• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي ۾ جي ناه جنبش ...

جيءَ ۾ جي ناه جنبش......
..............................
جيءَ ۾ جي ناه جنبش، پو ويڙها وطن جا سڀ ويڳاڻا
ڪارڪارڻ ڪرڻ لئه ڪوشش، ادا اٿي هي حل پراڻا
اصول پنهنجا اچو ته جوڙيون ،جيءَ پنهنجو جهان جرڪي
وطن جي ويري سان ويڙه وڙهجي، ڦري ٿووحشي اسان جا ناڻا
قلوب ۾ هي وڏو آ ڪافر، حق ڦٻائڻ ۾ وڏو حرفتي
سڀ سنڌين کي ٻڌايون سالک، سنڌي منهنجا اٿو پو راڻا
سڀ وسيلا ۽ ٻولي پنهنجي ،وس نه پنهنجي اچو ته سوچون
ڌاريا ڌوتا ٺڳ دهلي جا ،ورائي ويا هن وطن وٿاڻا
شهر جن جي ڪري ٿو دعويٰ، سي اسان جي جيءَ جنسار
هي ڪوڙو ۽ دعويٰ ڪوڙي ،نه ٿيو ادا پو ڪڏهن ڪوماڻا
اچو ته ته تڙيون هي غير سنڌي، سلهاڙجي سڀ سڪ سٿرجي
گمان ۾ ڀي نه ٿيون ڪي غافل، ڪيون نه محبت سنڌ ۾ ماڻا


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top