکين پارٽيون جڙي ويون جيڪي انگريزن جي نالي کان به ونءُ ويندا هيا ...هي بابا ڪهڙو شعور آ دانشمندي آ سياڻپ آ جو هن فرنگي جي ڏسيل واٽ تي هلي پياسين هن غير مسلم جي پيرن تي پير رکي هلڻ شروع ڪيو سين وڏين وڏين ڏاڙهين وارا به هن گانڌي گندي کي خانڪاهن ۾ ميٽنگس تي گهرائيندا رهيا اهو اسان جي مسلماني جو دڳ ته نه هيو نه ته پو اهو ڪهڙو نشو پياري ڇڏيو انگريز فرنگي جو ان جي ڏسيل واٽ تي هلندي سڀ شيون اڄ تائين انهن جي رنگ جون آهن جنهن ۾ ڪورٽن جو طريقو ،فوج جو عهدن جو استعمال ،دفتري طريقو مڪتب منجها اسڪول تي به جي وياسين هي سياسي پارٽين جڙڻ جو جوڙڻ جو شوق ان پارٽي جو صدر يا چيئر مين ٿيڻ لاءِ سڏائڻ لاءِ پنج چار ڪارڪن جوڙي مهان مرتبي وارو ....ڪنهن کي سنڌ جي وڏيرن جي پويان لڳايو ويو جيڪو سکيو ستابو سنڌي هنن جي اک ۾ ڪنڊو ...وري ڪي پرولتاريا جا پوڄاري ...ڪي بورجوازي بره ۾ ڀريل ڪنهن کي هٿ ۾ ڏانٽو ته ڪنهن کي پانو پڪڙ ته ڪنهن کي ڪوڏر ...ڪهاڙِ وسري وئي سڀ کان جيڪا وقت جي سنڌ جي سڃاڻ جنگين جو هٿيار موئن جي دڙي کان به اڳ جو هٿيار هيو سو اهميت وڃائڻ لڳو ...وري هو ڪجه نام نهاد جڙتو ڪو ڪميونسٽ ڪو دهريو ڪو سوشلسٽ ...اڙي بابا هي ته مساوات اسلام ۾ بهتر انداز ۾ سمجهايل آهي ان کان گهٽ به خراب يا وڌ ۾ بيڪار وارو الله جي طرفان انسانن کي سمجها يل طريقو وسري ويو !!!!! ڪله جي ڳاله آ سنڌ يونيورسٽي منجها اٺ جيڏا ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي هلڻ مورخ هجڻ کي بجو هڻڻ هيو ادراڪ کي گار هئي هڪڙن همراهن تي روس جو اثر جادو ٿي ڪم ڪرڻ لڳوجيڪي لينن جي آسمان جيڏيون تصويرون پنهنجن رومن ۾ لڳائي لڳائي پاڻ کي ترقي پسند ۽ ٻين کي جاهل سمجهڻ جي خوشفمهي ۾ رهيو جنهن ۾ ڪو مائوزي جو پڙهيل شاگرد ته ڪو پرولتاريه جا ڪوڙا اثر ويٺي هتي آزمايا ....ڪله جي ڳاله آ جيئي سنڌ ۾ ٻه وڏا ڌڙا جڙيا هڪ محترم قادر منگسي جيڪو نظرياتي سوچ وارو پاڻ کي چورائڻ لڳو ٻيو سچو ديشي پڪو ديشي ابو جهاد پئي سڏايو وقت ڏيکاريو ڪير مطلب پرست هيو ڪير سچو سنڌ سان هن سچي ديشي سنڌ قومي اتحاد جهڙا ڪارائتا جوڙ جوڙيا سنڌ جي هڪ ٿيڻ جا اڪيچار ايڪا ڪرائڻ جي جستجو ڪندو رهيو ۽ ها هو ڪله جو ڏينهن آ هو بهاري اچڻ وارا آهن سنڌ سڄي سراپا ڏمر ۾ ڏمرجي پئي هن صاحب موصوف جي اڳواڻي ۾ قافلا ڪراچي هلڻ لڳا هڪ گاڏي ڪرا چي ته ٻي ڪشمور تائين جي ريلي قافلو هلندو رهيو پورو ٿيڻ جو نانءُ نه پئي ورتو ....مبارڪو ن مبارڪو ن سٽار گيت تي اعلان ٿيو ته بهارن جو جهاز واپس ڪيو ويو آهي سنڌين جي هن پريشر ڏيڻ تي ....واه واه مڙس هجن ته اهڙا ....هو به ته ڪله جي ڳاله آ آزادي مارچ ڪري هن مڙس ملهايو سنڌ سان سچو رهندي سورهيائي ڪندي جڏهن قافلو شاه راه فيصل تان هڪ سهڻي سيج وانگر هلڻ لڳو ته مائر مرڪي پيون هيون ڀيڻن خوشين ۾ سهرا ۽ ڳيچ ڳاتا ها ها ...ها ..ها ڪله جي ته ڳاله آهي تبت سينٽر ائين محسوس ٿي رهيو هيو ته جيئن دريا سنڌ تبت منجها پنهنجو ڪر موڙي ماڻهن جي هن هجوم ۾ وهندڙ پاڻي ٿي پيو آ..... حرامن کي هي سنجوڳ نه وڻيو هي هجوم نه وڻيو هي تسبيح ۾ مڻيادار ٿيڻ نه وڻيو پنهنجن ئي سنڌين کان دوکي ڪرائيندي زهر ڏياري وئي اڙي او دوکي باز سنڌي پاڻي لپ ۾ ٻڏي مرين ها ههڙا جوڌا نه جدا ڪرين ها جنهن سان سنڌ ساري سوڳ ۾ هلي وئي سنڌي يتيم ٿي ويا هڪ ڀروسو هڪ ويساه هيو منهنجو بشير خان اڙي شل مار پوندي توکي الله جي جو ههڙو پيارو پٽ پنهنجي جيجل جي سيني تي لاگر ڪري ڇڏيو جيڪو سنڌ جو ساه هيون ويساه هيو ....ڳاله جي اصل رخ طرف وڃجي ته هي پارٽين جو طريقو انگريز جو ڏنل آهي جيڪو به سنڌ ۾ ۽ هن پوري خطي ۾ شآمل حال ڪيو ويو ٻه صديون پوئتي جو اسلوب به وسري ويو ...ڪاڏي وڃي رهيا آهيون ...هاڻي ته بي حيائي فهاشي بي غيرتائي هر ڪنڊ کان هر ستح تي ڀربي وڃي ٿي ڪو روڪڻ وارو ئي نه آهي ....هو موئن جي دڙي واري تهذيب پڳ پٽڪو ٽوپي پاڻ لاهي هلي پيا آهيون پٽ انگريز ٿيڻ جنهن ۾ هنج نه ٿي سگهياسين ڪاون واري ٽور ٿي وياسين ......
    .
    .
    .
    جاري
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو